سنڌ جي مهان ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جو نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران 1985ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعو ”پسي ڳاڙها گُل“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. هي اسڪين ٿيل ڪتاب ڪرزمه جي ٿورن سان پيش آهي. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
ادا سليمان هي بهترين ڪتاب آهي هر ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ سان گڏ اها تاڪيد به لازم لکي وڃي ته ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ پاڻ ۾ مطالعو ضرور ڪيو يا اسان کي ئي راءِ ڏيو ڇو ته پنهنجي ياداشت کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين حل اهيو ئي آهي........... هڪ مجلس ۾ هڪڙو فرق جن کي مجلس ٻڌڻ سان دلچسپي هئي تن مجلس پڙهڻ واري جي ويجها ويٺا باقي آس پاس رهيا.. مجلس گذري ختم ٿي جڏهن عقيدت مند کان پڇيو ويو آهي مجلس ۾ ڇا ٻڌايو ويو ته چيائين الائي؟......... 15 منٽ جي مجلس سو به ويجهڙائي ۾ ٻڌي وئي پر ياد نه رهي سبب ٻڌڻ کان پوءِ انهن ان تي ويچارڻ مناسب ئي نه سمجهيو تنهن تي کيس چيم مجلس ۾ هما پکي جو ذڪر هو چيائين ها، شاهه لطيف جي بيت جو ذڪر هو چيائين ها، پوءِ جن پير کي مڃيون ٿا ان جي قل جماعت جو به ذڪر هو آخرت جو به ذڪر هو.... چائين ها پر ٻڌڻ کانپوءِ نه ويچارڻ سان زبان تي ۽ ذهن تي اهي ڳالهيون نه اچي سگهيو جيڪي عام طور تي اچڻ گهرجن
اوهان بلڪل صحيح فرمايو آهي ..... ڪتاب پڙهڻ گهرجن ۽ انهن تي ڪجهه سٽون لکي فيڊ بيڪ به ڏيڻ گهرجي. اوهان جي اها راء وڻي.