هِن دل کي بِرهه بڇاڻي ڪو، شعولو نه سهي ٽانڊو ئي سهِي

'استاد بخاري' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هِن دل کي بِرهه بڇاڻي ڪو، شعولو نه سهي ٽانڊو ئي سهِي
    مان ڀانيان مونکي ڀانئي ڪو، سُهڻو نه سهِي ڪوجهو ئي سهِي
    مان چاهيان ٿو ڪو چاهه ڪري دل سان نه سهِي دوکو ئي سهِي
    ڪو مُرڪي مُرڪي شرمائي، سچ پُچ نه سهي نخرو ئي سهي،
    ڪو ڀر ۾ اچي دل پُرڀائي، بوسو نه سهِي گفتگو ئي سهِي
    ها پيار ته پنهنجي وُس ناهي، همدردي جو جذبو ئي سِهي
    استاد جو جذبو ڳڀرو آ توڙي پِنڊو پوڙهو ئي سهِي
    هو مُون به مِٺا هڪ پيار لڌو، ساڀِيان نه سهِي سپنو ئي سهِي.
    اُستاد بخاري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو