فلسطين ارض مقدس..ماضي حال ۽ مستقبل...!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2014۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    فلسطين ارض مقدس
    [​IMG]
    زمين تي هڪ اهڙو تاريخي علائقو به آهي جيڪو هڪ ئي وقت مسلمانن، عيسائين ۽ يهودين لا مقدس ، محترم ۽ تعظيم لائق سمجهيو وڃي ٿو. هي ارضِ مقدس جنهن کي فلسطين جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي اهو علائقو زمانه قديم ۾ دريا روم جي اوڀر واري ڪناري جي پٽي کي چيو ويندو هو پر بعد ۾ اهي تمام علائقا به فلسطين ۾ شامل ٿي ويا جيڪي موجوده اسرائيل ، الهندو اُردن، ڏاکڻي شام ۽ اُلهندي لبنان تي مشتمل آهن. زماني جي لاهن چاڙهن دوران جيئن دنيا جي هر خطي جون سرحدون گهٽ وڌ ٿينديون رهيون تيئن ئي هي علائقو به پنهنجون حدون وقت به وقت تبديل ڪندو رهيو ۽ دنيا جو نقشو به بدلائيندو رهيو. دنيا جي تاريخ کي پڙهبو ته فلسطين جي عروج ۽ زوال جون ڪئين داستانون رقم ٿيل نظر اچن ٿيون.
    [​IMG]

    ارضِ مقدس فلسطين جو مسلمانن ۽ گڏوگڏ ٻين قومن عيسائين ۽ يهودين جي ديني ۽ دنياوي زندگي سان تمام گهرو تعلق آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن علائقي ۾ ٿيندڙ ڪاروايون بين الاقوامي زندگي کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿيون. الله پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ به هن مقدس سرزمين بابت مستقبل جي هڪ راهه مقرر ڪري ڇڏي آهي. فلسطين ۽ اسرائيل جي مسئلي کي سمجهڻ کان پهرين اسان کي فلسطين جي تاريخ، اهميت، ياجوج ماجوج ۽ ان شهر جي متعلق معلومات حاصل ڪرڻي پوندي،جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ جي آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
    هن مضمون ۾ مان موضوع جي مناسبت سان فلسطين جي حيثيت دنياوي، ديني، سياسي ۽ تاريخي اهميت بابت اهم ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ گڏوگڏ فلسطين ۾ يهودي مملڪت جو قيام ۽ ياجوج ماجوج جي حقيقت جو به ذڪر ڪندس. انشاالله.


    [​IMG]

    اڄ هرطرف مسلمانن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن. عيسائي ۽ يهودي لابي مسلمانن کي انتهاپسند دهشتگرد طور دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهن. افسوس ته اهو آهي ته اسان مسلمانن مان ئي هر ملڪ، هر قوم ۽ هر علائقي ۾ اهڙا هٿ ٺوڪيا گروهه تيار ڪيا ويا آهن جيڪي سندن مقصدن جي پورائي ۾ هر وقت مصروف رهن ٿا. اسلام جي جهنڊي هيٺ انهن مذهبي مفادپرست گروهن مان جيترو اسلام کي نقصان پهتو آهي اوترو ڪنهن به دور ۾ ڪنهن به اسلام کي نه پهچايو آهي.

    جديد دور جي اسلام دشمن ميڊيا کي رڳو اسلامي دنيا جي "دهشت گردي", ايران جو ايٽم بم، مسلمان ملڪن ۾ عورتن تي ٿيندڙ "ظلم" ، مسلمانن جي پيدا ڪيل پريشاني ۽ هر طرف بيچيني نظر اچي رهي آهي...!! اسلام جي امن پسند پاليسين کي نظر انداز ڪري اهي اسلام کي دهشگرد مذهب طور دنيا آڏو پيس ڪري رهيا آهن.

    پاڻ کي مهذب ۽ ترقي يافته قومون سڏرائيندڙ عيسائي ۽ يهودي ۽ انهن جا حمايتي پنهنجن مفادن خاطر مسلمانن کي انتها پسند، دهشت گردن جي روپ ۾ ڏيکاري رهيا آهن ۽ انهن جي ظلمن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انهن مان نجات حاصل ڪرڻ لا هر "نافرمان ملڪ" ۾ فوجي ڪاروائين سميت "اصلاحي" ڪوششون به جاري و ساري رکيو ويٺا آهن.

    دنيا ۾ انهن سڀني اهم ڪاروائين جو تعلق گهڻي قدر عرب ملڪن سان جوڙيو ويندو آهي، چاهي اهو "مالي مدد" جي شڪل ۾ هجي يا ٻي ڪنهن صورت ۾. جڏهن ته عرب ملڪن لا هڪ اهم معاملو آهي ارضِ مقدس فلسطين، جنهن تي هن وقت تائين اسرائيلي قوم تقريبن مڪمل طرح سان قبضو ڪري ورتو آهي..!! غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ ٿيندڙ تمام غير انساني ظلمن جون پاڙون انهي مقام تان نڪرن ٿيون.

    [​IMG] [​IMG]
    مختلف سببن جيڪري عرب جي سرزمين قديم زماني کان اڄ تائين دنيا لا هڪ ڪشش رکي ٿي. دنيا جي تاريخ ۽ سياست کي سمجهڻ لا يروشلم ۽ اوڀر وچ واري حصي کي سمجهڻ بيحد ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو عرب سرزمين جو اهو خاص علائقو "فلسطين" اڄ دنيا جو سڀ کان اهم ترين موضوع بڻيل آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اختلاف اسرائيل حڪومت جو فلسطين ۾ قيام تي آهي. پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اڄ به هن رياست کي قبول ناهي ڪيو. ان جي باوجود هي رياست عرب ۽ سڄي دنيا لا هڪ عذاب بڻيل آهي.

    اسرائيل جي وجود ۽ يهودين پاران سڌي ۽ اڻ سڌي طرح مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جا داستان ڄاڻڻ کان پهرين اسان کي قرآن پاڪ کي کولڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو قرآن پاڪ الله رب العزت جو اهو آخري پيغام آهي جيڪو قيامت تائين جي حالاتن ۽ واقعن جي باري ۾ دنيا جي رهنمائي ڪري ٿو.

    [​IMG]
    حضرت مولانه عبدلاڪريم لغات القرآن جي صفحي 15 تي لکي ٿو ته
    قرآن مجيد آخرت جي عقيدي سميت مستقبل ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ انسانن کي ڪهڙين ڪهڙين منزلن تان سفر ڪري ڪهڙي مقام تي پهچڻو آهي ان جي تفصيل سان ڀريو پيو آهي ۽ اهو قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ جو مقصد به آهي ته جيئن انسان مرڻ کان پهرين هدايت جو رستو اختيار ڪري جيڪو قرآن ان جي سامهون رکي ٿو.
    يروشلم متعلق الله پاڪ پنهنجي ڪتاب ۾ رهنمائي ضرور ڪئي هوندي. هر صاحب عقل پنهنجي پنهنجي علم، سمجهه ۽ عقل موجب ان مان رهنمائي حاصل ڪري ٿو. قرآن پاڪ ۾ اسرائيلي حڪومت متعلق ان جي رهنمائي هن طرح ٿي رهي آهي.

    [​IMG]
    [​IMG]
    ۽ جنھن ڳوٺ کي ناس ڪيوسون تنھن تي حرام ٿيل آھي ته وري موٽي ايندا اُھي.

    تان جو جڏھن يَاجُوج ۽ مَاجُوج کي کولبو ۽ اُھي سڀڪنھن دڙي کان ڊوڙندا.
    (سورت الانبيا آيت 95،96)

    هنن آيتن ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو ته جنهن ڳوٺ کي اسان تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو انهن جي رهواسين تي پابندي آهي ته اهي اتي نٿا وڃي سگهن، جيستائين ياجوج ماجوج آزاد نه ٿي وڃن ۽ اهي سڀ بلندين کان لهندي نظر ايندا.

    ڪلام الاهي تي گهري نظر رکندڙ ماڻهن لا هنن آيتن ۾ ڪافي نشانيون آهن، هي آيتون اسرائيل جي رياست جي قيام ۽ ان جي سببن جي باري ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون.

    محترم دوستو...اها ڳالهه قابلِ غور آهي ته قرآن پاڪ ۾ هن مقدس سرزمين فلسطين جو ڪيترن ئي جاين تي ۽ ڪيترن ئي نبين سان گڏ ذڪر ڪيو آهي. سورت بني اسرائيل جي آيت 1 کان 10 اهي آيتون آهن جن ۾ هڪ ٻئي پُٺيان فلسطين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هڪ جا تي المسجدالاقصى ۽ ٻي جا تي لتفسدن في الارض مرتين ۽ پو وليدخلوا المسجد کما دخلوه اول جا لفظ آيا آهن. انهن آيتن ۾ دنيا لا ۽ خاص طور تي مسلمانن لا الله پاڪ هڪ روشني فراهم ڪئي آهي. هي آيتون مسلمانن لا پنهنجو سياسي لائحه عمل ۽ مستقبل جي منصوبه بندي ڪرڻ لا رهنمائي مهيا ڪن ٿيون.

    هلندڙ.....
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏31 جولائي 2014
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين تمام بهترين معلومات، جاري رکندا
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻو ۽ تاريخي سلسلو شروع ڪيو اَٿَوَ ، جزاکم الله خير
     
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    فلسطين جي ماضي جون ڪجهه اهم جهلڪيون

    [​IMG]
    فلسطين لفظ اصل ۾ "فلستني" مان نڪتل آهي. عام طور تي اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته فلستني انهن حمله آورن کي چوندا هئا جيڪي ڪريٽ مان اچي هن علائقي ۾ آباد ٿيا هئا.(ڪريٽ دريا روم جي اڀرندي پاسي يونان جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي) اهي ماڻهو شروعات ۾ حيفه ۽ ڏاکڻي ريگستان جي وچ ۾ 40 ميل ڊگهي ۽ 15 ميل ويڪري علائقي ۾ آباد ٿيا هئا. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهلِ بابل، اهلِ فارس ۽ اهلِ مقدونيه فلسطين تي هڪ ٻئي پُٺيان حڪومتون ڪندا رهيا هئا.

    فلسطين جا اصل رهاڪو مسلمان يا يهودي...!!؟
    [​IMG]

    مختلف تاريخي ڪتابن ۾ فلسطين جي اصل رهاڪن بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. جن جو مختصر ذڪر هتي ڪجي ٿو.
    • فلسطين جا سڀ کان پهريان رهاڪو اهي ماڻهو هئا جيڪي سامي النسل جا هئا، اها هڪ عرب نسل قوم هئي جيڪا قديم دور ۾ عرب کان لڏي فلسطين ۾آئي هئي.
    • سڀ کان پهرين يهودي فلسطين جي علائقي ۾ اندازن 1200 يا 1400 قبل مسيح ۾ آباد ٿيا هئا. يهودي اصل ۾ ريگستاني عربن جي هڪ خانه بدوش قبيلي عبيرو جي نسل مان آهن.
    • يهودي روايتن ۾ آيل آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام کين سڀ کان پهريان فلسطين وٺي آيو هو ۽ پو مصر ڏانهن وٺي ويو. اتي مصر ۾ بني اسرائيل کي غلام بڻايو ويو، مصر جي حڪمران فرعون راميسس دوم بني اسرائيل تي وڏا ظلم ڪيا ، جنهن کانپو الله پاڪ حضرت موسى عليه السلام کي پيدا ڪيو جنهن 6 لک بني اسرائيل کي 1391 قبل مسيح ۾ فرعون جي غلامي مان نجات ڏياري. ان وقت مصر ۾ فرعون ميرن پتاهه (Meren Ptah) جي حڪمراني هئي. هڪ اندازي موجب اٽڪل چاليهه سالن کان پو نئين نسل يوشع جي قيادت ۾ فلسطين جي علائقي ۾ ٻيهر داخل ٿي.
    • 1274 قبل مسيح ۾ يوشع فلسطين جي اصل رهاڪن فلسطينين کي شڪست ڏئي ان علائقي تي قبضو ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح سان دنيا ۾ يهودين جي سياسي زندگي جي شروعات فلسطين جي فتح سان ٿئي ٿي.
    فلسطين جي تاريخ جا خاص رخ (زمانه قديم کان حضرت عيسى عليه السلام جي ولادت تائين)
    [​IMG] [​IMG]
    • 1000 قبل مسيح ۾ حضرت دائود عليه السلام جي زماني ۾ سڄي فلسطين تي يهودين جو قبضو ٿي چڪو هو، يروشلم نئين حڪومت جو گاڌي جو هنڌ بڻايو ويو.
    • حضرت دائود عليه السلام کان پو سندن فرزند حضرت سليمان عليه السلام انتهائي دانائي سان حڪمراني ڪئي.
    • حضر سليمان عليه السلام کان پو سندن پُٽ يروبوم (Jeroboam) حڪمران ٿيو ته بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن مان ڏهن قبيلن ان جي اطاعت نه ڪئي، اهڙي طرح فلسطين جي حڪومت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. يروشلم هڪ حصي جو گاڌي جو هنڌ بڻيو ته ٻئي حصي جو سامريا شهر بڻيو.
    • 1025 قبل مسيح دوران هن علائقي تي سائول (طالوت) نالي هڪ حڪمران حڪومت ڪئي هئي. بعد ۾ 935 قبل مسيح تائين يهودي خود مختيار حڪمران رهيا.
    • 930 قل مسيح ۾ مصري هن علائقي تي قابض ٿي ويا.
    • 895 قبل مسيح ۾ يروشلم کي يهوداهه (Yahudah) قوم جي عسى (Asa) آزاد ڪرائي ورتو.
    • 597 قبل مسيح دوران فلسطين تي اشور بادشاهه بخت نصر حملو ڪيو جنهن جي سو سالن کان پو ان تي فارس جي بادشاهه سائرس جو قبضو ٿي ويو هو.
    • 332 قبل مسيح هن علائقي تي سڪندر مقدوني حملو ڪيو ۽ 320 قبل مسيح ۾ ٽالمي يروشلم ۾ فاتحانه داخل ٿي يونان جو سياسي ۽ ذهني اثر قائم ڪيو هو. يوناني عهد حڪومت ۾ تورات وغيره جو عبراني مان يوناني زبان ۾ ترجمو به ٿيو.
    • 223 قبل مسيح ۾ انطاڪيه اعظم (Antiochus the great) جيڪو شام ملڪ جو حڪمران هو فلسطين جي حيثيت ختم ڪري ڇڏي پر 168 قبل مسيح ۾ جڏهن شامين يهودين جي عبادت گاهن جي توهين ڪئي ته ان تي بغاوت ٿي وئي جنهن جي نيتيجي ۾ 100 قبل مسيح ۾ هڪ آزاد يهودي رياست جو قيام عمل ۾ آيو.
    • يهودين جي حڪومت دوران ملڪ ۾ وڏي پيماني تي بدنظمي ٿيڻ لڳي ۽ ان جو فائدو وٺي روم جي سلطنت يهودي رياست کي شڪست ڏئي پنهنجو قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
    • رومي عهد حڪوت دوران فلسطين ۾ حضرت عيسى عليه السلام جي پيدائش ٿي جنهن جي تبليغ سان دنيا ۾ عيسائيت جو ظهور ٿيو.
    فلسطين اسلامي تاريخ جي روشني ۾.....
    [​IMG]
    اسلامي تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان پهرين حضرت يعقوب عليه السلام جي پٽن فلسطين جي علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي حضرت يعقوب عليه السلام جو ٻيو نالو اسرائيل به هو. پاڻ 4 شاديون ڪيائون ، سندن گهروارين جا نالا هن ريت آهن.
    1. ليا 2. راحيل 3. زلفه باندي 4. بلحه باندي
    انهن گهروارين مان کين 12 پٽن جو اولاد ٿيو.
    1. راؤبين 2. شمعون 3. لادي 4. يهودا 5. ويساڪر 6. زبولون 7. جاوا 8. بشرا 9. وان 10. تفتان 11. حضرت يوسف عليه السلام 12. بنيامن.

    حضرت يعقوب عليه السلام جي انهن سڀني پٽن جون شاديون ٿيون ۽ هر ڪو صاحب اولاد ٿيو ۽ پو وڌندي وڌندي اهي 12 قبيلا بڻجي ويا. تاريخ ۾ انهن ٻارهن ئي قبيلن کي بني اسرائيل سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

    عام طور تي يهودي پاڻ کي حضرت يعقوب عليه السلام جي اولاد چوندا آهن. لفظ يهودي حضرت يعقوب عليه السلام جي هڪ فرزند يهودا مان نڪتل آهي ڇو جو اهي حقيقت ۾ ان جي نسل مان آهن. يهودي پاڻ کي حضرت ابراهيم عليه السلام جي اولاد به چوندا آهن. (حضرت يعقوب عليه السلام حضرت اسحاق عليه السلام جو فرزند ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جو پوٽو هو.) يهودين کي اسرائيلي ۽ عبراني پڻ چيو ويندو آهي. ڏٺو وڃي ته يهودين ۾ هڪ به اهڙي ڳالهه موجود نه آهي جنهن مان اندازو ٿئي ته اهي انهن برگزيده نبين جي اولاد چورائڻ جا حقدار آهن.

    هلندڙ.....
    نوٽ: فلسطين جي تاريخ ۽ مسجدالاقصى بابت وڌيڪ معلومات لا هن مضمون کي به پڙهڻ جي ضرورت آهي.

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 آگسٽ 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڏٺو وڃي ته يهودين ۾ هڪ به اهڙي ڳالهه موجود نه آهي جنهن مان اندازو ٿئي ته اهي انهن برگزيده نبين جي اولاد چورائڻ جا حقدار آهن.
    اوهان جي مٿين سِٽ سان متفق نه آهيان ڇو ته پوري انسان ذات جناب حضرت آدم عليه سلام جي اولاد آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مضمون تمام بهترين دلچسپ آهي اوهان جو پيرائتو انداز به لکَ لهي ، وري وري پڙهڻ تي دل اُٿلي پئي. اوهان بائبل جي يشُوع ۽ قرآن شريف جي حوالن کي ڪٺي ڪيو آهي ان لاءِ اوهان کي جس هجي.
    جماعت اسلامي جو سابقه امير ۽ سابقه ڪمونيسٽ منور حسن جو به هڪ بهترين ڪتاب ارض فلسطين لکيل اٿوَ. مون وٽ ان جي ڪاپي هئي جا مرحوم مولانا جان محمد عباسي صاحب مونکان (ڪوئيٽا ۾ آيل هو) ورتي هئي ان بعد اها ڪاپي مونکي واپس نه ملي ۽ نه ئي ٻيهر هٿ ڪري سگهيس. شايد ڪراچي ۾ ڪٿان اوهان کي ملي وڃي اوهان جي مضمون لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ... هن پيرائتي مضمون کي مڪمل پڙهڻ جو شوق آهي.

    اسلامي سيڪشن ۾ شايد ڪجهه پابنديون آهن تنهنڪري هن اهم موضوع کي ٻئي هنڌ منتقل ڪجي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين معلومات سائين. توهان جي محنت تي لک واڌايون.
     
  9. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا رضوان جمالي...توهان جي ڳالهه به درست آهي پر ان لحاظ سان ڏسبو ته پو ڪنهن به فرد واحد يا سڄي قوم کي سندن غلط ڪمن تي تنقيد نه ڪري سگهبي، خاص طور تي جڏهن اُهي پنهنجي ڪنهن وڏي محترم هستي جي نالي کي استعمال ڪندي انهن وحشي عملن جو جواز ڄاڻائين.
    يهودي قوم پنهنجي هر غير انساني، غير قانوني ۽ ظالمانه عمل کي پنهنجي مذهب جي هدايتن موجب سمجهي ٿي. جيڪڏهن اُهي انهن الله پاڪ جي نبين جي اولاد سڏرائيندي اهي ظلم ۽ جبر وارا ڪم ڪندا ته عام زبان ۾ اهو ئي چيو ويندو ته کين ڪو حق ناهي ته اهي انهن محترم نبين جو اولاد سڏرائين.

    منور حسن صاحب جو ڪتاب ارض فلسطين نيٽ تي شايد موجود نه آهي. هن مضمون کي لکڻ کان پهرين ڪافي ڪوششن باوجود نيٽ تان ڪو خاص مواد يا ڪتاب ملي نه سگهيو آهي. مون وٽ اُردو انسائيڪلو پيڊيا (فيروز سنز لاهور) ، جامع اردو انسائيڪلوپيڊيا (جلد اول ۽ دوئم) ، نشاناتِ ارض قرآن، تبرڪات انبيا، آسمان ، ڌرتي ۽ انسان (از مولوي نور محمد سنڌي) ۽ فلسطين مين يهودي مملڪت ڪا قيام اور ياجوج ماجوج (از محمد عارف شريف) وغيره موجود آهن جن جي مدد سان هي مضمون تيار ڪري رهيو آهيان ۽ تصويرون گوگل تان سرچ ڪري موضوع جي مناسبت سان شامل ٿي رهيون آهن.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جيئن به آهي محنت جاري رهي ، هي مسلمانن جي دل ۾ ڇُرو گهونپيل آهي.
    اڄ 8.00 شام جو ايڪسپريس ٽي وي تي پروگرام هليو هو ( تڪرار ) ان ئي موضوع سان لاڳاپيل هو، شايد ٻيهر به هلي جنهن ۾ هڪ سال اندر مڪمل چار ڳاڙها چنڊ گرهڻ ، مئي2014، آڪٽوبر 2014، اپريل 2015 ۽ سيپٽمبر 2015 ۽ يهودين جا خيال، ان ۾ حافظ سعيد ، علامه ابتسام ظهير الاهي ، اوريا جان مقبول ۽ ٻيا ڪئي سياسي پنڊت نجومين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هي به ڏسڻ وٽان پروگرام آهي . سُهمت ٿيڻ يا نه ٿيڻ الڳ آهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    فلسطين جي اهميت اسلام جي نظر ۾.....
    [​IMG]
    محترم دوستو...فلسطين اهو مقام آهي جنهن کي الله پاڪ سورت اسرى ۽ سورت بني اسرائيل ۾ پاڪ ۽ برڪت واري زمين جي نالي سان ياد ڪيو آهي ۽ جتان محبوبن ڪريمن صلي الله عليه وآله وسلم جن جي معراج جو سفر شروع ٿيو هو. فلسطين ۾ موجود مسجد الاقصى ڪا عام مسجد نه آهي، هي اُها مسجد اقصى آهي، جنهن جي باري ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته....
    پنهنجي گهر ۾ نماز پڙهڻ سان صرف هڪ نماز جو ثواب ملندو آهي، پاڙي جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ سان 25 نمازن جو ثواب، جامع مسجد ۾ 50 نمازن جو ثواب، مسجد اقصى ۾ 25 هزار نمازن ( ڪجهه روايتن موجب 50 هزار نمازن) جو ثواب، مسجد نبوي ۾ 50 هزار نمازن جو ثواب ۽ مسجد حرام ۾ هڪ لک نمازن جو ثواب ملندو آهي۔
    (سنن ابن ماجه۔ جلد اول)

    فلسطين ۾ موجود قبته الصخره

    [​IMG]
    مسجد الاقصى جو مرڪز قبته الصخره آهي جنهن کي مقام صخره (Domb of the Rock) به چوندا آهن. هي اهو ئي مقام آهي جنهن کي مسلمانن جو پهريون قبلو هئڻ جو شرف حاصل آهي ۽ انهي مقام کي الله پاڪ جي ڪيترن ئي اڳوڻن نبين جو قبلو هئڻ جو به شرف حاصل آهي.

    هيڪل سليماني ڇا آهي...!!؟
    [​IMG]

    اسلامي مفڪرن مطابق حضرت دائود عليه السلام پهريون نبي هو جنهن صخره جي مقام تي الله تعالى جي عبادت لا هڪ مسجد تعمير ڪئي هئي ۽ بعد ۾ سندس فرزند حضرت سليمان عليه السلام انهي مسجد کي جنن ۽ ٻي غيبي مخلوق جي ذريعي ويڪرو ڪرايو. ياد رهي ته حضرت سليمان عليه السلام کي الله پاڪ هوا ۽ ٻين مخلوق تي حڪمراني ۽ طاقت به عطا ڪئي هئي.
    حضرت سليمان عليه السلام صخره واري جا تي الله پاڪ جي حڪم مطابق هڪ اُوچو مقام ٺهرايو، ان جي چؤطرف الله پاڪ جي عبادت لا هڪ عظيم مسجد به تعمير ڪرايائين. انهي مسجد کي "قبله اول" جو شرف حاصل ٿيو. اهو مقام ۽ اها مسجد الله پاڪ جي عبادت لا مخصوص ٿي وئي هئي. انهي مقام کي سڄي دنيا ۾ هيڪل سليماني جي نالي سان وڏي شهرت ملي.
    جڏهن مسلمانن يروشلم فتح ڪيو ته 637 عيسوي ۾ اميه خليفي جي دور ۾ هڪ مسجد تعمير ڪئي وئي هئي ۽ ان تي هڪ گنبذ نصب ڪيو ويو. هڪ روايت موجب قبته الصخره ۽ مسجد الاقصى ٻنهي عظيم عمارتن جي تعمير اموي خليفي عبدالملڪ بن مروان 72هجري بمطابق 691ع ۾ ڪئي هئي۔جنهن کان پو سندس فرزند وليد بن عبدالملڪ مسجد اقصى کي نئون رنگ روپ ڏنو۔هي مسجد 6 سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿي هئي.
    [​IMG]
    هي اهو ئي گنبذ آهي جنهن کي اڄ اسان تصويرن ۾ ۽ ٽيلي وزن تي ڏسندا آهيون ۽ مسجد الاقصى جي نالي سان سڏيندا آهيون. هن مسجد جو رخ حرم شريف يعني مڪي پاڪ جي طرف آهي.
    مسجدالاقصى اسلامي دنيا ۾ ڪعبته الله کان پو سڀ کان قديم اڏاوت تسليم ڪئي وڃي ٿي. بدقسمتي سان اهو مقام 1967ع کان اسرائيلي يهودين جي قبضي هيٺ آهي. اسان سڀني کي خبر هئڻ گهرجي ته فلسطين ۾ اها محترم ۽ مقدس عبادت گاهه اسرائيل ۽ فلسطيني مجاهدن جي وچ ۾ اصل جهيڙي جو ڪارڻ آهي.
    دنيا جي ٽن وڏن مذهبن لا مقدس، محترم ۽ تعظيم لائق مقام جي اسرائيلي فوجين هٿان تذليل جون ڪجهه تصويري جهلڪيون...!!!
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG] [​IMG] [​IMG] [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    مسلمانن جو پهريون قبلو....!!
    اسلامي تاريخ موجب رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن معراج واري رات مقام صخره جي طرف رخ ڪري نماز ادا ڪئي هئي. مديني جي هجرت کان پو به محبوبن ڪريمن صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجن سڀني اصحابي سڳورن سميت قبله اول جو رخ ڪري ئي نماز ادا ڪندا هئا ڇاڪاڻ جو ان وقت تائين الله پاڪ طرفان مڪي ۾ ڪعبته الله کي قبلو هئڻ جو درجو نه ڏنو ويو هو. سورت البقره جي آيت 142 ۽ 143 ۾ الله پاڪ جو ارشاد آهي ته...
    [​IMG]
    ماڻھن منجھان ڪي بي سمجھ سگھو چوندا ته اُنھن (يعني مسلمانن) کي سندن اُھو قبلو جنھن ڏي (نماز پڙھندا) ھئا تنھن کان ڪھڙيءَ ڳالھ ڦيرايوَ؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سِڌيءَ واٽ ڏانھن دڳ ڏيکاريندو آھي.

    [​IMG]
    ۽ (جھڙي طرح اوھان جو قبلو ڀلو ڪيوسين) اھڙيءَ طرح اوھان کي ڀلي ٽولي ڪئي سون ته ماڻھن تي شاھد ھجو ۽ پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي، ۽ (اي پيغمبر) جنھن (طرف) تي (اڳي) ھئين تنھن کي قبلو مقرر نه ڪيو ھو سون مگر ھن لاءِ ته جيڪو پيغمبر جي پٺيان لڳي تنھن کي اُنھيءَ کان نکيڙيون جيڪو پنھنجين کڙين (ڀر پوءِ) تي ڦري، ۽ بيشڪ (اِھو) جن کي الله ھدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻـين) تي ضرور ڏکيو آھي، ۽ الله جو شان اھڙو نه آھي جو اوھان جي ايمان کي وڃائي، ڇو ته الله ماڻھن سان ضرور شفقت ڪندڙ مھربان آھي.


    فلسطين جو ذڪر قرآن پاڪ ۾....!!
    [​IMG]
    الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
    [​IMG]
    اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
    [​IMG]
    ۽ مُوسىٰؑ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ڪيوسون (۽ چيوسون) ته مون کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڀرجھلو نه وٺو.
    [​IMG]
    اي (ان قوم جو) اولاد جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اھو شاڪر ٻانھو ھو.
    [​IMG]
    ۽ بني اسرائيلن ڏانھن ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون ته اوھين مُلڪ ۾ ٻه ڀيرا فساد ضرور ڪندؤ ۽ اوھين وڏي وڏائي سان ضرور ھٺيلائي ڪندؤ.
    [​IMG]
    پوءِ جڏھن ٻنھي مان پھريون انجام (فساد جو) ايندو (تڏھن) اوھان تي پنھنجا ڏاڍا سورھ ٻانھان کڙا ڪنداسون جي شھرن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا، ۽ اھو انجام (پورو) ٿيڻو آھي.
    [​IMG]
    وري اوھان کي ھڪ ڀيرو مٿن غلبو ڏينداسون ۽ مال ۽ اولاد سان اوھان کي (لڳولڳ) وڌائينداسون ۽ اوھان کي لشڪر ڪري گھڻا ڪنداسون.
    [​IMG]
    جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ته (اُھا چڱائي) پاڻ لاءِ ڪندؤ، ۽ جيڪڏھن اوھين بڇڙائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ، پوءِ جڏھن ٻيو انجام (فساد جو) پھچندو ته ٻيا اوھان جا منھن ارھا ڪندا ۽ اھڙي طرح مسجد ۾ گھڙندا جھڙي طرح ان ۾ پھريون ڀيرو گھڙيا ھوا ۽ جنھن تي غالب ٿيندا تنھن کي چڱي طرح اجاڙيندا.
    [​IMG]
    (چيو ويو ته) اوھان جو پالڻھار ويجھو ئي اوھان تي ٻاجھ ڪندو، ۽ جيڪڏھن اوھين (وري) ڦرندؤ ته اسين به (سزا ڏيڻ ڏانھن) ڦرنداسون، ۽ ڪافرن لاءِ دوزخ کي بندي خانه مقرر ڪيوسون.
    [​IMG]
    ھيءُ قرآن انھي (واٽ) ڏانھن رستو ڏيکاريندو آھي جيڪا ڏاڍي سِڌي آھي ۽ انھن مؤمنن کي خوشخبري ڏيندو آھي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن انھن لاءِ وڏو اجر آھي.
    [​IMG]
    ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿون.

    سورت بني اسرائيل جي شروعاتي ڏهن آيتن جو مفهوم

    • الله تعالى هڪ رات جي اندر پنهنجي هڪ ٻانهي کي مسجد حرام "پري واري مسجد" ( مسجد الاقصى) تائين وٺي ويو. جنهن جي ماحول ۽ جا کي ان برڪت ڏني آهي ته جيئن کيس پنهنجون ڪجهه نشانين جو مشاهدو ڪرائي، حقيقت ۾ اهو ئي سڀ ڪجهه ڏسندڙ ۽ ٻُڌندڙ آهي.
    • اسان ان کان پهرين موسى (عليه السلام) کي ڪتاب ڏني هئي ۽ ان کي بني اسرائيل لا هدايت جو ذريعو بڻايو هو. کيس اها تاڪيد ڪئيسون ته مون کان سوا ڪنهن کي به پنهنجو وڪيل (جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي) نه بڻائجان. تون انهن ماڻهن جي اولاد آهين جن کي اسان نوح (عليه السلام) سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار ڪرايو هو، ۽ نوح هڪ شڪر گذار ٻانهو هو.
    • پو اسان پنهنجي ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي ان ڳالهه تي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته توهان ٻه ڀيرا زمين تي "فساد عظيم" برپا ڪندؤ ۽ وڏي سرڪشي ڏيکاريندؤ.
    • آخرڪار جڏهن انهن مان پهرين سرڪشي جو موقعو آيو ته اي بني اسرائيل اسان توهان جي مقابلي تي پنهنجا اهڙا ٻانها آندا جيڪي نهايت زور آور هئا ۽ اهي توهان جي ملڪ ۾ گهڙي ويا ۽ هر طرف ڦهلجي ويا. هي هڪ وعدو هو جنهن کي پورو ٿيڻو ئي هو. ان کان پو اسان توهان کي انهن تي غلبو ڪرڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو ۽ توهان کي مال اولاد ذريعي مدد ڏني، توهان جي تعداد پهرين کان وڌائي ڇڏيسون. ڏسو! توهان ڀلائي ڪئي ته اها توهان جي پنهنجي لا ئي ڀلائي هئي ۽ برائي ڪئي ته اها به توهان جي پنهنجي ذات لا برائي ثابت ٿي.
    • پو جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو ته اسان ٻين دشمنن کي توهان تي مسلط ڪيو ته جيئن اهي توهان جون "شڪليون" بگاڙي ڇڏين ۽ "مسجد" (بيت المقدس) ۾ اهڙي طرح گهڙي وڃن جهيڙي طرح پهرين دشمن گهڙيا هئا ۽ جنهن شي تي انهن جو هٿ پوي اها تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين.
    • ٿي سگهي ٿو هاڻ توهان جو رب توهان تي رحم ڪري پر اگر توهان ٻيهر پنهنجي ساڳي روش برقرار رکي ته اسان به وري پنهنجي سزا کي دهرائينداسين ۽ ڪافر ماڻهن لا اسان جهنم کي قيدخانو بڻائي رکيو آهي.
    محترم دوستو...اها هڪ حقيقت آهي ته الله پاڪ جو آخري پيغام قرآن شريف انسانن کي اها راهه ڏسي ٿوجيڪا بلڪل سڌي آهي. جيڪي ماڻهو ان سڌي رستي کي سمجهي ڀلا ڪم ڪرڻ لڳن ته انهن کي بشارت ڏئي ٿو ته انهن لا وڏو اجر آهي ۽ جيڪي ماڻهو آخرت کي نه مڃين انهن کي خبردار ڪري ٿو ته انهن لا الله پاڪ خوفناڪ جا (جهنم) تيار ڪري رکيو آهي.

    سورت بني اسرائيل جي انهن ڏهن آيتن ۾ هڪ جا تي المسجد الاقصى ۽ ٻي جا تي لتفسدن في الارض ۽ پو وليد خلوا المسجد کما دخلوه اول جا لفظ آيا آهن. اچو ته قرآن پاڪ جي انهن لفظن تي غور ۽ فڪر ڪريون.....

    مسجدالاقصى فلسطين جي قديم شهر يروشلم ۾ هڪ مذهبي جڳهه جو نالو آهي. ان کي Temple Mount ۽ Mount Moriah کان علاوه بيت المقدس جي نالي سان به دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي. يهودي ٻولي Hebrew ۾ انهي مقام کي Beit HaMikdash چيو ويو آهي. يهودين جي روايتن موجب Temple Mount اها جا آهي جتي God ڇهه ڏينهن ۾ دنيا ٺاهي ستين ڏينهن آرام ڪيو هو ۽ سڄي دنيا انهي مقام تان وجود ۾ آئي آهي. انهن جي چوڻ موجب حضرت آدم عليه السلام جي تخليق لا به الله پاڪ انهي جا تان مٽي جمع ڪئي هئي ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي فرزند حضرت اسحاق عليه السلام کي ذبح ڪرڻ لا انهي مقام تي ئي رسين سان ٻڌيو هو. تاريخ ۾ زڪر اچي ٿو ته يهودين جا ٻه (Temple (First & Second Temple) اتي تعمير ڪيا ويا هئا.
    بائبل جي مطابق ان متبرڪ جا يا مقام کي قومي مرڪز جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ گهرجي. جتي حڪومتي، عدالتي، معاشي ۽ مذهبي معاملن جا سڀ ڪم پورا ڪيا وڃن. يهودين جي چوڻ مطابق

    Words of God will come out to all nations and this is the site where all prayer focused.

    يهودين مطابق حضرت سليمان بن دائود عليه السلام 957 قبل مسيح ۾ انهن جو First Temple تعمير ڪرايو هو جنهن کي Babylonians اندازن 586 قبل مسيح ۾ ڊهرائي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ان کان بعد Zerubabbel جي ذريعي اندازن 516 قبل مسيح ۾ ان کي ٻيهر تعمير ڪيو ويو جنهن کي حضرت عزيز عليه السلام وڌيڪ ويڪرو ڪري تعمير ڪرايو پر ان کان بعد Roman Empire ۾ هڪ جنرل Titus جي ذريعي اندازن 70 قبل مسيح ۾ انکي ٻيهر ڊهرائي پٽ ڪيو ويو. هاڻ يهودي قوم جو عقيدو ۽ پڪو عزم آهي ته اهي Third Temple انهي مقام تي تعمير ڪندا ته جيئن مسيح "الدجال" جي آمد کي يقيني بڻائي سگهجي. يهودي رباني (مذهبي) رهنمائن جو مڃڻ آهي ته Divine Presence جا اثر اڄ به ان مقام تي موجود آهن.

    محترم دوستو....مسلمانن لا مڪي پاڪ ۽ مديني پاڪ کان پو فلسطين دنيا جو ٽيون وڏو محترم ، مقدس ۽ تعظيم وارو مقام آهي. هن مقام کي عربي ۾ الحرم القدس الشريف ۽ اردو ۾ بيت المقدس چوندا آهن. هي اهو مقام آهي جتان الله پاڪ جو آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم جن الله سان ملاقات لا براق تي ويهي سفر جي شروعات ڪئي هئي، جنهن کي سفرِ معراج چوندا آهن. هي سرزمين الله رب العزت جي انهن پيغمبرن جي آهي جيڪي يهودي، عيسائي ۽ مسلمانن لا هڪ جيترو احترام لائق آهن ۽ مسلمانن جو ته ايمان ئي مڪمل نٿو ٿئي جيستائين انهن سڀني نبين سڳورن تي ايمان نه آندو وڃي.
    هن بابرڪت زمين جي باري ۾ ئي الله پاڪ فرمائي رهيو آهي ته....

    [​IMG]
    اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.


    اڳتي اسان قرآن پاڪ جي روشني ۾ ذڪر ڪنداسين ته رسول پاڪ جي بعثت کان پهرين الله رب العزت يهودين (بني اسرائيل) کي بيشمار انعامن ڪرامن سان به نوازيو هو ۽ پو انهن کي پوري دنيا تي فضيلت عطا ڪري ڪهڙي ذميداري ڏني هئي.

    هلندڙ......
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 آگسٽ 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    لک قرب سائين اهڙي ونڊ تي.
     
  13. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    دلچسپ موضوع آهي ، سلسليوار هئڻ ڪري انتظار جي شدت وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي ، تمام محنت سان مضمون جوڙيو اٿو ، لک قرب
     
  14. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
  15. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
  16. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
  17. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
  18. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مٿيون پوسٽ ڏيڻ جو مقصد ، صرف ۽ صرف اوهانجي مضمون کي اوهانجي ذريعي وسعت ڏيارڻي آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    تمام بهترين ونڊ ادا
     
  20. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    فلسطين جو شهر يروشلم (بيت المقدس) پيغمبرن جي ڌرتي....!!!
    [​IMG]
    هي شهر دنيا جي قديم ترين شهرن مان هڪ آهي ۽ هي واحد شهر آهي جيڪو دنيا جي ٽن اهم وڏن مذهبن ( اسلام، يهوديت ۽ عيسائيت) جي مڃيندڙن لا هڪ جيترو مقدس ۽ محترم آهي. هن شهر جي هڪ هڪ گهٽي ، هڪ هڪ پاڙو ۽ هڪ هڪ پٿر پنهنجي اندر وڏي تاريخ رکي ٿو.


    [​IMG] [​IMG]


    تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته جيترو محترم ۽ مقدس هي شهر آهي اوترا ئي هن شهر تي ظلم به ٿيا آهن. هي شهر ڪئين ڀيرا تباهه ۽ برباد ٿيو، ڪئين ڀيرا اجڙيو ۽ ڪئين ڀيرا آباد ٿيو، جيترا انقلاب هن شهر ڏٺا آهن اوترا شايد ئي ڪنهن ٻئي شهر ڏٺا هجن.

    [​IMG]
    مختلف زمانن ۾ بيت المقدس جا مختلف نالا بدلجندا رهيا، موجوده نالو يروشلم حضرت دائود عليه السلام رکيو هو. جيڪو عبراني ٻولي جو لفظ آهي.

    [​IMG]
    يروشلم شهر جي هڪ تاريخي تصوير ، جتي حضرت دائود عليه السلام جي حڪمراني هئي.

    [​IMG]
    جنهن زماني ۾ ماڻهو روزگار جي ڳولها ۾ پنهنجن مڪمل خاندانن يا قبيلن سان هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي سفر ڪري زندگي گذاريندا هئا، ان دور ۾ عرب کان آل سام (سامي النسل جو هڪ قبيلو جنهن کي ڪنعاني، ڪنعي يا فونيقي به چيو ويندو هو) اهي 2500 قبل مسيح ۾ يروشلم ۾ اچي آباد ٿيا.

    [​IMG]
    اڄ کان چار هزار سال پهرين ( اندازن 1200 يا 1400 قبل مسيح ) حضرت ابراهيم عليه السلام شهر " اُر " مان هجرت ڪري هتي آباد ٿيو هو. حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام کي الله پاڪ جي حڪم مطابق مڪي ۾ ۽ ٻئي فرزند حضرت اسحاق عليه السلام کي بيت المقدس ۾ آباد ڪيو هو. حضرت اسحاق عليه السلام جو فرزند حضرت يعقوب عليه السلام جو لقب يا ٻيو نالو اسرائيل به هو. انهي ڪري سندس اولاد کي دنيا بني اسرائيل جي نالي سان ياد ڪري ٿي.
    ( ڏسو وڌيڪ تفصيل)

    [​IMG]
    مختلف روايتن مان اها ڳالهه ثابت آهي ته هن شهر ۽ هن ڌرتي تي حضرت ابراهيم عليه السلام کان علاوه حضرت يعقوب عليه السلام، حضرت يوسف عليه السلام، حضرت دائود عليه السلام، حضرت سليمان عليه السلام، حضرت يحيى عليه السلام، حضرت عيسى عليه السلام ۽ ٻيا به پيغمبر پيدا ٿيا يا ٻاهران اچي هتي آباد ٿيا. انهي مناسبت سان هن ڌرتي کي پيغمبرن جي ڌرتي چيو ويندو آهي.

    [​IMG]
    مٿين تصوير يروشلم جي بيت اللحم جي آهي. هي اها جا آهي جتي حضرت دائود عليه السلام پيدا ٿيوهو. هي جا يروشلم کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف آهي. هي جا وڏي اهميت واري آهي. حضرت يعقوب عليه السلام جي گهرواري ۽ حضرت يوسف عليه السلام جي والده بيبي راحيل ( Rachels ) جي قبر مبارڪ به هتي ئي آهي.

    [​IMG]
    يروشلم شهر حضرت دائود عليه السلام ڏانهن منسوب آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل جي حڪومت يروشلم ۾ نصب هن ڪتبي تي
    City of David لکرايو آهي.

    [​IMG]
    مقام حبرون جي هڪ ناياب تصوير. بائيبل مطابق حضرت دائود عليه السلام حبرون (الخليل) ۾ 7 سال حڪومت ڪئي هئي ۽ 33 سال يروشلم (بيت المقدس) ۾ حڪومت ڪئي. اڄ به مقامي يهودي هن شهر کي شهرِ دائود چوندا آهن.

    [​IMG]
    مٿين تصوير وادي زيتون ۾ موجود حضرت دائود عليه السلام سان منسوب هڪ تاريخي وڻ جي آهي. تاريخ ۾ اچي ٿو ته حضرت دائود عليه السلام وادي زيتون ۾ پنهنجو محل تيار ڪرايو هو ۽ اتي زيتون جا وڻ لڳرايا هئا. انهن باغن جي موجودگي جيڪري اڄ به اهو جبل وادي زيتون يا جبلِ زيتون جي نالي سان مشهور آهي. هن وادي ۾ موجود زيتون جي وڻن بابت هڪ روايت آهي ته حضرت سليمان عليه السلام اهي وڻ لڳرايا هئا.
    هلندڙ......
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 آگسٽ 2014
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو