سنڌ جي بقا جو دارو مدار 1965 کان پهرئين نساب تي آهي! ڪتاب گهرجن!

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ سلامت جي انتظاميا سميت سڀني حُب الوطن سنڌين کي اپيل ٿي ڪجي ته پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي حفاظت ڪريو ۽ اهو تڏنهنن ممڪن ٿيندو جڏنهن اوهان پهنجو هاڻ تباهه ڪندڙ سنڌي تعليمي نساب تبديل ڪري يا ختم ڪري 1965 کان پهرئين جو تعليمي نساب ورجائيندئو! ان نساب تحت ئي توهانجو سنڌي سماج، معاشرو ۽ تعليمي نظام جيڪو بقادار هو بچائي سگهجي ٿو ۽ ڇو جو شايد گهڻي ڀاڱي اُهي صقت جا سمجهو ليکڪ، رائيٽر، اديب. شاعر، ڏاها، اُستاد يا ته وفات ڪري چُڪا آهن يا پوڙاهپ جي اُن منزل تي آهن جو سندن مدد به نٿي حاصل ڪري سگهجي ۽ هن دئور جو اهڙو ڪو نالي وارو ليکڪ، شاعر، اديب، ڏاهو آهي ئي ڪونه جو سنڌ کي وري تعليمي ماحول ڏئي سگهي. هي ته بس عشق مُشق، سُرور، نشي ڀتي، ڌاڙيل گيري، ڪمدار گيري، مُنشي گيري ۽ گهوسڙو استاد گيري ۾ لڳل آهن! ها البته هڪ رستو اڃا بچيل آهي اُهو ته جيڪڏنهن توهان وٽ وڏڙن جي لائبرين ۾ يا پُراڻن ڪتاب ۾ پرائمري، سيڪنڊري، ها، گريجوئيٽ سنڌي نساب وارا ڪتاب خاص طرح جڏنهن واڻيا به گڏ پڙهڻ لکڻ ۾ ڀائيوار هُئا هُجن ته اسڪين يا ڊجيٽائيز ڪري سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي يا سلائيڊ شيئر تي رکو يا اسانکي ڏيو! ته هن دئور جي نساب ٺاهڻ وارن جي رهنمائي ڪري سگهجي ته هو هن دئور سان اڳئين دئور کي ڀيٽي مُتفق نساب جوڙائي سگهجي! ته سنڌي ٻولي، زبان ۽ قوم تي ڪاروباري پبلشرن، ڪامورن ۽ پنهنجن جاهلن اديبن، ليکڪن، شاعرن ۽ سنڌي ٻولي جي دُشمنن جي مختلف حملن ۽ يلغارن کان بچائي سگهجي ! هي توهان هر هڪ جو قومي فرض آهي جي صرف دُهلن ۽ شرنائين تي نچڻ ۽رُڳو ڪُڏڻ سال، مهنا ۽ شامون ملهائڻ وارن مان ڦونڊ ڀريل ناهيو ۽ واقعي سنڌ جي درد کي سمجهو ٿا. هڪ ئي درد آهي سنڌ دشمنن سنڌي قوم کي سمهارڻ لا کين موالي ۽ نشائي بڻائي تعليم کان محروم ڪري ڇڏيو آهي قوم جي اُن مان جان ڇڏائڻ. ته ميدان تي نڪري اچو ۽ ٻانهه ٻيلي ٿيو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 آگسٽ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇا دوستئو! توهان هن عرداشت کي اڻ ڄاڻيءَ ۾ بلڪل نظر انداز ڪري ويٺا آهيو! جنهنجو سڌو سئون اثر قوم تي پوي ٿو ۽ ڀلو سنڌ ۾ وري بهترين تعليمي نظام ورجائڻ لاءِ آهي. ته پوءِ ڳولا ڪريو! مدد ڪريو! سنڌ سلامت بڻايو! نه نعرن سان، نه جلسن سان پر لکتن سان ذهن بدلارائي ۽ عملن سان. انتظار رهندو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو