فون نمبر متعلق ڪجهه حيران ڪندڙ حقيقتون.

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هڪ دور ۾ انسان وٽ ڪو به اهڙو ذريعو نه هو جنهن سان هُو پنهنجي دوستن ۽ رشتيدارن جو حال احوال وٺي سگهي. اليگزينڊر گراهم بيل 2 جون 1875ع تي ٽيليفون ايجاد ڪري انسان جي ان محرومي کي ختم ڪيو ڇو ته هاڻ انسان ٽيلي فون سان پنهنجي ڳالهه پري پري جي ماڻهن تائين پهچائي پئي سگهيو. ۽ ان جي ڳالهه ٻڌي به سگهيو ٿي. هڪ حقيقت هي به آهي ته ٽيلي فون جي باني اليگزينڊر گراهم بيل ڪڏهن پنهنجي ماءَ ۽ گهر واريءَ کي فون نه ڪيو ڇو ته ٻئي ٻوڙيون (ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم) هيون. البته اها اليگزينڊر جي ايجاد ٻين جي زندگي جو اهم حصو ٿي پئي. ۽ هاڻي فون نمبر تقريباََ هر انسان لاءِ اهميت رکي ٿو. اڄ آئون توهان کي فون نمبر جي ايجاد سميت ان بابت ڪجهه حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتون ٻڌائيندس ، جنهن جي توهان کي خبر به نه هوندي.

    [​IMG]
    اليگزينڊر گراهم بيل ولد اليگزينڊر ميلوِلي بيل جو ٽيليفون حلف 3.7.1876

    1: فون نمبر جي ايجاد

    فون نمبر ايجاد ڪرڻ کان پهرين فون ڪال فون جي مالڪ جي نالي تي ڪئي ويندي هئي، جنهن شخص کي ڪنهن ٻئي کي ڪال ڪرڻي هوندي هئي اهو ايڪسچينج ۾ موجود آپريٽر کي اڳئين شخص جو نالو ٻڌائيندو هو (جنهن سان ڳالهائڻو هوندو هو)، آپريٽر پنهنجي سامهون موجود سوين ٽيليفون لائنن مان هڪ لائين ذريعي ان شخص سان ڪال ملائي ڏيندو هو. ٽيليفون جي باني اليگزينڊر گراهم بيل جي دوست ڊاڪٽر موسس فون نمبرز جي ايجاد ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ٿيو ائين ته شهر ۾ هڪ عجيب بيماري ڦهيلجي وئي ، ڊاڪٽر موسس پنهنجي دوست اليگزينڊر گراهم بيل کي چيو ته جيڪڏهن ٽيليفون آپريٽر به ان بيماري جي ور چڙهيا ته ماڻهن سان فون تي رابطو ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي پوندي. اهڙي طرح هنگامي حالت ۾ ڪنهن ڊاڪٽر کي جلد کان جلد گھرائڻو هجي ته موجوده طريقي ۾ ائين ممڪن ناهي. ڪو اهڙو طريقو آندو وڃي جنهن ذريعي ماڻهو هنگامي حالت ۾ آپريٽر جي مدد بغير سڌسنئون مطلوبه شخص سان رابطو ڪري سگهن. حالانڪه ٽيليفون رکندڙ جي نالن بغير هر شخص لاءِ هڪ مخصوص نمبر آندو ويو. ٽيليفون نمبر پهريون ڀيرو امريڪه شهر لوويل ۾ 1879ع کان 1880 واري عرصي ۾ استعمال ڪيا ويا. اهو نظام ايترو ته پسند ڪيو ويو ايترو ته ڪارائتو ثابت ٿيو جو اڄ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.


    2: پهريون تجارتي ٽيليفون ايڪسچينج
    [​IMG]
    28 جنوري 1878ع ۾ آمريڪه جي شهر نيو هيون (New Heaven) جي بورڊمين بلڊنگ ۾ دنيا جو پهريون تجارتي ٽيليفون ايڪسچينج قائم ڪيو ويو. جنهن کي ڊسٽرڪٽ ٽيليفون ڪمپني آف نيو هيون جو نالو ڏنو ويو . تجارتي ٽيليفون ايڪسچينج جو خيال آمريڪه جي خانه جنگي ۾ حصو وٺندڙ هڪ سابق فوجي ۽ ٽيليگراف آفيس جي مينيجر جارج ڪوائي ۽ ان جي ٻن ساٿين هيرڪ فراسٽ ۽ والٽر ليوس پيش ڪيو.


    3: گھمندڙ ڊائل
    [​IMG]
    1875ع ۾ ٽيليفون جي ايجاد کان پوءِ ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ٽيليفون تي رابطي جو تيزرفتار نظام آندو وڃي. آخر 1891ع ۾ ايلمن برائون اسٽروگر پهريون ٽيليفون جو ڊائل ايجاد ڪيو . ڊائل وارو پهريون فون 1892ع ۾ استعمال ڪيو ويو.


    4: ٽيليفون ڪي.پيڊ
    [​IMG]
    بيل ليبارٽريز جي جان اِي ڪارلن ٽيليفون ڪيپيڊ ايجاد ڪيو هو.ڪيپيڊ ۾ عدد ۽ نشانيون 3 ورٽيڪل ۽ 4 هاريزنٽل اکر ترتيب ڏنا وڃن ٿا. هيٺ ساڄي پاسي هيش بٽڻ () ۽ کاٻي پاسي اسٽار يا ايسٽيرسڪ بٽڻ ٿئي ٿو.


    5: آٽوميٽڪ ٽيليفون ايڪسچينج
    [​IMG]
    99 لائنن وارو پهريون آٽوميٽڪ ٽيليفون ايڪسچينج امريڪا جي رياست انڊيانا جي شهر لاپورٽي ۾ لڳايو ويو.


    6: علائقائي ڪوڊ

    ايريا ڪوڊ ويهين صدي جي پنجين ڏهاڪي ۾ پيش ڪيو ويو هو پر ان جو باقاعده استعمال 1951ع ۾ آمريڪا جي رياست نيوجرسي جي لاءِ ايريا ڪوڊ متعارف ڪرائڻ سان ٿيو. نيوجرسي جو ايريا ڪوڊ 201 آهي.


    7: هنگامي نمبر
    [​IMG]
    هنگامي نمبر ٽن يا چئن عددن تي ٻڌل هوندا آهن جيئن ماڻهون ان کي آساني سان ياد ڪري سگھن ۽ هنگامي ضرورت وقت تيزي ۽ آساني سان ملائي سگهجن. انهن کي ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ ماڻهو هنگامي ضرورت وقت استعمال ڪري سگهن ٿا. انهن کي يونيورسل ايمرجنسي ٽيليفون نمبر به سڏيو وڃي ٿو . هنگامي نمبرن جو نظام به آمريڪا ۾ شروع ڪيو ويو هو، ان جي ڪاميابي کان پوءِ ٻين ملڪن به اهو نظام اپنايو.


    8: سڀ کان مهنگو نمبر
    [​IMG]
    دنيا ۾ سڀ کان وڏي رقم تي وڪجندڙ سيل نمبر 6666666 آهي. ان کي خيراتي مقصد لاءِ قطر ۾ وڪڻيو ويو. اهو نمبر خريد ڪندڙ ان نمبر لاءِ 27 لک ڊالر جي وايون بتال ڪندڙ رقم ادا ڪئي هئي.چين ۾ نمبر 88888888 ٻه لک اسي ڊالر ۾ وڪڻيو ويو.


    9: فلمن ۾ استعمال ٿيندڙ تخليقاتي ٽيليفون نمبر

    آمريڪا ۽ برطانيه جي حڪومتن فلمن ۾ استعمال لاءِ فرضي ٽيليفون نمبر شامل ڪيا آهن، آمريڪي فلمن جي ڪردارن جا ٽيليفون نمبر 555 سان شروع ٿين ٿا پر ڪجهه فلم سازن ان جي مخالفت ۾ پنهنجي فلم جي ڪردارن کي اصل ٽيليفون نمبر استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 آگسٽ 2014
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هميشه جيان سهڻي ۽ معلوماتي ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بهترين معلومات. اهڙا ليک فورم جي جان هوندا آهن. جاري رکو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    لک قرب پسند ڪرڻ جا...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ڪجهه سوال سدائين ذهن ۾ هوندا آهن جيڪي ڪوبه ٻڌائي ناهي سگهندو، ٽيليفون نمبرن جي باري ۾ بهترين معلومات ڏني اٿئو، اهڙا ڪم جاري رکجو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام گهڻي معلوماتي پوسٽ. بس هڪ ڳالهه منجهايو ته مهانگي نمبر واري ذيلي عنوان جي هيٺ تصوير مهانگين موبائلن جي هئي....
    (مڙئي چڪون ڪڍڻ جي عادت آ) :D
     
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    وڏا اها چُڪ ته مون پهرين ڏٺي هئي، بس توهان جهڙن جو ڌيان ڇڪائڻ لا صحيح نه ڪيم،..

    :) سنگت ته بس! مڙئي مٿاڇري نظر سان پڙهي ٿي پر توهان غور سان پڙهيو! مهرباني.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هائو ابل اوهان به وڏي شيءِ آهيو.... هههههه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    متان نه مڃين ! ;):D
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مڃڻ مراد آه...:p
     
  11. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ هميشه جيان:)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪارائتو ونڊ... :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پهريون ڀيرو اهڙي تفصيلي معلومات پڙهي اٿم... ڏاڍي خوشي ٿي...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    بھترين ونڊ.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    تمام بهترين معلومتا ت آهي پڙهي خوشي ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    بهترين ڄاڻ خزانو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو