سنڌ سلامت تي تعليم جو صفحو

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ مظفر طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2014۔

  1. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    سنڌ سلامت تي زندگي جي تقريبن هر سمت تي روشني پوندي رهندي آهي . پر تعليم تي ڳالهه ٻولهه گهٽ نظر ايندي آهي.ان سان منهنجو مطلب آهي شاگردن کي صلاح مشورا ،ايڍمشن جون تاريخون ،فارم، نوجوانن کي مختلف شعبن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ ۽ همت افزائي ڪرڻ ته پوء ڇو نه هن ويب سائيٽ کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائجي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    :(:( يار ايڏي وڏي چُڪ اسان ڏٺي به ڪانه
    تعليم بابت صفحو بيشڪ هجڻ کپي، انتظاميه کي ان باري ۾ جلد ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    صلاح ته بهترين آ.
    بس انتظاميا جي جواب جو انتظار آ
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت تي اڳ ئي اکر پڙهه الف جو سيڪشن موجود آهي... توهان پنهنجو مواد ان سيڪشن ۾ موڪلي سگهو ٿا... :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    ادا ان فولڍر کي نئين سر ترتيب ڏئي سگهجي ٿي . جنهن ۾ هن ويبسائيٽ تي موجود ناليوارن ليکڪن ،استادن جا تجربا،نوجوانن جي (Career Counselling) ۾ رهنمائي ڪري سگهن ٿا. ڇو جو هن ويبسائيٽ تي اسان جا انتهائي محترم تعليمدان به آهن ته سائنسدان به. پوء انهن جي تجربي مان فائدوڇو نه کڻجي. ته جيئن اسان جي نوجوانن جي عملي مدد ڪري سگهجي ، هن فورم تي شعرو شاعري،تفريح،تاريخ ،ادب هر شي موجود آهي . اکر پڙهه الف جو ڪافي پيچيدا يا منجهائيندڙ نالو آهي جنهنکي ڳولڻ به ڏکيو لڳي ٿو ان نئين(تعليمي) فولڍر کي سرفهرست هجڻ کپي .با قي اسان جي قوم اسان جي قابل ماڻهن جيئن محترم حفيظ لغاري ، محترم گورڌن ولاسائي ۽ ٻيا ڪيترائي پروفيشنل جيڪي هن فورم(معاف ڪجو ٻين ماهرن جا نالا نه ڏئي سگهيس) تي موجود آهن انهن جي وقت جو صحيح استعمال نه ڪندي ته ٻي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيئن هلي سگهندي. ادا باقي شعرو شاعري سان ڪم نه هلندو. وڌيڪ انتظاميا وس واري آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 آگسٽ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا تعليم تي به ڳالھ ٻولھ مختلف سيڪشنن ۾ ٿيندي رهندي آهي ، اسانکي جڏهن به جنهن به شيءِ جي ضرورت پوندي آهي ڀلي مذهبي تعليم جي باري ۾ هجي ، سياسي تعليم هجي ، سماجي تعليم هجي ، سائنسي ڄاڻ هجي يا ڪمپيوٽر سافٽويئر ۽ هارڊ ويئر جي ڄاڻ هجي يا وري شعر شاعري جي ڄاڻ گهرجي ، تصوف وارا رنگ مطلب ته انهن سڀني موضوعن تي کوڙ سارا ڪتاب به موجود آهن ، ۽ اگر ڪنهن اهڙي شيءِ جي ضرورت پوندي آهي ، جيئن امتحانن جون تاريخون ، داخلائن جون تاريخون ، ان لاءِ پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن آهي يا وري سنڌ سلامت جي سهڻي اوطاق تي اچي ڪنهنجو در کڙڪائيندا آهيون ته ڪم ٿي ويندو آهي ، ادا اسان ته سنڌ سلامت کي هڪ بهترين انسٽيٽيوٽ کان ۽ يونيورسٽي کان وڌيڪ سمجهندا آهيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو