
ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لازوال ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”حويليءَ جا راز“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاء مهاڳ ۾ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هي ڪتاب الڳ به ڇپيو آهي جڏهن ته گهڻو مقبول هجڻ سبب ماڻڪ مِٽ سندوم جي نالي سان لکيل ڪتاب جو به حصو رهيو آهي. اسڪين ڪاپي ڪرزمه ويب جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.