تُرڪي جي اولهه جو سير (قسط 02)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    پهرين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

    ترابزون کان ازمير پُهچڻ تائين!

    خير اهو مزو به وٺي ڏسبو اهو سوچي باقي وقت تياري ۾ ويو گُذري ۽ اُها گهڙي اچي پُهتي جڏهن اسان ٿيلها گهليندا گهران نِڪتاسين ايئرپورٽ لاءِ ڇو جو اُن لاءِ ٽئڪسي ڪرڻ پئسي جو زيان ئي چئجي ها. اصل ۾ پنڌ ايترو هو جو آرام سان ڪچهريون ڪندا به پندرنهن منٽ ۾ وڃي ايئرپورٽ پُهتاسين. سؤٽ قيم کي وڏي فِڪر هُجي ته پنهنجو سامان لِمٽ کان وڌي نه وڃي. جڏهن ته مون کي اها فڪر نه هُئي. هتي ڇهه مهينا ٿيا ڏهه ڪلو اٽو (هتي اٽو ٻن يا ڏهه ڪلو جي پئڪنگ ۾ ئي ملي، کُليو ڪونه ملي) وٺي گهر پُهچائڻ واري ڪم ڪندي هاڻي ٻيو نه ته به اهو پڪو اندازو ٿي ويو هُئم ته جيڪا شئي هٿ ۾ اٿم سا ڏهه ڪلو جي آهي يا ان کان گهٽ وڌ. مون کي پڪ هُئي ته هي وزن ڏهه ڪلو کان مٿي ناهي. قيوم کي فِڪر ته اهو 15 ڪلو جي مليل حد کان به مٿي آهي. ايئرپورٽ وڃي تور ڪرائيسين ته ٻئي ملائي به 20 ڪلو ڪونه ٿيا. ڪُل ملائي ارڙهن ڪلو وزن هو. اسان کڻي هُئاسين ته ڌاريان پر جيئن ته لوڪل فلائيٽ ۾ سفر ٿي ڪيوسين تنهن ڪري اسان جا پاسپورٽ رُڳو انهيءَ ڪري چيڪ ٿيا ته ٽڪيٽ اسان جي نالي سان ئي آهي يا ڪنهن ٻي جي نالي سان ايئن جيئن پاڻ وٽ لوڪل فلائٽ ۾ پنهنجا اين آئي سي ڏسن ٿا. ايئن هتي لوڪل مُسافرن کان سندن سٽيزن ڪارڊ پيا ڏسن ۽ اسان کان پاسپورٽ جيئن پاڻ وٽ ڪو ڌاريو اچي ڪراچي کان اسلام آباد سفر ڪري ته پاسپورٽ ڏسڻ ئي ڪافي آهي. وٽس ويزا ته يقينن هوندي جو هو مُلڪ ۾ داخل ٿيو (جيڪڏهن سندس مُلڪ کي پاڪستان جي ويزا فري ناهي ته).

    جهاز ۾ اسان جو سيٽون پوئتي هُيون جتي جهاز جو پُڇ ٿئي ۽ ڪچن يا ريفريشنمينٽ سامان رکڻ جي جاءِ. اڪثر فارغ وقت ۾ ايئر هوسٽس به اتي ئي ويٺل هونديون آهن. اسان ٽن واري سيٽ تي هُئاسين ۽ مون سان گڏ سؤٽ قيوم کان علاوه پاسي ۾ هڪ ٻيو ٿُلهو مُڙس به ويٺو جنهن کي جهاز جي اُڏرڻ ته ڇا پر رِڙهڻ کان اڳ ئي پئي ننڊ آئي.

    چئي پيو آئون بزنس ڪندو آهيان سڄو ڏينهن ترابزون جي شهر ۾ ڪسٽمرس سان ڊيلنگ ڪندي رُليو آهيان تنهنڪري ڪافي ٿَڪ اٿم. باقي سفر ۾ هو جڏهن به ڄاڳيو ٿي ته ڇِرڪ ڀري ٻاهر ايئن پيو ڏسي جهڙو بس ۾ ويٺو هُجي ۽ ٻاهر ڏِسي اندازو پيو لڳائي ته ڪٿي پُهتا آهيون. آئون به سندس انهيءَ انداز تي مزو وٺڻ خاطر کانئس پُڇي پيو وٺان ته ڪٿي پُهتا آهيون؟ همراهه آخر تائين اهو چوندو رهيو ته شايد انقره. جيڪو سفر جي اڌ تائين اچڻو هو جو اسان تُرڪي جي اُتر اوڀر جي ڪُنڊ کان ڏکڻ اولهه جي دنگ تي پئي وياسين. ۽ انقره تقريبن وچ تي آهي. خير هر دفعي انقره ٻُڌي مون کي به پڪ ٿي همراهه سُرت ۾ ڪونهي. مون کي ته هو وقت گُذارڻو جو تازو ايم ايڇ 370 (ملائيشيا ورو گُم ٿيل جهاز جنهن جو تفصيلي ذِڪر هتي ئي ڪيو هُئم) جي ڪري جهاز جي سفر جو تصور انتهائي ڀوائتو ڪري ڇڏيو آهي. جهاز مقرر وقت کان پنڌرنهن منٽ اڳ ئي هلي تُرڪي جي تاريخي شهر ازمير جي ايئرپورٽ تي لٿو جيڪا نه رُڳو وڏي انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي پر هڪ ٻي لحاظ کان به مُنفرد آهي ته تازو جڏهن اها ڊاهي بيهر ٺاهي وئي ته پُراڻي ايئرپورٽ جو 99 فيصد ملبو ٻيهر ساڳي عمارت جي تعمير ۾ استعمال ٿيو. ايئرپورٽ تي لهي ڪُجهه ڄڳهن تي لڳل ماربل ڏسي اندازو ٿيو ته واقعي اهو پُراڻو آهي جنهن کي نئين سر جوڙي ڊزائن ٺاهي وئي آهي پر ايڏي ڪمال سان جو هر ڀرو خبر ئي نه ٿي پئي. ايئرپورٽ تي پيل هڪ اڌ بروشر ۾ انگريزي وارو سيڪشن پڙهڻ تي اندازو ٿيو ته هنن اها ڪوشش ويسٽ مئنيجمينٽ جو نمونو پيش ڪرڻ لاءِ ڪئي. جهاز مان لهڻ کان پوءِ ايئرپورٽ پُهچي اسان کي سامان ته ويهه منٽن ۾ ملي ويو پر هاڻ مسئلو هو ته صبح تائين هتي ڇا ڪجي جو اُن مهل اڃان هڪ ٿيو هو. ايئرپورٽ تي ڪا اهڙي ڄڳهه به نه پئي ملي جو سُمهي سگهجي. ڪلاڪ کن ته حوالن ۾ گُذريا پر سمجهه ۾ نه اچي ته ڇا ڪجي. سؤٽ کي چيم هلو ٻاهر هلي ڏسون متان ڪو حل نڪري. سؤٽ چئي ٻاهر هلياسين ته اندر ڪون اچڻ ڏيندا. هتي وري به هيٽر هلن پيا ٻاهر جي ٿڌ هوندي ته آرام سان ويهي به ڪون سگهنداسين.

    پر نيٺ تنگ ٿي اهو رسڪ کڻي ٻاهر نڪتاسين ۽ سؤٽ سچو ثابت ٿيو. ٻاهر کڻي برداشت ڪرڻ جيتري پر وري به ٿڌ هُئي. ۽ وري هُجي به ڪوئي ڪونه سواءِ هڪ ڪيفي جي رسيپشن تي اوٻاسيون ڏيندڙ همراهه ۽ ٻيو بيرو جيڪو هڪ ڪُرسي تي ويهي پنهنجي ڊيوٽي جا ڪلاڪ پورا ڪرڻ جي چڪر ۾ هو. ڪيفي جي ريٽ لسٽ سامهون هُئي ۽ ڪافي ڳَري هُئي. اها لسٽ چانهه ڪافي لاءِ اسان جهڙن سستي شئي جي ڳولائو ماڻهن لاءِ ڄڻ ته نو انٽري جو سائن هُئي.

    هوٽل ٻاهرن هڪ جهونو پريان ويـٺل نظر آيو وٽس وڃي پُڇيم ”انگريزي اچنئي ٿي؟“

    چئي ”ٿوري ٿوري.“ مون چيو ”واهه واهه ايتري ئي وري تُرڪي مون کي به اچي ٿي. ڳالهه ٻولهه ٿي پوندي. ڀلا هتان کان چشمه جي شيرٽن هوٽل پُهچڻ لاءِ گهڻو وقت لڳندو.“ پڪ هُئم ته چوندو خبر ناهي (جيڪا تُرڪن جي عادت آهي ۽ گورڌن ولاسائي جهڙا دوست چِڙن به خوب ٿا). هِتي تُرڪن ۾ اها ڳالهه ڏٺي آهي ته گهڻو ڪري ڪم سان ڪم رکن. ضروري ناهي ته ڪو چانهه جي ڪيفي تي ڪم ٿو ڪري ته کيس اها به خبر هُجي سندس مُلڪ ۾ چانهه جا ڪٿي ڪٿي باغ آهن؟ ڪهڙن قسمن جي چانهه ٿئي ٿي وغيره وغيره. آهي ته پاڻ وٽ به هاڻي ايئن پر جهونن جي دؤر جي ڳالهه ڪجي ته هو سڀ خبر رکندا هُئا. خاص ڪري اسان واري پاسي جا ٿريا انهيءَ ڳالهه ۾ مشهور آهن. شل نه ڪنهن گڏهه چاريندڙ پنهنجي ڳوٺ جي آسپاس ڪنهن نؤلي (نئين) گڏهه جي پير جو نشان ڏٺو. پنهنجي سڀني ساٿين کي ٻُڌائيندو ۽ پوءِ پيرا پيا کڻندا ته اهو گڏهه ڪنهن جو هو ۽ هن پاسي ڇو آيو؟ اڄ به آئون ڳوٺ جا اڌ کان گهڻا ماڻهو ڪونه سُڃاڻان (جو 1998 کان پوءِ ڳُوٺ مهمان ٿي وڃي وريو اچان) ته سڀ پيا حيرتون ڪندا ته ڳوٺ جا ماڻهو ڪون سُڃاڻين. پر هي تُرڪ ته صفا عجيب آهن. بلڪل لاڳاپيل شئي جي به خبر رکڻ ضروري ڪونه سمجهندا. هنن جي عادت آهي بس هڪ ئي ڪم ڪبو ۽ دل لڳائي ڪبو ۽ ٻين ڪمن سان اچي نه وڃي. ايئن ئي هي همراهه به هو ته هتي گاڏين جي اچ وڃ تي معمور. جنهن کي پاڻ وٽ اسٽارٽر چئون. پر هِن جي ڊيوٽي رُڳو ڪنهن هڪ سروس جي گاڏي جي لاءِ هُئي. اُها گاڏي جيڪا هن ايئرپورٽ کان ٻي شهر چشما وڃي ٿي انهيءَ لاءِ هن جي ڊيوٽي ناهي. تنهنڪري همراهه کي ڪا به خبر نه هُجي. اهو سو ٿورو ڪيائين جو چئي گاڏي ايندي ته بيهندي فلاڻي هنڌ.

    مون سؤٽ کي چيو ته گاڏي جي اسٽاپ تي لسٽ مان خبر پوي پئي ته هاڻي اها گاڏي هتان ٽي بجي هلندي ٻي صبح جو ساڍا اٺ. هتان کان هوٽل تائين گوگل تي ڏٺل فاصلو ٻُڌائي پيو 76 ڪلوميٽر آهي. يقينن ڪلاڪ کان مٿي جو پنڌ آهي. پاڻ جيڪر ٽي واري گاڏي ۾ هلون ته ڪلاڪ ڏيڍ گاڏي ۾ اهو وقت گُذاري سگهون ٿا ۽ باقي صبح جو ڪلاڪ سوا اُتي ئي انتظار ڪري سگهجي ٿو پنهنجو هوٽل ۾ ڇهه بجي کان پوءِ چيڪ اِن آهي ايئن وقت به گُذري ويندو ۽ پُهچي به وينداسين. صبح ساڍا اٺ تائين هتي انتظار ڪرڻ به ڏُکيو ۽ ڪريون به ته هتان اٺ بجي نڪري ديرسان به پُهچنداسين.

    ايئن ڪلاڪ ٻيو انتظار ڪيوسين ۽ ٽي بجي گاڏي آئي جيڪا هڪ وڏي ڪوچ هُئي جيئن پاڻ وٽ وڏيون اي سي ڪوچز آهن. خوشي ٿي ته اسان ٻه ئي هُئاسين ته به گاڏي هلي پئي ۽ سوا ڪلاڪ ۾ هلي اسان کي چشمه لاٿائين. جتي اسٽاپ تي توقع جي خلاف ڪُجهه به نه هو. بُڪنگ آفيس جي ڪائوچ تي ڪُجهه دير آرام جو چانس به نه هو جو سڀ آفيسون بند پيو هُيون. جي ڪُجهه هو ته اهي هُيون ڪاٺي جون ڪُرسيون جن تي ويهي آرام يا ننڊ ڪرڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿي ٿيو.

    سؤٽ وري به ڪنڌي لاڙي الائي سُتو يا مڙئي فرض پورو ڪيائين. مون به ڪاٺ جي ڪُرسي تي ليٽي ڪوشش ڪئي پر مُرڳو ٿڪاوٽ پئي وڌي. اُٿي کڙو ٿيس. گوگل ميپ تي ڏٺم ته اسان هوٽل کان تقريبن اٺ ڪلوميٽر پري هُئاسين. پاڻ وٽ گوگل ميپ اڃان ايترو عام ناهي. هتي سمارٽ فون ۾ گوگل ميپ آنلائن توڙي آفلائن عام جام آهي. هاڻي ته ڪنهن کان به ڪنهن علائقي (خاص ڪري وڏي شهر جو) جو ڏس پَتو پُڇ ته چوندو ٽائم ناهي جو تفصيل ٻُڌايان گوگل ميپ ڏسي وٺ نه.

    گوگل ميپ ئي ڏَسيو ته هن وقت اسان منهنجي To do list ۾ هڪ گهُمڻ واري جاءِ چيشمه ميرينه کي بلڪل ويجهو هُئاسين. جتي پرائويٽ ننڍين ٻيڙين جو يارڊ آهي ۽ اکيون ٺاريندڙ منظر. نِڪرڻ کان اڳ انٽرنيٽ تان مليل معلومات موجب هوٽل کي ويجهو گهُمڻ جهڙين جاين جو هڪ رسمي منصوبو ۽ ٽائم ٽئبل ٺاهي رکيو هُئم پر هِن صبح جي هلڪي روشني ۾ ڪلاڪ ڏيڍ جو بيڪار وقت ڪمائتو ڪرڻ لاءِ اها پوائنٽ هن مهل ئي ڏسڻ جو سوچيم. ۽ هڪ ڪلوميٽر جيترو اهو پنڌ ڪرڻ لاءِ نِڪري پيس.

    جاري آهي. . . . .
    وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو​


    ڪُجهه فوٽو جيڪي ان دؤران نڪتان جنهن جو مٿي ذڪر آهي.
    [​IMG]
    ترابزون ايئرپورٽ تي چيڪ کان پوءِ ويٽنگ لائونج ۾
    [​IMG]
    سؤٽ عبدالقيوم جهاز ۾ چڙهڻ کان ٿورو اڳ۾
    [​IMG]
    ازمير جي ايئرپورٽ تي وقت گُذاريندي
    [​IMG]
    ازمير جو اهو نئون ٺهيل ايئرپورٽ جنهن ۾ پُراڻو ملبو استعمال ڪيو ويو
    [​IMG]
    چشمه پُهچي آرام ڪرڻ ۽ ڪلاڪ سوا گُذارڻ جي ناڪم ڪوشش;)
    [​IMG]
    انٽرنيٽ تان کنيل چشمه ميرينه جي تصوير جنهن کي ڏسڻ نڪري پيس (ان جو احوال ايندڙ قسط ۾)
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    [[[[[[ باقي سفر ۾ هو جڏهن به ڄاڳيو ٿي ته ڇِرڪ ڀري ٻاهر ايئن پيو ڏسي جهڙو بس ۾ ويٺو هُجي ۽ ٻاهر ڏِسي اندازو پيو لڳائي ته ڪٿي پُهتا آهيون. آئون به سندس انهيءَ انداز تي مزو وٺڻ خاطر کانئس پُڇي پيو وٺان ته ڪٿي پُهتا آهيون؟ همراهه آخر تائين اهو چوندو رهيو ته شايد انقره. ]]]]]]

    يار اها مٿين ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي... توڙي جو اها ڳالهه پهريائين تو ڪئي هُئي پر ڪافي مزو پئي ڏي اڃان سوڌو......

    ......بلميورم (مون کي خبر ڪونهي.) واري ڳالهه ته آئون ٻه ٽي ڄڻن کي روز ڪُٽيندو آهيانس​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 آگسٽ 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Faheem Ahmed Soomro

    Faheem Ahmed Soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام دلچسپ پهرين قسط وانگر:)
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ... اڃان پنڌ ۾ آهيو ۽ ٻه قسطون ٿي ويون .... ان نينڊي همراهه واري ڳالهه تي مونکي اسان جو دوست فقير سراج ميمڻ ياد اچي ويو. جيڪو به ان همراهه کان گوء کڻي ويندو .... باقي ته اواهن کي رني ڪوٽ واري سير وقت اندازو ٿيو هو ....

    اڳتي هلو ته خبر پئي ...
     
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تمام دلچسپ ۽ مزاح سان ڀرپور سفرنامو لکجي رهيو آهي.
    هڪ ئي وقت ترڪي ۽ سنڌ جا حوالا ۽ مٿان وري ادا حفيظ جو منفرد انداز بيان ، سچ پچ آخري لفظ تائين پڙهندڙن جي توجه برقرار رهي ٿي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٻي قسط پڙهڻ جي تڪڙ ۽ خواهش کڻي گهڻي هئي پر هتي نيٽ جي مسئلي هجڻ ڪري موضوع کي ترت پڙهي نه سگهيم..
    سفر جون ڳالهيون به خوب ته مثالي (مصالحي) حوالا به وڻيا... ها البته تصويرون ڏسي تنهنجي خوبصورتي جو وڌي وڃڻ ۽ سمارٽنيس ۾ اضافو به صاف نظر آيو ... خير تون اڳ به ڪو پهلوان نه هئين پر هاڻي الائي ڇو وڌيڪ ڏٻرو پيو لڳين... اهڙي پوزيشن ۾ توڙي جو اکين ۾ چمڪ به آهي ۽ تون ترڪ به ناهين پر رکي رکي انهن وانگر موڳو ڇو ٿو لڳين... :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو