مشتري هُشيار باش! انقلاب مارچ يا آزادي مارچ صرف ڪُئيڪ مشرف مارچ جو منشور آهي!

'راءِ شماري' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حقيقي سنڌي دانشورن لاءِ جي اڃان به ڪي جيئرا آهن ته هن جنريشن جي دانشورن جي رهنمائي ڪن.
    [​IMG]
    گِهڻو ٿيوِ لله!سنڌ جا بچيل يا حاضر دانشور هاڻ (پيئڻ پيارڻ) ۽ راڳ رنگ جي شامن ۽ روشنين راتين ملهائڻ، اهڙن ٻين خودنمائي فُضول تقريبن مان نڪري اکيون کولين ۽ سنڌ لاءِ به ڪم ڪن. حقيقي سنڌي دانشورن لاءِ جي اڃان به ڪي جيئرا آهن ته هن جنريشن جي دانشورن جي رهنمائي ڪن. (رفرينڊم) مهرباني ڪري لائيڪ ڪرڻ بجاءِ پنهنجا ڪامينش نوٽ ڪرايو. پنهنجن علائقن جي ننڊ پيل دانشورن کي (جيڪيون راتيون ۽ شامون ملهائي هاڻ آرامي پيا آهن ۽ شام جو وري ٻي دعوت جي تيارين ۾ هوندا) ڏي شيئر ڪريو ۽ سنڌ لاءِ ڪُجهه هٿ پير هڻو. پنهنجو ٽيلنٽ بچايو.

    ڇو جو آزاديءَ 1947 کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جا سڀ وسيلا صرف ٽن مخصوص قوتن لاءِ مخصوص ٿيل آهن جن جو ذڪر ڪوٽا سسٽم 1948 ۾ ظاهر ٿيل آهي ۽ پوءِ ايسٽ پاڪستان (بنگلاديش)جي جُدا ٿيڻ کان پوءِ 1973 جي آئين ۾ نئون ڪوٽا سسٽم جُوڙيو ويو جيڪو پڻ لولي پاپ ڏيڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچ ماڻهن کي مليو ڇو جو بيروڪريسي، مائگريٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جون اهي قوتون سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جڏنهن عارضي جاب (3 سال پوسٽنگ) لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبن ۾ اچن ٿيون ته پنهنجي ٻارن لاءِ قوت ۽ طاقت جي بُنياد تي اُتي (سنڌ ۽ بلوچستان) جا ڊوميسائل ٺهرائي تعليم ۽ نوڪرين جي ڪوٽا هضم ڪريو ڇڏين پوءِ ڀلي اُهي پنهنجن صوبن ۾ واپس هلي وڃن ٿيون.

    پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ٺهرايل ڊوميسائن تي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪوٽا به کنيون پيون وڃن جنهنڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون، نالي ماتر مليل ڪوٽا جي کسجڻ جي ڪري به وڌيڪ محروم ٿي تعليم، خانگي ۽ سرڪاري نوڪرين مان تڙيا ويا آهن ۽ اڃان تائين محروم آهن . ٻين صوبن مان آيل جڏنهن ته عارضي رهائش پذير مُلازم سندن معمولي مليل حق به غضب ڪن ٿا ۽ سنڌي وڏيرن، ڪامورن جي اُنهن سان ميلاپ ۽ سازشن ڪري بظاهر ڊوميسائل ۽ پي.آر.سي آڌار تي سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون اڃان به ڊوميسائل جا لولي پاپ ڏئي ڀائيوار ڪيل آهن.

    نادرا جي ڊيٽا بيس کي (ماءُ ٻولي ٻُنياد تي) رکي ڊوميسائل ۽ پي.آر.سي به شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جيان يا ڊرائيونگ لائسزس يا ٻيا ڊاڪومينٽ منٽن ۾ پبلش ڪري ڏئي سگهجن ٿا. ۽ رُشوت بازار جو خاتمون به آڻي سگهجي ٿو ۽ اي.ٽي.ايم وانگر ڊائريڪٽ ڪيش بجاءِ اهي ڪارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهجن ٿا جيڪي هڪ ماسٽر فائل مان مخصوص ادارا ريٽريو ڪندا. ته جديد ٽيڪنالاجي هٿ ۾ آهي ۽ جي سچائي دلين ۾ آهي ته اُن جو استعمال ڪري شرارتن کان بچي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان جيڪو 67 سالن کان آزادي ماڻي اڃا به 1948 جي پوزيشن ۾ ڌڪيليو ويو آهي هڪ جديد ۽ ماڊرن پاڪستان بڻائي سگهجي ٿو ۽ تمام آسان آهي صرف نيتُن جو فُقدانم آهي.

    خير جيڪو ٿيو ته ٿيو ڇو جو اهي بچيل نوڪريون ۽ تعليمي سهولتون سنڌ جي وڏيري شاهي ۽ ڪامورا شاهي هٿيائيندي وئي ۽ عام سنڌي انهن فائدن مان مستنفيد نه ٿيو آ ۽ محروميون گهڻيون آهن ته! جيئن ته هاڻ نئين اليڪٽرانڪ ووٽر اسڪيم ۽ سينسز 2014 جي شروعات ٿي رهي آهي ته سنڌي قوم ڊوميسائل نظام تا هٿ کڻي ۽ ٻوليءَ جي بُنياد (مدر ٽنگ) تي نٿون ڪوٽا سسٽم ۾ حصو وٺي. ياد رهي ته نادرا جي فارم ۾ مدر ٽنگ جي فيلڊ آهي ۽ ان فيلڊ تي انڊيڪس ڪري پاڪستام ۾ ڪيترا ماءُ ٻولي ڳالهائيندڙ آهن ان مدر ٽنگ ڪوٽا سسٽم تي تعليم ۽ سرڪاري توڙي خانگي توڙي عسڪري ادارن ۾ پنهنجي تعداد جي بُنياد تي نوڪريون حاصل ڪري سگهندا ۽ هر قوم جي 18 ڪروڙ آباديءَ کي پرسنٽيج ايسنڊنگ يا ڊيسنڊنگ ڊيٽثا جي بُنياد تي به اهي سڀ سهولتون ملي سگهنديون جيڪي اڄ تائين صرف ٽن مخصوص قومن ۽ لاءِ مخصوص ٿيل آهن.

    ته سنڌ ۽ بلوچستان جا سڀ دانشور هن ٿيوريءَ تي ويچارين ۽ جدوجهد ڪن ۽ صرف اهو واحد حل کين تعليمي داخلائن ۽ سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين ۽ محرومين کان بچائيندو. ته پنهنجا ڪامينٽس ۽ ٻين اُپائن، صلاحن ۽ مشعورن سان حصو وٺي حقيقي جهموريت ۽ قوم پرستيءَ جو ثبوت ڏيو .

    جيئن ته پاڪستان ۾ ڳالهائندڙ هر ماءُ ٻوليءَ وارو بُنيادي شين جو حقدار آهي ته جڏنهن نادرا طرفان مدرٽنگ جو ڪلام به آهي ته رجسٽر ٿيل ايڊلٽس يٻارن مان خبر پئجي سگهي ٿي ته هُن جو مُلڪ جي 18 ڪروڙ آباديءَ ۾ ڪيترو حصو (سيڪڙو) آهي ته اُن سيڪڙي جي بُنياد تي کيس داخلائون به ملنديون ته نوڪريون ۽ ادارن ۾ مخصوص ڪوٽا جو خاتمون به اييندو ۽ اهو ميرٽ چارٽ (ماءُ ٻولي) بُنياد تي به جوڙي سگهبو ۽ هرڪو پنهنجي حصي مان ئي حصو وٺندو ۽ پاڪستان مان ٻيائي نظام به ختم ٿي ويندو. شعور رکندڙ ان ٿيوريءَ تي بحث ڪري کڙ تيل ڪڍن.
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 آگسٽ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مشتري هُشيار باش! انقلاب مارچ يا آزادي مارچ سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي مسئلن جو حل نه پر ڪُئيڪ مُشرف مارچ جو منشور آهي! ۽ پاڪستان يا سسٽم چينج مارچ نه آهي پر واحد پنجاب صوبي جو لاهور مارچ آهي ۽ لاهور تي قابض ٽن لاهوري شهزادن (گُروپن) جي پاڻ ۾ جنگ آهي!

    سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون بيوقوف ۽ جذباتي نه ٿين پر ان بجاءِ ! سنڌ ۽ بلوچستان جي دانشورن، ليکڪن، اديبن، جرنلسٽ، ڪالم نگارن، رپورٽرن، سياسي، سماجي، مذهبي، فڪري، رواجي، سول سوسائٽي سنڌ ۽ بلوچستان جي محروم ٿيل ۽ ڏتڙيل عوام کي گهُرجي ته پنهنجي حقن کي لنڪ ڪن! پاڪستان ۾ جيئن ته 1948 جون ٽي طاقتور قوتون نئين تواريخ مُرتب ڪرائڻ ۾ آهن ته اُن ۾ پنهنجي صوبن (سنڌ ۽ بلوچستان) جي حقن لاءِ به حصو گهرن ۽ اڳتي وڌن ۽ متان وري 1947، 1948، 1949 واريون جذباتي غلطيون وري نه دُهرائين ۽ متان وري ٽن قوتن طرفان رائج 1948 ڪوٽا سسٽم ۾ رائج نه ٿي وڃي جيڪو عملي طور تي رائج به آهي. هوش ڪري ويهجو متان ڪي اناڙي ٻين جي مُفاد لاءِ ڪم ڪري ويهن يا (وين ڊيم بروڪ) ڪهاڻي وانگر اکيون پوري پويان ڀڄن، ۽ طرفداري ڪن.
    سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي گهُرجي ته هاڻ لوه بلڪل گرم آهي ۽ وقت آهي ته ڳالهائڻ ۾ پنهنجي محرومين ۽ مسئلن کي به لنڪ ڪن. جذباتي وهڪري ۾ وهي سندن پويان ڀڄڻيا هلڻ بجاءِ پاڻ سان ٿيل محرومين ۽ زيادتين جو اظهار ڪري پنهنجي ئي پِوٽ (مرڪز) تان اڳتي وڌن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي اصل محروم قومن جي مسئلن جو به ڪو ازالو ٿئي. ۽ نه ئي پرائي شاديءَ ۾ پاڻ نچڻ جي ڪوشش ڪن. ڇو جو انقلابي يا آزادي مارچ پاڪستان جي صوبن جو نه پر واحد ڊڪٽيٽر مُشرف ڪُئڪ مارچ اشو آهي ۽ هڪ نمائندو شيخ رشيد آزادي مارچ سان ته ٻيو نمائندو چوڌري ڀائُر انقلاب مارچ جي رهنمائي پيا ڪن! جن جو پنجاب صوبي لاهور ۾ رهڻ وارن سان مسئلو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون ته شروع کان ئي مصيبن ۾ آهن ۽ رهندا جيسين ڪه هو ٻين جو چولو جهلڻ نه ڇڏيندا. مشتري هوشيار باش!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 آگسٽ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجي سوشل ميڊيا فورم کي فڪري ۽ ذهني سوچ علمي انقلاب ۾ آڻي سنڌ بچايو علم وڌايو!
    سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب آڻڻ (برين واش) جي ضرورت تي زور ڏجي. ۽ اهو ڪردار صرف ۽ صرف سنڌي ۽ بلوچي ليکڪ ئي ڪري سگهن ٿا ٻيو ڪو به نه. جيڪي پنهنجي هر سماجي، معاشرتي، ڊرامائي، تخليقي يا خابرو(نيوز) لکت ۾ علم جي حصول لاءِ لکتون لکي قوم جي برين واش ڪن. جيسين لکياري اهو ڪم نه ڪندا سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب ڪونه ايندو ڇو جو سندن ذهنن ۽ رت کي سازشي قُوتن بُزرگن ، ولين ۽ درويشن جي مزارن تي اوتارا يونيورسٽيون قائم ڪري نشي (سُلفي، ڀنگ، شراب ، هيروئن وغيره) جهڙو زهر پياري سنڌي غريب عوام کي ذهني طور تي بلڪل مائوف ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن جي رت مان نشي واري غلاظت ڪڍڻ بنان علم جو حصول ممڪن ئي ناهي. جديد سائنسي طريقن موجب انهيءَ کي برين واش چئي سگهجي ٿو. پاڪستان جي 67 سالن کان قائم ٿيڻ، جلسن، جُلوسن، نعرن، شامون ۽ راتيون ملهائڻ جي 67 سال جدوجهد کان پوءِ به سنڌي ۽ بلوچ قومن ۾ علم لاءِ گهُربل ذهني سوچ ۽ سُڄاڳي پئدا نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو واحد ۽ واحد ڪارڻ تنظيمن ۾ ڊومينيشن ڪندڙ نشائي ڪلچر آهي جيڪو هر اجتماع کان کائڻ ۽ کارائڻ واري تقريب ۾ پوءِ ڏسي سگهجي ٿو جتي سُوٽا به لڳن ٿا ته پيگ جا پيالا به پيئجن ٿا. مشاهدي ۾ آيل آهي ته جنهن تقريب ۾ اهو اهتمام ناهي اُتي وري تقريب دوران ڪوڪا ڪولا۽ پيپسيءَ ۾ ڪن خاص مدعو ٿيندڙن لاءِ اهي اهتمام ڪيل هوندا آهن. ڪن وائيٽ ڪالر اديبن ۽ شاعرن طرفان دعوت به تڏنهن قبول ڪئي ويندي آهي جڏنهن کين کائڻ پيئڻ وارن لوازمات ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائبي آهي ۽ جيڪي خُشڪ محفلون اهن اُنهن ۾ تعداد ئي ڪونه هوندو آهي. ادب، شاعري ۽ ڊراما نگاريءَ جي لکتن ۾ گهڻي قدر پيار ۽ عشق سمايل آهي ته جرنلزم ۽ خبرنامن وغيره ۾ وري ڌاڙيلگيري، ڪامورا شاهي، جاگيرداري، ۽ گهڻي ڀاڱي وڏيرا شاهيءَ کي اُجاگر ڪيل آهي ۽ انهن پاٿاريدارن جي فروغت لا انٽرويو به . جيڪي سول سوسائٽي، سماجي تنظيمون يا اين جي اوز ڳوٺ ڳوٺ وڃي تبليغون ڪن ٿا اُهي به انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن ۽ ڪامورن جا مهمان هوندا آهن ته تقريرُن يا بيٺڪن سان ذهني انقلاب ڪونه ايندو. پهريون انقلاب قومن جي رت ۾ نشي جهڙو زهر ڪڍڻ ، جنهن ۾ يقينن وقت گهربو ڇو جو هن ۾ هاڻ معاشري جو هر فرد وڪڙجي ويو آهي ۽ اهو تڏنهن مُمڪن آهي ته نشي جو آزاديءَ سان ملڻ وارو هضول بند ڪيو وڃي ۽ هر نشائيءَ جو سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي. ٻيو حصول نئين جنريشن کي ان علت کان بچائڻ ۽ پاسيرو ڪرڻ جو آهي ته هي سماجي، سول ۽ اين جي اوز تنظيمون هر علائقي ۾ وڃي اُتي پاڻ به موبائل ايجيوڪيشن جو اهتمام ڪن ۽ اُتي جي ماڻهن کي به انگيج ڪن ۽ بنگلن ۽ گهرن ۾ ويهي نه پر ٽينٽن ۽ جهوپڙين ۾ ويهي، وڻن هيٺان ويهي جيئن عام ڳوٺائي رهندڙ آهي ۽ پوءِ اُن جي مُسلسل رکوالي ۽ نگراني ڪن ته علم جو انقلاب ايندو. ٻيو ڪو حل آهي ئي ڪونه 67 سالن جو تجربو ٻُڌائي ٿو بلڪه ويتر بُڇڙائي، جهالت، توهم پرستي وڌندي وڃي. شعر شاعري، ڊراما، ڪتاب به علم پرايو مضمونن تي ئي هُجن ڇو جو عشق مُشڪ ۽ فحاشي تبليغ هاڻ گهڻي ٿي، سون تي سُهاڳ جو ڪم ٿيندو جڏنهن عام سنڌي به پنهنجي سوشل ميڊيا ڪرتن کي به خود نمائيءَ کان ڪڍي علم انقلاب طرف آڻڻ لا استعمال ڪندو ڇو جو سنڌ جي بقا جو سوال اهي. ائين ڪرڻ سان اجاين تصويرن کي فليش ڪري ڪامينٽس وٺڻ بجا گهر ويٺي به هر فرد علم انقلاب ۽ سوچ پئدا ڪري سنڌ ۽ بلوچستان بچائي سگهي ٿو. ممڪن ڪا ڳالهه ناهي پر وقت طلب ۽ ٿورڙي مُشڪل ضرور آهي جي ٻه ماڻهون به ايجيوڪيٽ مشن طرف راغب ٿيا ته هو ٻيا گهڻا گهر راغب ڪري وٺندا ۽ سنڌ جي روايت به ته آهي! (ڦُڙي ڦُڙِي درياءُ) پوءَ گهٻرايو ڇو ٿا ٻانهه ٻيلي ٿيو اسان سان ، اسانجي آئڊيا سان! يا پنهنجو پاڻ پنهنجي آئڊيا سان !پر آڻيو تعليمي انقلاب! جلد از جلد سنڌي قوم ۾!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو