روپلو ڪولهِي جي شهادت جو ڏينهن.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    روپلو ڪولهِي جي شهادت جو ڏينهن
    پنهل ساريو
    [​IMG]

    1843ع ۾ انگريزن جنهن چالاڪي مڪاري ۽ جديد هٿيارن سان جنگ وڙهي سنڌ جي مختلف علائقن کي فتح ڪري سنڌ تي قبضو ڪر ورتو. انهيءَ انگريز کي 16 سالن تائين راجپوتن جي فوج سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو. جنهن فوج جو وڏو تعداد ڪولهين تي مشتمل هو ۽ ان جو سپهه سالار دراوڙ نسل جو روپلو ڪولهي هو. ياد رهي ته ڪولهي سنڌ ۽ راجستان جي ٿر ۽ پارڪر جي علائقي ۾ اصلوڪن رهاڪن جي حيثيت رکن ٿا. 1843 کان 1859 تا ئين انگريزن سان جنگ جوٽيندڙ روپلو ڪولهي نه فقط بهادر پر پنهنجي ڌرتي، ماڻهن ۽ حڪمرانن جو بنهه وفادار انسان هو، بي پناهه ڪمنٽمينٽ جو مالڪ روپلو ڪولهي ٽي ڀيرا ان وقت انگريز فوج جي جنرل ٿروٽ کي شڪست ڏيئي چڪو هو ۽ جنرل ٿروٽ پنهنجون فوجون واپس وٺي بار بار اچي ميرپور ڪئمپ پهچندو هو.

    جڏهن انگريزن وٽ توپون، رائفلون، بندوقون، گولابارود ۽ جديد هٿيار هئا. تڏهن هماليه جبل کان سنڌي سمنڊ تائين انگريز راڄ ته قائم ڪري ويا پر کين سنڌ جي نقشي تي موجود ڪارونجهر جبل ۽ ٿرپارڪر 16 سالن تائين آزاد خودمختيار علائقي جي حيثيت سان آباد هئا. بغاوت جو جهنڊو بلند ڪندڙ روپلو ڪولهي طئه ڪري چڪو هو ته ڪنهن به صورت ۾ انگريزن کي ڪارونجهر جي ڪور تائين پهچڻ نه ڏبو.

    روپلي ڪولهي جنهن ڪارونجهر ۽ ٿرپارڪر لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت جي تاريخ پئي جوڙي اهو ٿر دنيا جو ارڙهون ريگستاني علائقو آهي. رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي ڀڪ سان 22 هزار چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي علائقي جو هي منفرد حيثيت رکندڙ خوبصورت علائقو آهي. 1858 ۾ هن علائقي کي چارلس نيپيئر ڪڇ پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو. ۽ 1843 کان 1858 تائين حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ سان الحاق ۾ رهيو. پر ان دوران انگريز حڪمران هن ڌرتي تي ڪڏهن به سک جو ساھ کڻي رهي نه سگهيا. بعد ۾ انتقامن هن علائق کي سنڌ کان الڳ ڪري ڪڇ سان ملايو ويو. روپلو ڪولهي جيڪو اهڙي سامراجي فيصلي کان ڪجهه مهينا بعد مئي مهيني ۾ 1859 دوران گرفتار ڪيو ويو ۽ انگريز عذاب گهرن ۾ مٿس سخت تشدد ڪيو. کانئس سوڍن ۽ راجپوتن جا نالا گهريا ويا جن سان گڏجي ڳچ عرصو روپلو ڪولهي هزارين ڪولهين سان گڏجي مزاحمتي ويڙھ وڙهندو رهيو. روپلو ڪولهي جنهن لڳاتار 16 سال ڏڦن، ڀالن، ڪرپان ۽ گليل سان ويڙھ وڙهي تنهن انگريزن کي پنهنجي هڪ به ساٿي جو نالو نه ٻڌايو. جڏهن کيس چيو ويو ته سوڍا مال ملڪيتون جاگيرون وٺي ٺاھ ڪري چڪا آهن، تون به ٺاھ ڪر ته روپلي چيو ته منهنجي ڌرتي تان ناپاڪ قدم کڻي وڃو. مان پنهنجن امر شهيدن جي رت سان سودو نه ڪندس ۽ اوهان سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندس. ڪيسر ڪولهڻ جو پٽ روپلو ساھ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو پر هن انگريز سامراج آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو.

    ٿر جي تتل واري ۽ پارڪر جي پٿريلي زمين تي پيرن اگهاڙي انگريزن سان ويڙھ وڙهندڙ بهادر پارڪرين سامراج کي للڪاريو، انهن ماڻهن ۾ اڳئين صف جو ويڙهاڪ روپلو ڪولهي سامراجن جي خوني چنبن ۾ قيد دوران به بهادري ۽ جرئت جو پاڻ مثال هو.ڌناڻي، تلوار، بڙڇ ۽ ڀالا کڻي معمولي هٿيارن سان برطانوي فوج کي ڀاڃ تي مجبور ڪندڙ هي ماڻهو ڌرتي جو غيرت مند اولاد هئا.

    جڏهن مئي مهيني ۾ روپلو گرفتار ٿيو تڏهن ننگر ۾ سخت برسات وسي رهي هئي. پٽيالي ۽ گودروندي تيز وهي رهيون هيون. ان ڏينهن انگريزن سان دوبدو ويڙھ وڙهي وئي، ڇهه هزار ڪولهي شهيد ٿيا. جن جو خون انهن برساتي ندين ۾ وهندو رهيو. پاڻي ريٽو رت بڻجي ويو. ڌرتي ۽ وطن تان هزارين ڪولهي جان جو جذرانو ڏئي شهادت جو جام پيندا رهيا. هنن ساھ ڏئي ويساھ قائم ڪري ورتو. جڏهن ته سندن راجا لاڏو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه توڙي ٻاوا ۽ ٻيون برادريون ميدان ڇڏي ڀڄي ويون. ڪن معافيون ورتيون پر هي دلير ۽ مڙس ماڻهو ٽارچر سيل ۾ ڪڙهندي به آڻ مڃڻ لاءِ هڪ سيڪنڊ به تيار نه ٿيو ۽ چوندو رهيو ته مان پنهنجي ڌرتي تان ٻاٽ اونداهي مٽائي روشن سج اڀارڻ لاءِ آخري پساھ تائين جنگ ڪندو رهندس. روپلي ڪولهي جي وني جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ اچي ٿي ته انگريز کيس روپلي کي ٺاهه تي راضي ڪرڻ جي آسري تي ملائن ٿا ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته روپلي جيڪڏهن آڻ نه مڃي ته سندس لڄ سرعام لٽي ويندي. بهادر زال جڏهن پنهنجي باغي مڙس سان ملي ٿي ته ان وقت رتن ٻائي ڪولهڻ پاڻ بهادري جي علامت بڻجي پئي ٿي ۽ روپلي کي همت وٺرائيندي چئي ٿي ته نه ساٿين جا نالا ڏجانءِ نه ئي وري انگريزن جي ڳالهين ۾ اچي انهن سان ٺاھ ڪجانءِ. توکي ماريو ويو ته وري منهنجي ڪک مان ڄمندڙ ٻار تنهنجي جدوجهد ۽ مزاحمت کي جاري رکندو. هي منهنجي لڄ لٽين يا توکي ماري ڇڏين. ان سان اسين امر ٿي وينداسين. اهو ئي سبب آهي ته اڄ انگريزن جي قبرن تي ڪير وڃڻ لاءِ تيار ناهي پر ڪارونجهر جي ڪور تي امر شهيد روپلو ڪولهي جي يادگار تي سنڌ، هنڌ ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو اچن ٿا سنڌ جا نوجوان اتي پنهنجو قومي ترانو پڙهن ٿا. روپلي ڪولهي ساھ ڏئي جيڪو ويساھ قائم ڪيو اڄ ڪولهين کان علاوه سنڌ ۽ هند ۾ کيس قومي هيرو تصور ڪيو ٿو وڃي. قومي تحريڪ سندن ويڙھ کي پنهنجي جودجهد لاءِ اتساھ سمجهي اڳيان وڌي رهي آهي. انگريزن کان اڄ تائين غلامي جي جنهن پاتال کي سنڌ ڇهي رهي آهي. انهن هڪ سئو 67 سالن تائين هلندڙ جدوجهد ۽ قومي ويڙھ شهيد روپلي ڪولهي جي مزاحمت ويڙھ جو تسلسل آهي. نيٺ هر طرح جي غلاميءَ کان قوم نجات ماڻيندي.
    روزاني عوامي آواز، خميس 21 آگسٽ 2014ع، 24 شوال 1435هه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو