پهرين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ٻي قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو هوٽل شيريٽن جتي ايندڙ ٽي ڏينهن رهڻو هو (انٽرنيٽ تان کنيل تصوير) چشمه ميرينه جيڪو ڏسڻ جو ذڪر هتي آهي. چشمه ميرينه ۾ هڪ بهترين صبح جو ذڪر اسان جي منزل ته شيريٽن هوٽل هُئي جنهن جو فضائي نظارو انٽرنيٽ تان کنيل تصوير جي مدد سان ڏيکاريل آهي پر اوڏانهن وڃڻ لاءِ گاڏي نڪرڻ ۾ اڃان ڏيڍ ٻه ڪلاڪ جو وقت هو. صبح جي روشني اڃان پوري نه ٿي هُئي. آئون گوگل ميپ جي ڏَسيل رستي ۽ طرف مطابق هلڻ لڳو هُئس. اهو ڪو لڳ ڀڳ 1 ڪلوميٽر جو پنڌ هو جيڪو مون تِکو هلندي جلدي جلدي ڪرڻ پئي چاهيو ته جيئن مهل سان واپس به اچي پُهچان. چشمه ميرينه هڪ ننڍن ٻيڙين يا جهازن جو يارڊ آهي جيڪو ڪو گهڻو پراڻو به ناهي. ٻن جبلن جي وڏين ٽڪرين جي وچ ۾ سمنڊ جي بيهڪ اهڙي آهي جو هن تاريخي ماڳ لڳ هتي مُختلف مُلڪن جا ننڍا ٻيڙا اچي بيهندا هُئا پر 1978ع کان تُرڪ گورنمنٽ ڪوشش ڪندي رهي ته هن کي ترقي وٺرائجي. جيئن جيئن تُرڪي سُڌريو ۽ ماڊرن ٿيڻ لڳو ته هن طرف به توجه وڌندي وئي. جڏهن هتي ٽوئرسٽ جي تعداد وڌڻ لڳي ته 2010ع کان پوءِ هن يارڊ کي باقاعده جديد سهولتن سان نوازيو ويو ۽ هڪ اداري جي ماتحت ڏنو ويو. جيئن ته تُرڪي جي گورنمنٽ هڪ پاسي اهو به خيال رکي ٿي ته مُلڪ ۾ اهڙا تفريحي ماڳ وڌ کان وڌ پُرڪشش ڪيا وڃن جو سياح اچن ته ٻي طرف ڪُجهه اسان جهڙن مُلڪن کي ڇڏي ٻين لاءِ ويزا جي شرط نه هُجڻ برابر رکي اٿن. خاص ڪري يورپ يا ٻين اولهه جي مُلڪن لاءِ ته تُرڪي ايئن آهي جيئن پاڻ هلي آزاد ڪشمير مان ٿي اچون. تنهنڪري گهڻا شؤقين جيڪي پنهنجا ننڍا جديد بحري ٻيڙا رکن ٿا سي يورپ (خاص ڪري يونان) کان انهن ٻيڙن ۾ اچن جو هتان کان يونان جي مُلڪ توڙي وچ جا ننڍا جزيرا گهڻي فاصلي تي ناهن. بحري سفر جو پنڌ جيڪو ناٽيڪل ميل ۾ ماپيو وڃي ٿو اهو هتان کان پنجاهه کان ٻه سؤ ناٽيڪل ميل ٿيندو. اهڙن سياحن لاءِ هتي جهاز بيهارڻ سان گڏ کين جديد سهولتن واري رهائش جو بندوسبت آهي جنهن ۾ کاڌي پيتي جا لا تعداد ڊشز پيش ڪندڙ هوٽلون، ڪلب، سوئمنگ پولز ۽ هر وقت انٽرنيٽ سان گڏ جهاز ۾ موجود اليڪٽرڪ شين کي هلائڻ يا انرجي ريچارج لاءِ بجلي جي فراهمي به موجود آهي. هتي آيل سياح جي عياشي جو هر سامان موجود آهي. سمنڊ ڪناري هوٽل تي ويهي ڪُجهه کائڻ پيئڻ چاهي يا ڪنهن ڊانس ڪلب ۾ وڃي رات جي مدهوشي حاصل ڪرڻ چاهي يا بس اسان جهڙن ڳوٺاين وانگي تُرڪي ڪبابن يا چوربن (شوربن) سان ڊنر ڪري، رنگينيون ڏِسي موٽي وڃي. آئون پُهتس ته صبح جو وقت هو. رات جي رنگينين جي شاهدي آسپاس جي ماحول ڏِني ٿي. ايئن پئي لڳو ڄڻ خالي پيل ڪُرسيون ۽ ڪلب جي ٻاهر لڳل رنگين روشنين جي ڊِم فُل ٿيندڙ لائٽ ان چوڪيدار جو ڪردار پئي ادا ڪيو جنهن کا پُڇجي ته هو ٿڪل آواز ۾ سڀ ٻُڌائيندو هُجي ته هتي رات ڇا ڇا ٿيو هو. چئو طرف خاموشي کي ڄڻ منظرن جو هڪ انوکو آواز هو. پرهه ڦُٽي جو وقت ۽ لا تعداد ننڍين وڏين سفيد ٻيڙن جو هڪ حسين منظر هو. جيئن جيئن روشني ٿيندي پئي وئي تيئن تيئن سڀ ڪُجهه وڌيڪ واضع ٿيندو پئي ويو. انگريزي اکر يو جي شڪل ۾ جبل ۽ انهن وچ ۾ سمنڊ جي ٽُڪري تي بيٺل اڇي رنگ جا ننڍڙا بحري ٻيڙا. جڏهن سِج اُڀريو ته جبلن تان ايندڙ انهيءَ جا ڪرڻا ڪڏهن جهازن جي کير جهڙي رنگ تي پئي پيا ته ڪڏهن سمنڊ جي نيري پاڻي تي جِن جو عڪس هڪ ٻئي تي پئجي هڪ اهڙو منظر پيش ڪري رهيو هو جنهن لاءِ گوڙ گهُمسان کان سواءِ هي وقت نهايت ئي موزون هو. يقينن اها مُنهنجي خوشقسمتي هُئي جو آئون اهو سڀ پرهه ڦُٽي ويل ڏسي سگهيس. توڙي جو ان وقت مون کي ننڊ ڪئي چوويهه ڪلاڪ ٿي چُڪا هُئا ۽ سفر جو ٿڪ پڻ هو پر اهي نظارا ان وقت جي چونڊ سان ٿڪ لاهڻ لاءِ ڪافي هُئا. ڪُجهه اهڙيون هوٽلون جن جي ڇت تي رکيل ڪُرسين جي سيٽنگ مان لڳو پئي رات جو هتي ويهي هي نطارا ڏسندي ۽ پيئندي ماڻهو خوب انجواءِ ڪندا هوندا. انهن تي چڙهي وڃي مٿان کان بيهه هڪ ڀيرو سڀ نظارا هڪ نظر ۾ سمائي فرحت محسوس ڪيم. جڏهن سج ڪافي مٿي نِڪري آيو ته مون واپس موٽڻ جي ڪئي. جيئن ته تُرڪي اُتر ۾ آهي تنهنڪري هِتي گرمين ۾ ڏينهن وڏا ۽ سياري ۾ ننڍا ٿيڻ وارا وقت اسان جي ڀيٽ ۾ ڪافي وڏا ۽ ننڍا آهن. گرمين ۾ هتي سج صبح پنج کان ڇهه بجي تائين اُڀريو وڃي ۽ شام جو اٺ کان نؤ وچ ۾ لهي جڏهن ته سياري ۾ صبح جو ست بجي اُڀري ۽ شام جو چار کان پنج تائين لهيو وڃي. اُن مهل صبح جا ڇهه پئي ٿيا ۽ سج مٿي نڪري آيو هو. واپس آيس ته سؤٽ ڳهريل اکين سان صفا ننڊ لاءِ آتو ويٺو هو. هاڻي اسان کي هتان لوڪل گاڏي ۾ وڃڻو هو هوٽل لاءِ جيڪا صبح جو ساڍا ڇهه بجي ٽائم تي ملي وئي. هوٽل پُهچي چيڪ اِن ڪيوسين ۽ ڇهين فلور تي مليل ڪمري ۾ سڀ کان پهرين الطاف شيخ صاحب جي ٻُڌايل صلاح تي عمل ڪيم. رهنمائي ڪندڙ اسٽاف واري همراهه کي چيم ڪمري ۾ موجود فرج ۾ رکيل شين ۽ اُن کن علاوه اهڙي ڪا ٻي شئي جنهن جا اضافي پئسا لڳن سا نه رُڳو هاڻي ئي ٻُڌائي پر ڏِسي نوٽ به ڪري وٺ. ڇو ته اهڙي ڪا شئي اسان کي استعمال ناهي ڪرڻي. اهو احتياط نه ڪرڻ جو نُقصان اهو ٿئي ٿو ته اجائي سجائي شئي اوهان جي کاتي ۾لکجي وڃڻ تي ڳرا بل ڀري نڪرڻو پئي ٿو. جنهن لاءِ هوٽل وارن اڳواٽ سؤ ڊالر ڪئش يا ڪريڊٽ ڪارڊ جي ساک ورتي ٿي. مطلب ته آخر ۾ ڪو ڏاڍائي تي لهي اچي ته اها امانتي رقم واپس نه ملندي يا اُن مان ڪٽوتي ڪئي ويندي. ٻين لفظن ۾ اوهان پنهنجي يا ڪنهن ٻي جي خرچ تي وڃو ٿا ته اها پڪ ڪريو اوهان لاءِ ڪمرو بُڪ ڪرائيندڙ اهي پئسا اوهان جي پاران رکندو يا اوهان کي ڏيڻا آهن. ڇو ته هر فائيو اسٽار هوٽل ۾ اهو اصول آهي ته اوهان کي اهي پئسا گروي رکڻا پوندا. هوٽل شيريٽن ۽ اهڙي تفريحي ماڳ تي هُجڻ ڪري ٺيڪ ئي هُئي پر عادت نه هُجڻ ڪري سڀ ڪُجهه اسراف پئي لڳو. توڙي جو اسان کان ڪانفرنس انتظاميه جي تعاون سان هنن هڪ معمولي هوٽل جيترا پئسا ورتا هُئا پر پوءِ به اهڙين هنڌن تي وڃي رهڻ کان سؤ دفعا ڀلو آهي ته ماڻهو ان کان سستي مُناسب رهائش جي ڳولا ڪري پئسا بچائي ۽ ٻه جايون وڌيڪ گهُمي وٺي ته اُهو فائدي ۾ رهندو. جڏهن ڪمري ۾ رُڳو لت کوڙي سُمهڻو ئي آهي ته ڪهڙو فرق ٿو پئي ته پاسي ۾ پيل ٽئبل جو فارميڪا ڪهڙي ڪوالٽي جو آهي؟ ان تي ٽئبل لئمپ آهي يا ناهي. جي آهي ته ڪيتري نفاست جي ۽ قيمتي آهي. پردا ڪهڙي رنگ جا آحن ديوارن جي رنگ سان مئچنگ آهن يا نه. انهيءَ هوٽل ۾ فرنيچر وغيره ٺيڪ هو پر سمنڊ ڪناري هُجڻ ڪري ان جي گهِم جا اثر واضع هُئس. هر شئي تي گهِم جو اثر پئي لڳو. خاص ڪري لوهي شين تي. باقي دري کولي ٻاهر ڏس ته سمنڊ جو مخصوص نيرو رنگ اکيون ٺارڻ لاءِ ڪافي هو جيڪو اسان ڪراچي ۾ شايد ڪڏهن به نه ڏِسي سگهون. هڪ ته عربين سمنڊ جو رنگ ٿورو مختلف آهي ٻيو اسان جي سمنڊ جي ڪنارن تي گدلاڻ جي ڪري مزو نه ٿو اچي. بحرِ اسود Black Sea جنهن جي ڪناري هتي منهنجي رهائش آهي ان جو به ان جي نالي جيان ئي رنگ ڪارو آهي. ڪڏهن ڪڏهن نيرو نظر اچي نه ته ڪارو ئي ڏسجي. هتي سمنڊ جي پاڻي جو اهو رنگ هو جيڪو هيستائين فوٽوئن يا فلمن ۾ ڏٺو هو يا وري زناني ڪپڙن جي دُڪان تي ذائفن جي فرمائش ”سي گرين ڪلر ڏيکارجو“ جي فرمائش تي ملندڙ ڪپڙي کي ڏِسي اندازو لڳايو هو ته اهو رنگ ڪهڙو آهي؟ اسان کي آئي ته ننڊ پئي پر فل حال ڪانفرنس ۾ رجسٽريشن ڪرائي شيڊول وٺي اهم سيشنز جا ٽائم نوٽ ڪرڻا هُئا. وهنجي فريش ٿي لابي ۾ لڳل ڪانفرنس جي ڪائونٽر تي پُهتاسين. اسان جي رجسٽريشن فيس معاف هُئي تنهنڪري بس رُڳو نالا انٽري ڪري ڪانفرنس جو مواد ڏنو ويو. ڪانفرنس حال وڃي ”پروفيسر ايمراهه“ سان ملياسين. اهو ڪانفرنس جو منتظمِ اعلى هو جنهن لاءِ سؤٽ کي هيستائين همراهه پئي چيم. همراهه واقعي ڀلو لڳو. هن سان ئي شروع کان اسان جي ڪميونيڪيشن هُئي. هِن ئي اسان جي هر مهل مدد پئي ڪئي. وڏي کيڪار سان مليو ۽ آيل اهم مهمانن سان تعارف پئي ڪرايائين. هڪ انڊين سائنٽسٽ سان ملايائين جيڪو هتي انوائٽيڊ اسپيڪر هو. پاڻ ڪانپور جو هو. تعارف ٿيو ته پُڇيائين ”ڪانپور بابت ڪُجهه ڄاڻو“. مون کي ٻي ته ڪا خبر نه هُئي. بس هڪ حوالي سان ياد هو. ”گهڻو ته بس هڪ حوالي سان ياد آهي“ منهنجي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ٽهڪ نڪري ويس. ”يار شاهد آفريدي جي سينچري جي ڪري ياد هوندئي ٻيو ڇا؟ پر سچي ٻُڌايانءِ ته اُن سينچري کان وڌيڪ تڪليف اڄ به اسان کي شارجه ۾ جاويد ميانداد جو ڇڪو ڏي ٿو.“ ۽ مون کي به کِل آئي ته ڪرڪيٽ جو همراهه جو وڏو شؤقين پيو لڳي. ڪافي دير راند کي بس راند ۽ اسپورٽسمين اسپرٽ طور وٺڻ گهُرجي نه ڪي ٻِن مُلڪ جي جنگ، واري متفقه راءِ تي ڳالهه هلي. جنهن لاءِ ٻنهي جا خيال ساڳيا هُئا. تعارفي سيشن مهل ويلڪم نوٽ ۽ پوءِ هڪ ثقافتي ڊانس پيش ڪيو ويو. توڙي جو اهو ربط و ضبط جي لحاظ کان سُٺو هو پر اسان وٽ اهڙا وکر کوڙ آهن جن سان هي شايد ڪڏهن به نه پُڄن. بس پوءِ جيڪو حال سو پريان نال واري ڪار ڪيائون. ان سڄي ڏينهن ۾ جيڪي هڪ ٻه سيشن ٻُڌڻ جهڙا هُئا سي ٻُڌا ٻين ۾ آرام ڪيو. هوٽل جي دري مان ڏِسي اندازو ٿي ويو ته ٻه ٻاڙين جيتري مشهورِ زمانه مُختصر ترين ڊريس بڪني ۾ ماين جا ٽولا آهن جن مان ڪي ته رُڳو پنهنجي جوڙ ۾ ڪي اڪيليون ته ڪي پنهنجي مُڙسن يا بواءِ فرينڊ سان ڪنهن مهل سمنڊ ۾ وهجن پيو ته ڪنهن مهل تيز رفتار ٻيڙين ۾ ويهي پيو رڙيون ڪري مزو وٺن ۽ جڏهن ٿڪجي پون ته قطارن ۾ پيل سوين ڊگهين آرام وارين ڪُرسين تي اچي ليٽي اُس جو مزو وٺن جنهن کي سن باٿ چون. اڪثريت ته ٻاهرين مُلڪن جي هُئي جِن وٽ ايتري گرمي به ڪانه ٿئي ۽ امن امان واري هِن مُلڪ ۾ اچي بيچز جو مزو وٺن ٿا ۽ چون ٿا سمر ٽائم آهي. نه ته اسان وٽ ته جيڪا گرمي ٿئي اُن حساب سان اُن وقت به هلڪو سي پئي لڳو ۽ نه پئي لڳو ته ايئن کُلئي پاڻي ۾ وڃي وهنجي سگهبو. سن باٿ وٺڻ به انهن کي ڄُڳائي جيڪي اهڙا ته اڇا جو سندن مُلڪن ۾ اڇي ڪرڻ بجاءِ رنگ ڪارو يا ڀورو ڪرڻ جو ڪريمون ايئن وڪامن جيئن اسان وٽ اڇي ڪرڻ جون. ياد اچي ٿو ته مستنصر حُسين تارڙ هڪ دفعي لکيو ”اهڙا سن باٿ وٺي واپس ويندڙ ماڻهن کي پنهنجي مُلڪ پُهچڻ تي سندن مُلڪ جا ماڻهو ڏسندي ئي اندازو لڳايو وٺن ته هي تازو ڪنهن اوڀر پاسي جي مُلڪ کان ٿي آيو آهي. پر جي اسان پارو ڪو اهو ڪري ته پڪ چوندا آفريڪا ۾ رهي آيو آهي.“ آرام ڪري شام جو رش گهٽ ڏِسي سمنڊ ڪناري سج لهڻ جو منظر ڏِسي آياسين ۽ هوٽل پُهچي ڏينهن ۾ ٽيئي ويل هوٽل ۾ هلندڙ فري بُفي جي اسراف مان جيترو کائي سگهياسين سو کاڌوسين. دِل ته چاهيو پئي ته رات جو هڪ ڀيرو وري سمنڊ ڪناري جو چڪر هڻجي ۽ چنڊ جو عڪس سمنڊ ۾ ڏسجي پر ننڊ اڃان پوري نه ٿي هُئي سو سُمهڻ جي ڪئي سين. ٻي ڏينهن صبح سوير اُٿڻ جو پروگرام هُئم. هتي اچڻ کان اڳ جڏهن اسان کي ڪانفرنس جي انتظاميه ويبسائٽ جو لنڪ ڏنو ته ان ۾ نقشي سان سمجهاڻي لاءِ گوگل ميپ جو لنڪ پڻ ڏنل هو. ان لنڪ تي بار بار ايندي ۽ ڏِسندي ڏِسندي هڪ دلچسپ شئي نظر آئي هُئم ته ڪانفرنس واري هوٽل کان ٽي چار ڪلوميٽر جي فاصلي تي هڪ ڍنڍ آهي جنهن جا نقش هو بهو سنڌ جي نقشي جهڙا آهن. مون کي تڏهن کان ئي دلچسپي هُئي ته اها ڍنڍ ڏِسبي. سؤٽ کي به چيم پر اُن دلچسپي نه ڏيکاري. سندس خيال هو ته ننڊ پوري ڪجي. هو پنهنجي جاءِ تي صحيح هو پر آئون وري ان خيال جو آهيان ته جڏهن وقت ٿورو آهي ته بهتر آهي ننڊ گهٽ ڪري وڌ وڌ کان وقت نين شين ڏِسڻ کي ڏِجي. ٻي ڏينهن صبح جو 5:30 جو الارم سيٽ ڪري سُمهي پيس ۽ صبح ان ٽائم تي اُٿي وهنجي سهنجي پاڻي جي بوتل ڀري ڪئميرا کڻي نڪري پيس. رستن جو ڏَس ڏيڻ لاءِ موبائل جي گوگل ميپ ايپليڪشن ڪافي هُئي. رستو ايترو اڻانگو هو به ڪونه. بس ڪنهن ڪنهن مهل صبح سوير اُٿي نِڪتل ڪُتن جا ولر هُئا جن الاءِ واڪ ٿي ڪئي الاءِ کاڌي پيتي جي تلاش تِن کان ڊپ ٿئي پيو پر انقره ۾ رهندڙ اسان واري ڪلوئي (ٿر) جي يار گورڌن ولاسائي جي ڳالهه ته هتي جا ڪُتا ڏسڻ ۾ خوفناڪ باقي هونئن شريف آهن. ڪُجهه گورڌن جي ڳالهه تي اعتبار ۽ ڪُجهه دِل کي ڏنل دلاسي آڌار هلندو رهيس ۽ ڪُتن کان بچي ڍنڍ تي پُهتس. رستي جي آسپاس ايتري آبادي نه هُئي بس ڪٿي ڪٿي مزدور طبقه ماڻهن جو جهوپڙيون هُيون جن جتي طرزِ تعمير ڏسي لڳو پئي کين جيڪو ڪن ڪچرو هٿ آيو آهي اهو استعمال ڪيو اٿم اهي گهر يا جهوپڙا ٺاهڻ ۾. ڪپڙا، پلاسٽڪ، لوهه مطلب ته هر اها شئي جيڪا اسان وٽ ٽين ڏٻي وارا وٺن اهڙو مٽيريل گڏ ڪري هنن جهوپڙيون ٺاهيون هيون جن ۾ هيٽر جو بندوبست به ٿيل هو جنهن مان لڳو پئي ته هي جهوپڙيون عارضي ناهن. ڳچ عرصو رهڻ لاءِ آهن. صبح سوير جو وقت هو اڃان شايد مزدور ڄاڳيا نه هُئا تنهنڪري پُڇي نه سگهيس ته اهي ڪٿي مزدوري ڪن ۽ اهي جهوپڙيون ايئن ڇو ٺاهيون اٿن. جاري آهي. . . . . .چوٿين قسط لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو چشمه ميرينه لڳ هوٽل ۽ ڪلب چشمه ميرينه تي بيٺل جهاز چشمه ميرينه تي بيٺل جهاز چشمه ميرينه تي بيٺل جهاز هوٽل جي ڪمري کان ٻاهر جا نظارو شيريٽن هوٽل ڪانفرنس انتظاميه پاران ڏنل آجياڻو اهم سيشنس جا وقت نوٽ ڪندي شام جو ننڊ پوري نه هوندي به سمنڊ طرف ويندي ايجين سمنڊ ڪناري شام جو منظر ۽ آئون ڍنڍ طرف ويندي ڏٺل اهي عجيب جهوپڙيون
تصويرون تمام ڀليون آهن. تڪڙ ۾ ان ڪري جواب پوسٽ ڪيم ته متان ٻيو ڪو کاهوڙي نه اچي وڃي. الطاف شيخ واري ڳالهه واهه جي ٻڌائي آهي. مون کي اهڙو ڪڏهن موقعو نه مليو آهي، جو آئون هميشه بئڪ پئڪر هوٽلن يعني هاسٽلن ۾ رهڻ جو قائل آهيان. اڄ تائين پنهنجا پئسا خرچ ڪري ڪڏهن به چڱيرڙي هوٽل ۾ نه رهيو آهيان. کل جوڳو واقعو آهي هڪڙو پر ٻڌائڻ جهڙو ناهي! ڪُتا تمام بهترين ساٿي آهن. واه جو ڪم ٿا ڏين حفيظ!!! هاڻي ته ڪُتن کان ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي.....
بهترين تصويورن ۽ تمام دلچسپ سفر پر سائين ڪانفرنس انتظاميه پاران ڏنل آجياڻي جو طريقو ڪافي منفرد ۽ عجيب آهي
تمام سٺو لڳو ... خاص ڪري تصويرون ۽ منظر دنيا تيزي سان ترقي پئي ڪري ۽ خاص ڪري ٽورسٽ انڊسٽري وڏي ترقي پئي ڪري .... ان سڄي احوال ۾ اڪيلا هوندي به خوف ڪونه اٿو ... جي اٿو به ته ڪتن کان. پر هتي ماڻهن کان ڊڄون ٿا رات جو اڪيلا ڪنهن ڪاٺ جي ميز تي بس اسٽاپ تي هجڻ .... وڏي ڳالهه ٿي لڳي. ان جهوپڙين جو حال احوال ضرور ڏيو ها. ترڪي جي ترقي ۽ ويسٽرن ڪلچر ان تي الائي ڇو اسان جا ماڻهو خار ٿا کائن ، جڏهن ته ترڪي وارن کي ان تي ڪو اعتراض ناهي. اسان جي ملڪن ۾ سڀ برايون ٿين پيون پر قانوني طور انهن تي پابنديون آهن ... يار اهو ڪهڙو قانون ٿيو. سدا خوش هجو ۽ جاري رکو
ادا ٽوئرسٽ انڊسٽري جو روئڻ اڳين قسطن ۾ به هوندو. پر ڇا ڪجي؟ هڪ پاسي گورنمنٽ ته ٻي پاسي وري عوام جو به موڊ نه ٿو ڏسجي. جيڪي چار ڪڻا چڱا آهن ۽ ڪم ڪن ٿا سي خراب ڪرڻ به فرض سمجهون ٿا. تفريحي ماڳ تي آيل فئمليز کي تنگ ڪرڻ به اسان وٽ هڪ وندر آهي. اهڙي ۾ ڇا ٿو ڪري/چئي سگهجي. جهوپڙين جو احوال وٺڻ ۽ ڏيڻ ۾ وڏي دلچسپي هُئم پر ويندي مهل همراهه آرامي هُئا واپسي ۾ ڪو به نه هو. ويسٽرن ڪلچر جو اثر هنن تي آهي جنهن تي هي خوش آهن. هي قائل آهن ان ڳالهه جا ته اندر اجرو هُجي ٻاهر جي خير آهي ته ڍڪيل آهي يا ظاهر. اوهان صحيح ٿا چئو اسان وٽ سڀ آحي بس نالي ۾ غير قانوني. جيئن چوجي ته ايمانداري جي آڙ ۾ بدمعاشي.