گرافڪس ڊرائيور اپڊيٽ نه پيو ٿئي

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو مونوٽ ونڊوز 8.1 آهي انٽرنيٽ ايڪسپلورر 11 ، ليپ ٽاپ ڊيل ڪمپني جو انسپائرون 1525
مونکي پي سي ۾ واٽس ايپ انسٽال ڪرڻو آهي ، ان لاءِ اينڊرائيڊ جو جيڪو پروگرام انسٽال پيو ڪريان بليو اسٽيڪ اهو گرافڪس ڊرائيور اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهي ۽ مونکان هي ڊرائيور اپڊيٽ نه پيو ٿئي اگر ڪو دوست ڄاڻي ته مدد ڪري
 
ساڳي حالت آ ادا پراڻا ورزن به گرافڪس ڊرائيور اپڊيٽ لاءِ پيا چون اڳئين مسئلي وانگر وري به چنچل راج کي عرض ڪري ٿا ڏسون

:( هائو ٻيلي مون وٽ به ساڳي ڪار آهي.

اصل ۾ ورزن پراڻا سڀ ختم ڪري انهن کي نئون ڪيو ويو آهي.
محترم ذيشان رشيد جن کي ٽيگ ٿو ڪريان ، اميد ته مسئلي جو حل ڳولهي ڏيندو.
 
توهان سامهون ايندڙ ايرر جي اسڪرين شاٽ موڪليو... ٻيو ته پنهنجي ليپٽاپ جو ماڊل ۽ ڪنفگريشن به موڪليو... :)
 
توهان سامهون ايندڙ ايرر جي اسڪرين شاٽ موڪليو... ٻيو ته پنهنجي ليپٽاپ جو ماڊل ۽ ڪنفگريشن به موڪليو... :)
ادا ليپٽاپ جو ماڊل ۽ ڪنفگريشن موضوع جي پهرين تحرير ۾ لکيل آهن ، باقي چنچل راج وارين لنڪين تان ٽرائي ڪري ڏسان پو اسڪرين شاٽ به موڪليندس
 
ڇا توهان وٽ هي ايرر اچي پيو...؟
Bluestacks-graphic.jpg
جي ها ته پو هن مسئلي جو حل توهان کي بڌايان ٿو.
سڀ کان پهرين بليو اسٽيڪ آف لائين انسٽالر ڊائونلوڊ ڪريو.ان لا توهان جي پي سي ۾ 2جي بي ريم هجڻ گهرجي.
ڊائونلوڊ ڪريو ۽ ان سان گڌ اوڪڙا سافٽوير ڊائونلوڊ ڪريو.
پهريان اوڪڙا کي انسٽال ڪريو.انسٽال کان بعد ۾ بليو اسٽيڪ انسٽالر جي فائيل ۾ رائيٽ ڪلڪ ڪري Edit with Orca تي ڪلڪ ڪريو،
Install-Bluestacks-without-Graphics-Card-1.jpg
ان کان پو LaunchCondition کي سليڪٽ ڪري “Installed OR PhysicalMemory >=1024” conditio کي سليڪٽ ڪريو پو پريس ڊليٽ ڪريو.
Install-Bluestacks-without-Graphics-Card-2.jpg
ان کان پو InstallExecuteSequence > Click on “CheckMsiSignature> Hit Delete > Click OK اوڪي پريس ڪريو.
Install-Bluestacks-without-Graphics-Card-3.jpg
هاڻي Property > Double click on the TRUE value of GLMODE > Change its value to FALSE > Hit Enter انٽر پريس ڪريو.
Install-Bluestacks-without-Graphics-Card-4.jpg
هاڻي سيو تي ڪلڪ ڪريو.بس هاڻي توهان جو مسئلو حل ٿي ويو.
Install-Bluestacks-without-Graphics-Card-5.jpg

جي سمجھ ۾ نه اچي ته پڇجو.
 
جي ادا مونوٽ اوهانجو ٻڌايل ساڳيو ايرر پيو اچي ، هاڻي اوهانجي ٻڌايل نسخي تي عمل ڪري ٿو ڏسان پوءِ اوهانکي ضرور ٻڌائيندس ، محترم چنچل راج جن جي پهرين لنڪ تان بليو اسٽيڪ ڊائونلوڊ ته ٿي ويو جيڪو اڳ ۾ ڪونه پيو ٿئي پر ڊائونلوڊ کان پوءِ واٽس ايپ سرچ ۾ وري ساڳيو ايرر پيو اچي ، باقي سندن ٻي لنڪ ڪونه آزمائي ڏٺي آهي ، هاڻي سندرو ٻڌي وري ڪوشش ڪريونٿا ، لک لائق
 
مون وٽ ته واٽس ايپ انسٽال ئي نٿو ٿئي. 15 ايم.بي ڊائونلوڊ ٻڌائي ٿو، پراسيس مڪمل ٿيڻ کانپو انسٽال نٿو ٿئي. باقي ٻيون ايپليڪيشنز انسٽال ٿين پيون..
 
مون وٽ ته واٽس ايپ انسٽال ئي نٿو ٿئي. 15 ايم.بي ڊائونلوڊ ٻڌائي ٿو، پراسيس مڪمل ٿيڻ کانپو انسٽال نٿو ٿئي. باقي ٻيون ايپليڪيشنز انسٽال ٿين پيون..
محترم فاروق سومرو ادا ذيشان رشيد ۽ سائين چنچل راج جن کي عرض آهي ته مونوٽ بليو اسٽيڪ ڊائونلوڊ ٿي چڪو آهي ۽ اورڪا به انسٽال ڪري ڇڏيو آهي ، هاڻي سائين فاروق سومرو واري گُرَ کي آزمائيندي جڏهن تجربو ڪيو ته فزيڪل ميموري 880 پيو ٻڌائي ۽ منيمم 1 جِي بِي هجڻ لاءِ چوي پيو اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪريان ، منهنجي ليپ ٽاپ ۾ 3 جِي بِي ميموري ريم آهي ، فزيڪل ميموري وري ڪهڙي بلا آهي؟
 
Back
Top