• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي تيل ۽ گئس جي وسيلن جي ڦر لٽ : نصير ميمڻ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
4s050i.jpg

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر پنجياسي (85) ”سنڌ جي تيل ۽ گئس جي وسيلن جي ڦر لٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ نصير ميمڻ آهي.


هي ڪتاب سنڌ رائيٽرس ۽ ٿنڪرس فورم پاران ڇپائي سنڌي عوام تائين آندو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي دستاويز، انگ اکر ۽ ثبوت شامل آهن، جيڪي اهو ثابت ڪن ٿا ته ڪيئن نه خوشحال سنڌ جا وسيلا ڦري ان جي مالڪ سنڌين کي بک ۽ بدحالي ڪناري پهچايو ويو آهي. مان ٿورائتو آهيان سائين امان الله شيخ صاحب جو جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پهچائڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. سڀني سنڌ دوستن کي گهرجي ته هن ڪتاب جو مطالعو ڪن ۽ سنڌ جي آجپي لاء ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف هر فورم تي پنهنجو ڪيس پيش ڪن. سنڌ سلامت جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪيو:


 
Back
Top