• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرم ٽالپر هڪ برجستو ۽ عوامي لهجي وارو شاعر

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪرم ٽالپر

اصل نالو: قادر بخش
پورور نالو : حڪيم قادر بخش "ڪرم ٽالپر
والد جو نالو: عنايت علي ٽالپر
جنم جي تاريخ: 21 ڊسمبر 1940ع
جنم جو هنڌ: ٽالپر وڏا ــ ضلع خيرپور.
وفات : 23 آگسٽ 2014
تعليم: بي ــ اي.
پيشو: طب
شاعريءَ جي سکيا: حيدر بخش شاد (سندس ڀاءُ)
شعري مجموعا: وڇوڙين وايون (1986ع) دل ديان دانهين (1994ع )

مير ڪرم ٽالپر بابت مختلف شخصيتن جا رايا........

  • ڪرم ٽالپر ڏاڍو ڀلو ماڻهو آهي مڻيادار ــ کلمک ــ يار ويس ۽ مهمان نواز انسان آهي ــ سندس شاعري به نهايت اثرائتي ۽ سندس شخصيت جيان هر دلعزيز آهي. (جمال الدين مومن)

    سائين ڪرم ٽالپر ــ شاعريءَ جي هر صنف مٿان طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ روايتي رنگ به نمايان آهن ته جديد رنگ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪرم ٽالپر سنڌيءَ کان علاوه اردو هندي ــ سرائڪي ــ پنجابي ۽ فارسيءَ ۾ به شعر لکيا آهن ــ منهنجي دعا آهي ته ڪرم ٽالپر جي ادبي جوش ۽ جذبي مٿان اڃان به جوڀن ۽ بهار جو عروج اچي. (احمد حسين ٽالپر)

    ڪرم ٽالپر هڪ برجستو ۽ عوامي لهجي وارو شاعر آهي، مان کيس ڪافيءَ جو شاعر چوندو آهيان، ان جو اهو مقصد به ڪونهي ته هو ٻين صنفن تي گهٽ عبور ٿو رکي. ڪرم جي شاعريءَ جي ٻولي عوامي ۽ عام فهم آهي ۽ سندس شاعريءَ جو تمام گهڻو حصو طنزو مزاح ۽ اصلاحي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. ڪرم ٽالپر جو مشاعرن ۾ شاعري پيش ڪرڻ جو هڪ الڳ اسٽائيل آهي. (اصغر مهيسر)
ڪرم ٽالپر جا مشهور ڪلام

توکان نه مليو پيار گهرڻ مون ڇڏي ڏنو
مڃيو نه تون جي عرض ڪرڻ مون ڇڏي ڏنو

اقرار ياد ڏياريم ناراض ٿي وئين
تڏهن سوال ڪوبه پڇڻ مون ڇڏي ڏنو

بدنام ٿي پوين نه ڪٿي تون به مون پٺيان
هر هر اڱڻ تي تڏهن اچڻ مون ڇڏي ڏنو

ناراض ٿيا رقيب ڪرم سچ جڏهن چيم
توکي ٿيو اعتراض چوڻ مون ڇڏي ڏنو

x3tv1l.jpg


شام جو هي پهر، نانءُ اسان جي ڪيو
ڪجهه ته ايندا ڪريو، ڪي ته ڳالهيون ڪيو

 
Back
Top