مهراڻ جا موتي: موسيقار سي ارجن محمد عثمان ميمڻ سنگيت ڪار سي. ارجن جو پورو نالو ارجن، سندس پيءُ جو نالو پرمانند، پاڙو چندناڻي هو. پاڻ پهرين سيپٽمبر 1933ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ ارجن ڀارت لڏي آيو ۽ بڙودا کي پنهنجي رهائش بنايائين. سندس والد جو به موسيقيءَ سان گهڻو لڳاءُ هو، جيڪو ڳائي وڄائي سگهندو هو. ترت هي ان وقت جي مشهور موسيقار بلو سي راڻي جو اسسٽنٽ ٿيو جنهن ان وقت هندستان ۾ پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (1956ع) جي موسيقي ترتيب پئي ڏني. سي. ارجن ڀارت ۾ ٺهيل وڌ کان وڌ سنڌي فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني. هن پنهنجي سنگيت جو دائرو رڳو سنڌي فلمن تائين نه رکيو پر هن ڪيترين ئي هندي فلمن جي به موسيقي ترتيب ڏني. هن هڪ هندي فلم ’جئه سنتوشي ماءَ‘ (1975ع) جي به موسيقي ترتيب ڏني، جنهن جا گانا گهر گهر وڄڻ لڳا. ان کان اڳ هن هڪ هندي فلم ’پنر ملن‘ (1965ع) جي موسيقي ڏني هئي، جنهن جو هڪ گانو محمد رفيع ڳايو هو. گاني جا ٻول هئا: ”پاس بيٺو طبيعت بهل جائيگي“ تمام گهڻو مشهور ٿيو. اهو گانو بناڪا گيت مالا نالي پروگرام ۾ امين سياني سياون ريڊيو تان تمام گهڻو هلايو. اصولي طور سندس پهرين فلم ’روڊ 303‘ (1960ع) آهي، ان کان پوءِ سندس ڪيتريون ئي هندي فلمون آيون، جن ۾: ’مين اور ميرا ڀائي‘، ’اڪ سال پهلي‘، ’چلي هين سسرال‘، ’شسيلا‘،’ لمبو دادا‘،’ هانگ ڪانگ‘، ’منگو دادا‘، ’استاد پيڊرو‘، ’گرو اور چيلا‘، ’لو ان ڪشمير‘، ’رکشا بنڌن‘،’ آنکهه ڪا تارا‘، ’صبح ضرور هوگي‘، ’نواب صاحب‘، ’هماري ڪهاني’، ’مرڊر آن هائي وي‘، ڪڙوا جهوٽ‘، ’قانون اور مجرم‘ ۽ ’ستي نانگ ڪنيا‘ وغيره. اهڙي نموني جن سنڌي فلمن جي موسيقي ترتيب ڏنائين، انهن جو تفصيل هي آهي: (1) اباڻا (1956ع) (2) انصاف ڪٿي آهي (1960ع)، (3) لاڏلي (1966ع)، (4) جهولي لال (1964ع)، (5) سنڌوءَ ڪناري (1966ع)، (6) هو جمالو (1968ع)، (7) شل ڌيئر نه ڄمن (1968ع)، (8) هل ته ڀڄي هلون (1984ع)، (9) سنت ڪنور رام. سي ارجن جي سنگيت ۾ پراسرام ضيا ۽ گورڌن ڀارٽيءَ جي لکيل گيتن کي پلي بئڪ طور سرلا سامتاڻي، بلوسي راڻي، ماسٽر چندر، آسن ميراڻي، وڌيا گربخشاڻي، ساوتري گدواڻي، ڪانتا پي لال، نرملا ساپرو، رام پنجواڻي، ڀڳونتي نانواڻي، سترام روهڙا، آشا هرگناڻي، چندرو آتما، ڪلان هزاري، ڪملا ڪيسواڻي، مهيش چندر، ڄيٺا لال، لتيڪا سين، گهنشام واسواڻي، ارونا ڪندناڻي ۽ ٻين ڳاتا. هن ڪيترن غير سنڌي ڳائڻن کان به سنڌي فلمن لاءِ سنڌيءَ ۾ گيت ڳارايا، جن ۾: لتا منگيشڪر، آشا ڀونسلي، آشا منگيشڪر، اشا منگيشڪر، مهيندر ڪپور وغيره اچي وڃن ٿا. سندس مشهور گيت جيڪي سنڌي عوام ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا، انهن ۾ پهرئين دور جو گيت ”نچ نا چوئڙا ٿئي ويل نچڻ جي وري نه ملندءِ وار“ هي ڪلام فلم لاڏلي ۾ پروفيسر رام پنجواڻي ڳاتو هو ۽ هتي جيڪو سنڌ جي مڪانن، اوتارن ۽ محفلن ۾ گهڻو ڳاتو ويندو هو. هن فلم جا پنج گانا مشهور ٿيا. اهڙي طرح ”هو جمالو“ جو هڪ گانو ”هندو مو من ناهيان“ جنهن کي مهيندر ڳاتو هو، ڏاڍو مقبول ٿيو. سي. ارجن شڪل شباهت جو سهڻو، قد مناسب، سادي سڀاءُ ۽ مرڪندڙ چهري جو مالڪ هو. سي ارجن جو پيءُ پرمانند به موسيقي سان زبردست چاهه رکندو هو، ايستائين جو چون ٿا ته ارجن جي اسڪول کان گسائيندو هو ته پرمانند ايترو ناراض نه ٿيندو هو، جيترو موسيقيءَ جي ڪلاس کان گسائڻ تان ڪاوڙبو هو. هن کيس 9 سالن جي عمر ۾’ڪلياڻ ڀارتي سنگيت ودياله‘ ۾ داخل ڪرايو هو، جتي سندس ڀاءُ وليرام به سنگيت سکندو هو. اتي هن جي گروءَ جو نالو رام پنوري ترويدي هو، ارجن آرگن باجو تڏهن سکندو هو، جڏهن هن جا ننڍڙا پير پيرن واري باجي تي پڄي به نه سگهندا هئا. ودياله ۾ گروءَ جي اچڻ کان اڳ ئي صفائي ڪري ۽ اگر بتيون ٻاري رکندو هو، ان لاءِ گرو رام پنوري کيس ڏاڍو ڀائيندو هو. هن تمام سهڻي فنڪار ۽ موسيقار 13 اپريل 1992ع ۾ بمبئي جي اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ دوران دل جي دوري سبب وفات ڪئي، سندس سنڌي موسيقيءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي سلام پيش ڪجي ٿو.