شڪاگو ۾ سنڌين جو ميلو

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    شڪاگو ۾ سنڌين جو ميلو

    سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جو 30 هون ساليانو ڪنوينشن لوڪ فنڪاره صنم مارئي ۽ صوفي ڪلاڪار جمال فقير جي لازوال پرفارمنس ذريعي پڄاڻيءَ تي پهتو. سنڌ، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ، امريڪا ۽ ڪئناڊا جي مختلف شهرن مان آيل سوين سنڌي اڻ وسرندڙ يادون ۽ آليون اکڙيون کڻي ۽ وري ٻئي سال ملڻ جا وچن ڪري پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا.
    سانا شڪاگو ڪنوينشن جي آخري رات نه رڳو شڪاگو لاءَ پر سنڌي موسيقي لاءِ پڻ يادگار رھي جتي صنم مارئي پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ڌمال “دامن لڳيا مولا مئن تو تيري آن” سان شروعات ڪري ويسٽ ان اوهائر هوٽل جي بال روم ۾ ويٺل سوين ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو. هن محفل ۾ سنڌين سان گڏ تمام گھڻيون انگريز فيمليون به سنڌي موسيقي ٻڌڻ لاءِ ڪهي آيل هيون جن صنم مارئيءَ کان “هن جنم هن جنم ۾ مان جتي به هجان، شال سنڌ تنهنجو ٿيان” ۽ “نه ٿو جو سنڌ لاءِ لڙي نه ٿو جو جيجل لاءِ وڙهي سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي” ٻڌا ۽ پنهنجي وطن سان عشق تازو ڪيو.
    ان کان پهريان سنڌي موسيقي جو روح سمجھيو ويندڙ صوفي راڳ جي بادشاھ جمال فقير پڻ محفل کي پنهنجي ڪلامن سان مست بڻايو ۽ سنڌي “صوفيءَ جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ، هن عشق جي انداز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ” ۽ سندس ٻين ڪلامن تي بي خودي مان نچندا رهيا. محفل جي شروعات ۾ ٽورانٽو جي ٻارڙن سنڌي قومي گيتن تي ٽئبلو “ آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي” ۽ “جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن” تي ڊانس ڪري سڀني کي جھومايو ۽ اهڙيءَ طرح هيءَ محفل سنڌين ۽ سنڌياڻين پاران قومي گيتن تي جھومريون هڻندي رات دير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.
    سانا جي هن 30هين ڪنوينشن سنڌين جي شرڪت جي حوالي سان اڳيان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا جنهن ۾ 800 کان وڌيڪ سانا ميمبرن شرڪت ڪئي جن ۾ سنڌ مان آيل سياسي ۽ سماجي شخصيتون ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سان گڏ گل محمد جکراڻي، فقير داد کوسو ۽ مشتاق راڄپر جهڙا قومي ڪارڪن پڻ هئا ته اتي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل به هو، اتي ئي ڪلثوم چانڊيو، شميم اين ڊي خان به شامل هيون جن سانا ميمبرن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا ڏنا ته ان ۾ هندو ڪائونسل جو وفد به هو. ان سان گڏ ڊاڪٽر مسرت خواجه، دوست علي جيسر، مشتاق سرڪي، رمضان چانڊيو، امير ڀنڀرو، بخشڻ مهراڻوي ۽ سيڪريٽري سروسز سنڌ شفيق مهيسر به هن ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ آيل هئا.
    محفل موسيقي کان پهريان مکيه ايوارڊ ۽ اختتامي تقريب جي شروعات ڪندي سانا جي صدر جميل دائودي ۽ جنرل سيڪريٽري نورالنساءَ گھانگھرو نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ ڪامياب ڪنوينشن جي انتظامي ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر خليل ميمڻ ۽ سندس سمورن ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون. هن ڪنوينشن ۾ سانا پاران سنڌ لاءِ ناقابل فراموش خدمتن جي مڃتا طور امداد حسيني، قيصر بينگالي، جهانگير صديقي، غلام نبي مورائي، جمال فقير، صنم مارئي ۽ الغوزي نواز ارباب کوسو کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا، جڏهن ته سانا جي اڳوڻن صدرن ڊاڪٽر وليد شيخ، عزيز ناريجو، سني پنهور، مظهر لاکو، اقبال ترين، پريل سومرو، اي ڊبليو ڀٽي ۽ خالد هاشماڻي کي يادگار ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، ان سان گڏوگڏ سانا جي مرڪزي صدر جميل دائودي ۽ سانا يوٿ جي صدر بختاور حافظ کي به يادگاري شيلڊ ڏني وئي.هن ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نامياري ليکڪا نورالھديٰ شاھ چيو ته سنڌ جي تهذيب ۽ تعليم لاءِ سانا جون ڪوششون ساراھ جوڳيون آهن پر سنڌ لاءِ هر سنڌيءِ کي هاڻي اٿي کڙو ٿيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ورثي کي بچائڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
    ان کان اڳ سانا ڪارڪنن ۽ سندن سنڌ کان آيل مهمانن صبح کان وٺي شام تائين سنڌ جي تعليم بچائڻ ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سوچ ويچار ڪئي. ان حوالي سان صبح جو“ايڪويهين صدي ۽ سنڌ.تعليم ئي اڳتي وڌڻ جو ذريعو” جي عنوان هيٺ مذاڪرو ٿيو جنهن جا خاص مقرر سيڪريٽري تعليم ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو، صادقه صلاح الدين ۽ ٻيا تعليمي ماهر هئا. هن سيشن جي ڪارروائي سانا جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر وليد شيخ هلائي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فضل الله پيچوهي سنڌ جي تعليم تي هڪ جامع پريزينٽيشن پيش ڪئي ۽ قبول ڪيو ته سنڌ جي تعليم تباهي جي ڪناري تي آهي جنهن لاءِ ڪير چئي ٿو ته ان صورتحال جا ذميوار استاد ۽ انهن جون تنظيمون آهن ته ڪير ان جو ڏوهاري سرڪار، سياستدانن ۽ آفيسرن کي قرار ڏي ٿو. هن چيو ته مان هڪ ڳالهھ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهيان ته تعليم کاتي مان سياسي مداخلت ختم ڪجي ۽ ان ۾ پيپلز پارٽي جي سرپرست بلاول ڀٽو زرداري ڀرپور ساٿ ڏنو آهي جيڪو سنڌ جي تعليمي سڌارن جو نگران پڻ آهي. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ ٽيچنگ ۽ انتظامي ڪيڊرس کي الڳ ڪيو آهي جنهن جا مثبت نتيجا ملڻ جي اميد آهي. هن چيو ته هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته تعليم کاتي جا آفيسر غلط انگ اکر ڏين ٿا ۽ ٻيو ته هتي 90 سيڪڙو اسڪول پرائمري ۽ صرف 10 سيڪڙو اسڪول مڊل ۽ مٿين سطح جا آهن ڇو ته هن وقت تائين صرف اسڪول قائم ڪرڻ تي زور رهيو آهي، ان سان گڏ ڪرپشن ۽ جعلي ڀرتين جو به وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته گذريل دور ۾ 30 هزار جعلي استاد ڀرتي ڪيا ويا. پيچوهي چيو ته سانا سان گڏجي اسڪولن کي بهتر ڪنداسين پر ان لاءِ عام ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن مثال ڏنو ته دادو مان هڪ ڇوڪري کيس فون ڪئي ته گوسڙو استادن خلاف ايڪشن کڻو جن ۾ سندس والد به شامل آهي.
    غلام نبي مورائي چيو ته تعليم ئي قومن جي جياپي جو ذريعو آهي جنهن کي بچائڻ لاءِ قومي تحريڪ جي ضرورت آهي. هن ان حوالي سان هڪ ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري جنهن کي تمام گھڻو ساراهيو ويو، ان موقعي تي نامياري ماهر ۽ دانشور ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته سنڌ جي تعليم کي استادن جي هيٺين سطح تي هائرنگ ۽ فائرنگ جا اختيار ڏيڻ ۽ سياسي ڌرين جي شموليت سان ئي بچائي سگھجي ٿو. هن سانا ۽ خاص طور ڊاڪٽر اعجاز ترڪ جي سنڌ جي تعليم بچائڻ لا۽ ڪيل جدوجهد جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته سانا پاران سنڌ حڪومت کان اسڪول وٺي هلائڻ سان تمام وڌي تبديلي ايندي.هڪ ٻئي مقرر جي ايس بئنڪ جي چيف جهانگير صديقي چيو ته سنڌ کي هنرمندن جي ذريعي مالدار بڻائي بچائي سگھجي ٿو. پروگرام کي صادقه صلاح الدين، ظفر آغا، گل محمد رند، ڊاڪٽر مبارڪ شاھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي هندو ڪائونسل جي سرپرست ڊاڪٽر رميش ۽ صدر چيلا رام پاران سانا صدر جميل دائودي ۽نورالنساءَ گھانگھرو کي شيلڊ پيش ڪئي وئي.ساڳي طرح شام جو سنڌ جي اقتصادي ترقي جي حوالي سان پڻ هڪ مذاڪرو ٿيو جنهن جي ڪارروائي سانا جي جاکوڙي ڪردار ڊاڪٽر اعجاز ترڪ ھلائي، ان سيشن کي مک اسپيڪر طور خطاب ڪندي ڊاڪٽر قيصر بنگاليءَ چيو ته سنڌ جنهن بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي ان جو گھڻو تڻو ذميوار سنڌ دشمن مافيائون آهن جن هن عظيم ڌرتيءِ جي تعليم کي تباھ ڪري سنڌين کي اوندھ جي غارن ۾ ڌڪيو آهي، هن سانا پاران سنڌ جي تعليم لاءِ اڳتي اچڻ کي ساراهيو ۽ چيو ته توهان کي سنڌ جو رت چوسيندڙ دائنوسارن سان جهاد ڪرڻو پوندو تڏهن ئي سنڌ جيئندي. قيصر بنگالي جڏهن جذباتي ٿي جيئي سنڌ جو نعرو هڻي پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ڪئي ته سڄي هال اٿي بيهي کيس سندس سنڌ لاءِ خدمتن جي بدلي۾ شاندار انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. هن سيشن ۾ هندو ڪائونسل جي چيئرمين ايم اين اي ڊاڪٽر رميش سنڌي هندن جا مسئلا پيش ڪندي چيو ته سنڌ هندن جي به آهي پر انهن کي سنڌ مان زوري ڌڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي جنهن کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو. هن تعليم ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي حوالي سان سانا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ۽ سنڌي هندن کي سانا جي ڪمن ۽ ٻين سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
    ڪنوينشن جي ٻئين ڏهاڙي جي پروگرامن جي شروعات صبح جو سانا جي سرگرم اڳواڻ ڊاڪٽر حفيظ عباسي جي نگرانيءَ هيٺ هڪ ميڊيڪل سمپوزيم سان ٿي جنهن ۾ صحت سان لاڳاپيل مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪنوينشن ۾ شريڪ ماڻهن کي مفت طبي چڪاس جون سهولتون به ڏنيون ويون. ان کان اڳ ٻن پهرن جو “سنڌي عورت جو سنڌ جي ترقي ۾ ڪردار” جي عنوان سان هڪ مذاڪرو سانا جي مرڪزي نائب صدر (خواتين)شاهده سومرو جي نگراني هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سانا جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نورالنساءَ گھانگھرو سان گڏ سنڌ مان آيل ناميارن اديبن نورالهديٰ شاھ، پروفيسر سحر امداد ۽ متحرڪ ڪردار طور سڃاتي ويندڙ سوڀيا آغا ۽ ٻين خطاب ۾ چيو ته قومن جي ترقي عورت جي شموليت بنا ممڪن ڪونهي. هنن سنڌي عورت جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته سنڌ جي عورت جتي پنهنجي مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪري ٿي اتي سندس مرد پڻ کيس اڳتي وڌڻ جا سمورا وسيلا مهيا ڪري ٿو. هنن سنڌي عورت جي وڌيڪ منظم ڪردار جي گھرج تي زور ڀريو.
    ان ڏهاڙي جي خاص ڳالهھ سانا جي مرڪزي جنرل باڊي جو اجلاس هو جنهن ۾ مرڪزي صدر جميل دائودي، جنرل سيڪريٽري نورالنساءَ گھانگھرو، نائب صدر اعجاز ڪولاچي، خزانچي ارشاد قاضي، اطلاعات سيڪريٽري ذوالفقار شيخ ۽ سمورن ريجنل سيڪريٽرين اويس لغاري، صفدر پنهور، منصور سمون، خالد چني ۽ اعجاز ميمڻ پنهنجون ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪيون، ان موقعي تي سانا جي سنڌ ۾ جاري مختلف منصوبن بابت پڻ رپورٽون پيش ڪيون ويون جن ۾ سانا جي گذريل سال قائم ڪيل “سنڌ اسڪول سسٽم” بابت ان منصوبي جي سربراھ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، سنڌ اسڪول ڊولپمينٽ پروگرام بابت ڊاڪٽر علي حسن ڀٽو، سانا فيم فنڊ بابت ظفر آغا ۽ ٿر ۾ مٺي پاڻي بابت سهيل انصاري جون رپورٽون شامل هيون. اجلاس ۾ سانا جي باڊي ۽ لاز ۾ تبديلين ۽ ايندڙ چونڊن بابت پڻ ويچاريو ويو، ان موقعي تي 35 کان وڌيڪ ماڻهن 500 ڊالر ڏئي سانا جي لائف ميمبرشپ حاصل ڪئي. پروگرام جي هڪ ٻي خاص ڳالھ سنڌي ادبي محفل هئي جنهن ۾ سنڌ جي سر موڙ شاعر امداد حسيني پنهنجي شاعري ٻڌائڻ سان گڏ سنڌي ٻولي کي درپيش خطرن بابت پڻ پنهنجي خيالن کان آگاھ ڪيو.
    سنڌي شاعري جي حوالي سان پڻ هڪ مشاعرو ٿيو جنهن ۾ امداد حسيني، پروفيسر سحر امداد ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سردار شاھ ۽ ٻين شاعري ٻڌائي. هن ڪنوينشن جي ٻين رات عظيم صوفي راڳي جمال دين فقير لاءِ هئي جنهن صبح تائين صوفي ڪلام ٻڌائي روح کي گرمايو، ان محفل جي ڪمپيئرنگ ٽورانٽو جي اديب ڊاڪٽر راشد پيرزادو ۽ بخشڻ مھراڻوي هلائي، جڏهن ته ڪئناڊا جي ٽورانٽو شهر، آمريڪا جي مختلف هنڌن تان آيل سنڌي ٻارڙن به ڪنوينشن جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ انهن وچ ۾ ٽئبلو ۽ چٽا ڀيٽين جا پروگرام به ٿيا. اهڙي طرح ٽن ڏهاڙن جي شڪاگو ۾ مچايل ميلي بعد سمورا سنڌي سنڌ جي خدمت جا وچن، امن، پيار، سھپ ۽ ڀائيچاري کي عالمي سطح تي سنڌ جي روح مطابق ڦهلائڻ جا واعدا ڪري پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿيا.
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معصوم سنڌي

    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرزاق ٽالپر

    عبدالرزاق ٽالپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    س
    سنڌ سلامت وسيلي سانا جي ڪنوينشن بابت ڄاڻ ملي. معلوم ٿيو سنڌي قوم جي نالي ۾ سنڌ جا بدنام ۽ سرڪاري ماڻھن کي دعوت ڏيئي گھرايو ويو،جيڪي سنڌ جي تباھي جا ذميوار آھن امير ڀنڀرو.گلوٻٽ، زرداري جو خاندان، سنڌ ھڪ طرف بيٺي آھِي ۽ اھِي نقلي ماڻھون سڄڻ بڻجي اسٽيج سجايو ويٺا آھن. اھڙو فورم واقعي سنڌي فورم آھِي يا دشمنن جو پليٽ فارم.. سالن کان ٻاھر رھندڙن حد ڪري ڃڏي. وري قران شريف سانا جي خرچ تي ڃپرايو ويو. ڄڻ سنڌي ھندن لاءِ ممنوع جاٰءَ. ھِي سرڪاري تقريب ھئي سرڪاري ماڻھن کي خوش ڪرڻ جي. سانا ۾ اھِي ماڻھون آھن جن سرڪاري عھدن تي رھي عوامي پيسن جي ڦرلٽ ڪئي آھي ۽ سنڌي قوم کي غريب ڪيو آھي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ادا عبدالرزاق!
    اختلاف را جو هر هڪ کي حق حاصل آهي پر هن معاملي تي آئون اوهان سان ڪن نقطن تي اختلاف رکان ٿو، جي چئو ته را رکان نه ته ڍڪي ڀلي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالرزاق ٽالپر

    عبدالرزاق ٽالپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جي بلڪل مون ب اھو حق استمعال ڪيو آھي ۽ توھان کي ب اھو حق آھي، منھنجي ذھن ۾ ساناجو جيڪو اميج ھو ۽ موجوده ڪانفرنس بابت ڄاڻ ملڻ کان پوءِ اھي ڪمينٽس آھن، توھان سانا طرفان جواب ڏيڻ گھرو ٿا ت اکين تي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    سائين وڏي خوشي جي ڳالھ آ ته شڪاگو ۾ ايڏو وڏو سنڌين جو ميلو ٿي گزريو آهي ۽ اميد ته هر ملڪ ۾ وڃي اهڙا ميلا ڪيدءَو جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته سنڌي ڪيڏا با اخلاق ۽ پيار ڪندڙ آهن پر مونکي اتي هڪ افسوس به آهي ڀلين ماڻهو ڪهڙي شعوبي ۾ هجي ٿو هو نوازي پنهنجن کي ٿو ائين ڇو هن ميلي ۾ به ايئن ٿيو ڪنهن ننڌي شاعر کي پاڻ سان ڪون وٺي ويا ..اگر اهڙا موقعا ملن ٿا ته هن ۾ اسان جهڙن ننڌڻن شاعرن کي به وٺي وڃو ته هو به اوهان مان ڪجھ حاصل ڪن جي اوهان اسان کي نظر انداز ڪيو ته اسان ڪاڏي ويندا سين سٺو اهو آهي ته سڀي کي وارو ڏيو جيئن اسان اوهان جا بازو بڻجي سگھون
     
  7. مير ماجد نوناري

    مير ماجد نوناري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪيلفورنيا.
    مان پاڻ سانا جي ڪنويشن ۾ شريڪ هيس. دوستن جا اعتراض جائز آهن. تمام زبردست شرڪت هئي. جتي تمام وڏا ڏاها آيا اتي ڪجه اعتراض جوڱا ماڻهو به هئا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    هر دوست کي موقعو ڏيو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو