سنڌ سان سنڌيت جي چادر پهري وڏي دشمني

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ايم ڪيو ايم ۽ سڀ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي قطعي هڪ ناهن، سنڌ ۾ نسلي فسادن جي اوڙاه تي تيل هاري فسادن کي ڀڙڪائڻ وارا نه صرف اردو ڳالهائيندڙ سنڌيئن کي زوريءَ دهشتگرد مافيا جي جهولي ۾ اڇلائي رهيا آهن پر سنڌ کي ورهائڻ جا ڏوهاري به ٿي رهيا آهن جيڪا ڪنهن به ريت سنڌ جي سڄڻائي نه پر سنڌ سان سنڌيت جي چادر پهري وڏي دشمني ۽ سنڌ جي ازلي دشمن ڌاڙيلن جي کلي ونگار آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عبدالرحيم گجراتي صاحب ! اوهان ٿورن لفظن ۾ جيڪا ڳاله ڪئي آهي اها لک لهي . اسان کوڙ سارا اهڙا مهاجر ڏٺا يا ٻڌا آهن جن کي هڪڙو لفظ به سنڌيءَ جو ڳالهائڻ نه ايندو هو .پر انهن سنڌ کي پنهنجي حقيقي ماءُ جو درجو ۽ رتبو ڏيئي پاڻ کي اهڙو ته سنڌ دوست ثابت ڪيو جو انهن کي ڪنهن به سنڌيءَ کان ڪو سنڌي هجڻ جي سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ئي نه پيئي .سنڌ ڌرتيءٌ ۽ سنڌين انهن کي اصلي ۽ پيدائشي سنڌين کان به وڌيڪ مان ۽ مرتبو ڏنو۽ اهڙن کي سنڌي سمجهيو وڃي ٿو.
    ٻئي طرف ڪي اهڙا به سنڌي ڄاوا آهن ،جن سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪئي . پر پنهن هڪڙي دفعي رڳو سنڌ سان غداري ڪندي اهڙو ته عمل ڪيائون جو هميشه جي لاءِ لعنتي ۽ ملامتي بڻجي ويا ۽ سنڌي انهن جي نالي کي ڄڻ ته گار ٿا سمجهن . ڪو به ماڻهو رڳو اجرڪ يا ٽوپي پائڻ سان سنڌي نه ٿو بنجي سگهي . اصل آهي ان ماڻهوءَ جو سنڌ جي مفادن سان پان کي سلهاڙڻ وارو ڪردار. جيڪو سنڌي هجڻ يا نه هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ٿو .
     
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪريم صاحب جيڪو به ڪنهن به وطن فروش غدار، چور ۽ لٽيري کي سر بازار الف اگهاڙو نٿو ڪري اهيو به ان جي قومي ڏوه ۾ شريڪ جرم آهي.
    هڪ طرف سنڌ ۾ اوسطا 17 سيڪڙو ٻار ( جن ۾ ڪراچي ۾ شايد هڪ کان پنج سيڪڙو هجن، حيدرآباد ۾ ان جو تعداد پنج کان ست سيڪڙو هوندو ) باقي جنهن کي اسين اندرون سنڌ چئون ٿا ان کي ملائي 17 سيڪڙو جو مطلب 20 لک بيهي ٿو. سنڌ جا 20 لک ٻار انتهائي شديد قسم جي اڻ پوري غذا جا شڪار آهن. اهي انگ اکر ڪو عالمي ادارن وٽ سنڌ جي دانهن پهچائڻ جي لاءِ وڌائي پيش ڪيئل انگ اکر ناهن پر اها ڳاله خود پاڪستاني سرڪاري رپورٽن ۾ چئي ويئي آهي.
    ٻئي طرف سنڌ جا 75 لک انسان ڪاري ڪامڻ ( هيپاٽائٽس اي، بي ، سي، ڊي ) جو کاڄ بنجي چڪا آهن،
    اگر ايمانداري سان هڪ هڪ پئسو ڪاري ڪامڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ خرچ ڪجي ته ماهرن جي چوڻ مطابق اهو صرف 10 ارب روپيئن ۾ ممڪن آهي. ان جو اهيو مطلب ناهي ته جن مريضن جا جيرا جلي چڪا آهن اهي وري ٺيڪ ٿي ويندا پر اها ڳاله يقيني آهي ته علاج وسيلي انهن کي مرڻ کان بچائي سگهبو ۽ ان کان به وڌ اهم اهيا ڳاله ته ڪاري ڪامڻ جا ٻيا وڌيڪ ڪيس نه ٿيندا.
    10 ارب روپيا ڪهڙي وڏي رقم آهي، اها به سنڌ جهڙي امير ترين ملڪ جي لاءِ جيڪو جڳ پال بنيئل آهي.
    ٽئين طرف حڪومت جي سالياني آڊٽ ڪميٽي جو آڊيٽر جنرل چوي ٿو ته بابا ڪاغذن مان ته پيٽ نه ڀربو اسان کي هڪ سئو ارب روپيئن کان به مٿي جي رقم جو ڪو حساب ڪتاب ئي نٿو ملي ته اهي هيڏا سارا پئسا ڪيڏانهن ويا.
    چوٿين طرف نثار کهڙو ٿو چوي ته پير مظهر پنهنجي آخري عبوري 3 مهينن جي دور ۾ 33 هزار استادن جي نوڪريئن جا آرڊر جاري ڪيا، 33 هزار آرڊرن مان ٿي سگهي ٿو ته ڪجه آرڊر سفارش يا سياسي رشوت طور ٻيئن ڌنڌوڙي پيپلن کي ڏنا هجنس، جن اهي آرڊر اڳتي وڪيا هجن پر پيپلن جا ويجها ذريعا چون ٿا ته پير مظهر نوڪريئن جي انهن آخري آرڊرس مان ئي صرف 10 ارب روپيا ڪمايا آهن. ( هتي انهن ماڻهن جي ضمير سان جيڪي سنڌ سنڌ جون ڳالهيون اسان سڀن کان وڌيڪ ڪندا آهن پر پير مظهر جهڙي بي ضمير، ٺڳ، چور ۽ قومي ڏوهاري جون پرديس ۾ دعوتون ڪندا آهن ۽ ان جي لاءِ سندس * پوءِ به سنڌي هجڻ * جا بهانا ڳولهيندا آهن کري ڳاله نه ڪرڻ به قومي گناه سمجهان ٿو )
    هڪ طرف هڪ چور پنهنجي آخري ڪيئل واردات مان 10 ارب روپيا هڙپ ڪري وڃي ٿو ( ان کان اڳ پنجن ورهيئن تائين ڪهڙا ڪهڙا راتاها نه هنيا هيائين، ان جو حساب الاءِ ڪيئن ڪجي ) ته ٻئي طرف 75 لک مسڪين ڌرتي ڌڻي ڪاري ڪامڻ جي اذيت ناڪ مرض ۾ تڙپي تڙپي ساه ڏين ٿا جن جي ان ساڳي رقم مان جان بچائي سگهجي ٿي.
    منهنجو ايمان آهي ته جيڪو به ڪنهن به وطن فروش غدار، چور ۽ لٽيري کي سر بازار الف اگهاڙو نٿو ڪري اهيو به ان قومي ڏوه ۾ شريڪ جرم آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو