سَنڌِي هِندُو آخر ڇَو ٿا دِيس ڇَڏِين.!!!!!!!!!!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG]سَنڌِي هِندُو آخر ڇَو ٿا دِيس ڇَڏِين.!!!!!!!!!!

    سائِل مَهِراڻَ

    رَڙِيارَو، ٿِرَپارِڪُرِ


    “سَڄَڻُ ۽ ساڻِهه ڪِنهِن اَڻاسِي وَسِرِي
    حِيفَ جَنئِينِ کِي هَو، وطُنُ جِن وِسارِيو”

    شَاهِه سائِين جِي هِنُ بِيتُ ۾ ساڻِهه جِي سِڪُ بِياَن ڪَيِل آهِي، پَرَ هاڻَ اسان جا سَنڌِي هِندُو ڀائِر آهَستِي آهَستِي هِي پَنهَنجو اَباڻَو دِيسِ (جَتِي هَزَارِين سالَنِ کان رهِندَا اَچِنَ) کِي وَسارِي هُو هَندُوسَتان ڏانهَن رُخَ رَکِنِ پِيا. پَرَ اَسان ڪَڏِهنَ اُهُو سُوچِيو آهَي تَه هُو آخِر سَنڌِ کِي ڇَو خِير آبادُ چوَن پِيا؟

    هَا اسان سُوچِيو هُوندَو تَه هُو سَنڌِ ۾ پَنهَنجو پاڻِ کِي نڌڻِڪو سُمجُهن پِيا، هُن ڪرِي اَباڻَو دِيس ڇَڏِين پِيا، (اُها بُه سِچُ آهِي ته هَتِي هُو پَنهَنجو پاڻَ کِي نڌِڻِڪو سُمجُهنِ ٿا) ٻِيَو ڌاڙِيلَن جِي زُورِ ۽ اِغوا، ڀُنگُ، رِشَوتُ خُورِي تِي سُوچِيو هُوندَو، اُنُ کان سِواءِ ٻَيو نه. پَرَ اِڄُ آئُون اَوهان کِي هِتَ هِڪَ حقِيقَتَ ٻُڌائِيندَو هِلاَن تِه آخِرڪارِ هِندُو پَنهَنجو اَباڻو دِيس ڇَڏِي پَردِيس ڇَو ٿا وَڃَن؟

    1. آئُون مَٿِي لَکِي آيو آهيان ته هَتِي جِي هِندَن سان مَٿِيان ظُلَمَ آهن.

    2. هُو هَتِي پَنهَنجو پاڻ کِي مَحِفُوظَ نه پيا سُمجَهنِ

    3. زُورِي مَذِهبُ مَٽائِڻَ لاءِ زَبِردَسَتِي.

    4. پَنهَنجِي عَبادَتِ گاهُنَ جِي بِيحُرمَتِي جِي ڪَرِي مَحِفُوظَ نه ٿا سُمجُهنِ

    5. پَنهِنجي مَرَڻِ کان پوءِ لاشِ جِي بيِحُرمَتِي جَو ٿا سَوچِين.

    6. پَنهَنجي نِياڻِين جِي عَزِتَ جو ٿا سَوچِين

    7. مِعمولي ڳالهين تي ملندڙ ڳارين جو ٿا سوچين

    8. پنهنجي تهوارن جي خوشيون آزادي سان ملائي نه ٿا سگهن

    9. اهي سڀئي ڳالهيون ڳڻي هو هاڻ پنهنجي اباڻي وطن کي خدا حافظ چوڻ ۾ پنهنجي بهتري ٿا سمجهن.

    اها ته پيغمبر حضرت محّمد مصطفيٰﷺ کان سنت هلندي اچي ٿي ته جتي امن امان نه هجي هتان هجرت ڪرڻ ۾ بهتري آهي. ٻيو ته مهاڀارت جي هيرو شري ڪرشن ڀڳوان پنهنجي پاسي واري راجا جي ظلمن کان تنگ اچي مٿرا ڇڏي، سمنڊ ڪناري نئون شهر دوئارڪاپوري اڏي وڃي ويٺو هو. حضرت موسيٰ به فرعون جي ظلمن کان تنگ اچي بني اسرائيل جي قبيلي سان نيل ندي ٽپي ٻئي ڪناري تي وڃي ويٺو هو. اهي ڳالهيون ڳڻي هاڻ سنڌي هندو هاڻي لڏپلاڻ ڪن پيا.

    آخر سنڌي هندو هاڻ ڇو ٿا لڏن؟

    ان جو جواب هي آهي ته اڳ ۾ سنڌ ۾ هندو توڙي مسلمان ڀائرن وانڱي رهندا آيا هئا، جڏهن هندوستان ۽ پاڪستان ٻئي الڳ ٿيا، ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي مان نالي ماتر هندو اباڻو ديس ڇڏي هندوستان هليا ويا، ٻين کي مسلمان ڀائرن پنهنجي اجهي ۾ وٺي هنن جي عزت، جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ ڪونه ڏنائون،اهي سدائين انهن جي حفاظت جو ذمو کڻي ويٺا هئا ۽ 1971ع واري جنگ ۾ به نالي ماتر هندوئن لڏپلاڻ ڪري وڃي هندوستان وسايو، باقي اسان اڄ به ٿر جي وڏڙن کان ٻڌندا اچو پيا ته هو هندوستان جي صوبي راجستان جي شهر ٻاڙمير، ڇوهٽڻ ۽ ٻين شهرن توڙي ڳوٺن تائين وڃي چڪا هئا ۽ هندوستان جي حڪومت هنن جي مال،جان، ۽ عزت جي حفاظت ڪندي ۽ هنن لاءِ اجهي، کاڌي پيتي جي لاءِ وسان ڪونه گهٽايو هو، پر اهي وڏڙا پنهنجي اباڻو وطن ساري شاهه سائين جي بيت تي عمل ڪندي، وڏڙن مسلمانن جون ڳالهيون ساري واپس وطن وري آيا، هنن واپس ورڻ تي رستي ۾ جيڪي تڪليفون سٺيون، ڏک ڏٺا اهي بيان ڪن ته لنڱ ٿا ڪانڊارجن، پر اڄ اهي ساڳي چون ٿا ته اسان واپسي اچي وڏي غلطي ڪئي، ته اسان کي ڪهڙي خبر ته اسان جي واپسي اچڻ کان پوءِ اها محبت، اٿڻ وهڻ ۽ اها آزادي نه هوندي ۽ جيڪو اسان کي جئي ۾ جايون ڏيندا هئا، اهي اسان کي جاسوس سمجهندا.

    پاڪستان جي الڳ ٿيڻ جو نظريو هر ڪنهن پڙهيو هوندو، علامه اقبال، قائداعظم اهو وڏي واڪي چيو آهي ته “پاڪستان ٺاهڻ جو مطلب صرف هڪ زميني ٽڪري هٿ ڪرڻ جو فيصلو نه آهي بلڪ اسان مذهبي آزادي، اسلام جي تعليم مطابق تجربا ڪرڻ لاءِ گهر ڪيون ٿا”.جڏهن پاڪستان الڳ ٿيڻ ته هتي جي رهندڙ اقليتي مذهبن کي به اها ساڳي آزادي جو چيو هو، پر هندن کي اها آزادي نه ملي سگهي پر هنن سان اها ساڳي طريقو ورجايو ويو جيڪا گڏيل هندوستان ۾ هندن توڙي سکن جيڪا مسلمانن سان ڪئي هئي، لڳي ٿو ته هاڻ جيڪا گڏيل هندوستان ۾ مسلمانن سان هندن رويو رکيو هو ان جو بدلو سنڌي هندن کان ٿا وٺن.


    سنڌ مان لڏندڙ سنڌي هندن سان پاڪستان جي معشيت ۽ مالي نقصان ٿيندو.


    اها ڳالهه هر ڪنهن کي ياد آهي ته سنڌي هندو پاڻ پوري ملڪ جي معشيت سنڀاليو ويٺا آهن، جهڙو ڌنڌو نهاريندو هن ۾ اوهان کي سنڌي هندو نظر ايندا، اڳر سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ۾ روڪٿام نه آئي ته ٿوري ئي عرصي ۾ سڀ لڏي ويندا، ۽ هنن جي لڏڻ سان ساري ملڪيت هٿن سان ويندي، ۽ پويان ملڪ جي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو، ۽ جيڪا حڪومت عيش عشرت ڪري ٿي، هن کي به ٻنجو اچي ويندو، ۽ ملڪ هاڻي کان به غريب ٿي ويندو، پوءِ هٿ هڻڻا پوندا. چوندا آهن پنهنجي “وڍي جو ويڄ نه طبيب” جيڪڏهن هاڻي کان پنهنجي ملڪ کي بچائڻو آهي، ته هندن جي سڀني خدشن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي، هنن جي حفاظت ڪئي وڃي ته جئين پاڪستان جي معشيت بچي سگهي.


    آخري انڪشاف.


    هي واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌي هندن جي پڄندي وارا هئا انهن پنهنجي خاندان هندستان موڪلي ڇڏيا آهن، باقي هتي هڪ يا ٻه ڀاتي رهن پيا. ته جئين ڪنهن ڏانهن اوڌر رهيل هجي ته اها اوڳاڙي وڃي خاندان سان خوشيون ڪيون.

    باقي جيڪي غريب هندو رهن ٿا. اهي به هتان لڏپلاڻ ڪرڻ جو سوچين پيا، جئين ئي انهن جي مالي حالت بهتر ٿيندي، ته هو به هتان جلدي وڃي هندوستان وسائيندا.

    هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻ آهي، ته سنڌي هندو ڀائرن کي ڀلين وڃڻ ڏيون، يا هنن کي روڪي هنن جي حفاظت ڪيون.

    اهو فيصلو مسلمان ڀائرن ۽ حڪومت کي ڪرڻو آهي.

    Email: sailmehra@hotmail.com.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ادا مسلمانن سان به ته ساڳئي ناحق آهي، 99 مسلمان متاثر ٿين ٿا ۽ هڪ هندو متاثر ٿيندو آهي، سنڌي هجڻ جي ناتي اسان هندو مسلم جهيڙي بجاءِ گڏجي هن بحران جو حل ڪڍون، اوهان جو خيال آهي ته سنڌي مسلمان لٺ کڻي هندوئن جي سنڀال ڪن ته پوءِ سنڌ جا هندو سنڌ جي وارثي تان هٿ کڻڻ ۽ پاڻ کي مهمان مڃين، پوءِ مهمانن جي سنڀال اسان جي فرض هوندي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ڏاڍي ڏک جي ڳالھ آهي پر اسان کان وڌيڪ ڏُک اُهي پنهنجي دلين ۾ سانڍيون وڃن ٿا. جيڪو اسان محسوس ڪونه ٿا ڪري سگهون. بيشڪ پنهنجي ماءُ(ڌرتي) کي ڇڏڻ، اباڻي گهر کي ڇڏڻ، پنهنجي ڪرت ڇڏڻ مطلب ته پنهنجو سڀ ڪجھ ڇڏڻ. ان سڀ جو ڪارڻ ڪا مجبوري نه ٿي ٿي سگهي، ڀلي ڪيتري بهي وڏي ڇو نه هجي ايتري تائين جو جان جو سوال به کيس روڪي نه ٿي سگهي. ان جو مثال اسان جي معاشري ۾ عام آهي. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا عام ڳالھ آهي ان دوران ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ڪيتري به وڌي وڃي، ڪيترا به بيگناه قتل ٿين، پر پوءِ به انهن مان ڪوئي پنهنجو ماڳ هرگز ڪونه ڇڏيندو آهي.
    ڇو ته اها انساني فطرت آهي ته ٽن شين جي معاملي ۾ انسان مرڻ مارائڻ جي حد تائين به ناهي مڙندو :
    1. عورت
    2. مٽي
    3. ۽ مذهب
    ۽ اهو اسان سڀني جي سامهون آهي ته "عورت" ۽ "مذهب" جي معاملي ۾ ته هندن کي مظلوم بڻائي سندن عزتن کي سرعام پامال ڪيو ويو آهي. باقي مٽي (ڌرتي) جي معاملي ۾ به هندن ۾ فڪري ۽ ذهني ۽ عملي لحاظ کان ديس کان دوريءَ لاءِ سازشن جو ڪم زور شور سان جاري آهي ۽ حقن جي معاملي ۾ ته هندن سان جانورن کان بدتر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو (جانورن کي به ڪافي حق حاصل آهن)........
    مقصد ته ائين کڻي چئجي ته هندن کي ڌڪا ڏئي ملڪ مان ڪڍيو پيو وڃي.
    اهو رويو دنيا جي هڪ آزاد مملڪت پاڪستان جو آهي ملڪ ۾ رهندڙ اڪليتن سان جنهن پاڪستان جو آزاد ٿيڻ کان اڳ اهو منشور هو ته هندوستان ۾ اقليتن (مسلمانن) سان بدتر رويو آهي. هاڻي ٻڌايو ته جيڪڏهن هاڻ پاڪستان ۾ اقليتن کي اهميت ناهي ته ڇا هاڻي پاڪستان کي به ٻه ٽڪرا ڪيو وڃي.
    پر هندو اقليتن ۾ تمام گهٽ هئڻ ڪري پنهنجا حق وٺڻ بجاءِ پنهنجو ديس ڇڏڻ تي مجبور آهن.

    اهو هيو پس منظر پاڪستان ۾ اقليتن سان ٿيندڙ سهڻي سلوڪ جو
    جڏهن ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ناانصافيون به ڪنهن کان ڳجهيون ڪونهن. پر پاڪستان جي ڀيٽ ۾ انتهائي گهٽ مسلمانن کي ڪافي حق حاصل آهن تقريباََ هندن جي برابر. ۽ هڪ وڏي ۽ اهم ڳاله ته 66 سالن جو طويل عرصو گذرڻ باوجود اڄ تائين هندوستان سنڌ سان ناتو ناهي ٽوڙيو.
    ان جا واضع ثبوت آهن ته :
    1. پاڪستان جي قيام کان پوءِ پنجاب ۾ هندوستان مان ايندڙ ڪافي ندين جا نالا مٽايا ويا
    پر هندوستان ۾ سنڌو نديءَ جو نالو 66 سالن کان پوءِ به برقرار آهي

    2. پاڪستان ۾ مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد باوجود تاريخي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ڏئي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌارين جهڙو سلوڪ جاري آهي.
    جڏهن ته هندوستان سنڌي ٻوليءَ جو مان رکندي ان کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت سان نوازيو ويو آهي.

    3. آخري ۽ اهم ڳاله ته پاڪستان طرفان 66 سالن کان سنڌ سان ظلم جاري آهي
    پر هندوستان اڄ به سنڌ کي پنهنجو مڃي ٿو ۽ سنڌ کان ڌار ٿئي 74 سالن جي عرصي باوجود اڄ به جڏهن هندو قومي ترانو پڙهن ٿا ته تراني جي ٻئي سٽ ۾ سنڌ جو لفظ ضرور استعمال ڪن ٿا. اهي چاهن ها ته پنهنجي تراني مان سنڌ جو لفظ ڪٽي پئي سگهيا پر خبر ناهي انهن ائين ڇو نه ڪيو ؟

    مٿين ٽن نقطن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون آهن جتي هندوستان سنڌ جي معاملي ۾ پنهنجو ۽ پاڪستان ڌاريو ٿو نظر اچي.
    برحال مونکي ايتري ڄاڻ ڪونهي جو هندوستان جو سنڌ سان ايتر هم آهنگيءَ جو مقصد بيان ڪري سگهان.
    پر مان پنهنجي وس آهر سنڌ جي لحاظ کان هندوستان ۽ پاڪستان جو رويو ظاهر ڪيو آهي.

    نوٽ: منهنجي هن تحرير جو مقصد منفي طور تي نه ورتو وڃي ته مهرباني ٿيندي. مان به بلڪل پاڪستان سان پيار ڪريان ٿو. پر پنهنجي ئي خطي جي ماڻهن جي بيوسي لاچاري ۽ دربدري ڏسي انهن حالتن لاءِ جوابده ڪارڻن تي ڪجھ روشني وڌي آهيان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    انڊيا جو ترانو :
    [​IMG]
    انڊيا جون قومي ٻوليون ۽ ڳالهائيدڙن جي شرح
    [​IMG]
    سنڌ ۾ هندن سان ٿيندڙ ناجائزيون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    مهرباني سائين
     
  6. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    مهرباني سائين
     
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مُلڪ سڄو منصور لڳو پيو آ ، صرف هندو ڀائر ڇو ؟؟؟ مسلمانن سان گهٽ ويڌين آهي ڇا ؟؟؟؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو