جيئن ايندي ئي موٽئين، وڏي جاڙ ڪئاءِ وَرُ نه هُئين ؟ وَلَهَا ! هُوندَ جَٽي مون جاڳاءِ ته سُتي جي ساڃاءِ، سوڍا! سگهيائي ٿيئي. سر مومل راڻو جَاڙَ = جٺ، ڀُلَ، ظلم، قهر ۽ غفلت. لفظ جاڙ اصل سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ جاڊيه مان ورتل آهي. وَرُ = ڪانڌُ، مُڙسُ وَلَهَا = ڀَتارُ جَٽي = جهٽ، گهڙي پل ساڃاءِ = سڌ سماءُ، خبرَ، ڄاڻَ، معلومات، پَرُوڙ. ساڃاءِ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سنجيا مان ورتل آهي. بيت جو منظر او راڻا تون اڃان پهتو ئي مس هئين ته ساڳين پيرن تي موٽي وئين. تو وڏو مون سان ظلم ڪيو، قهر ڪيو ڇو؟ تون منهنجو مڙس نه هُئين ڇا؟ جهٽ ترسي، ڪا گهڙي پل بيهي مون کي ننڊ مان جاڳائين ته هان ته جيڪر ستت ئي توکي خبر پئجي وڃي هان ته مون سان گڏ بستري تي ڪير ستل هو؟ سمجهاڻي مومل پنهنجي وڏي ڀيڻ سومل کي راڻي جو ويس ڍڪائي پاڻ سان گڏ سمهاريو هو. راڻو مومل کي ٻئي مرد سان گڏ ستل ڏسي پهرئين ٻنهي کي مارڻ چاهيو پر پوءِ پنهنجو لڪڻ رکيهليو ويو. ڀٽائي هن بيت ۾ سمجهاڻي ٿو ڏئي ته هميشه زندگيءَ جا فيصلا ڳوڙهي سوچ ويچار، سمجهه، عقل ۽ شعور سان ڪندا ڪيو. جلدي ۽ تڪڙ ۾ ڪيل فيصلا نقصان ڏئي سگهن ٿا. ______ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل