1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ايوب گل جي شاعري جو اڀياس. اقبال هاليپوٽو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ اقبال هاليپوٽو طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2014۔

  1. اقبال هاليپوٽو

    اقبال هاليپوٽو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    شاعري صنفن جي محتاج ناهي هوندي!

    اقبال هاليپوٽو


    مونکان ڪير پڇي ته ان کي ٻڌايان
    هيءَ سڄي ڪائنات
    تنهنجي نيري رئي جي ڊيگهه ۽ ويڪر آهي..

    شاعري رڳو قافين ۽ رديفن جي بندش ٻڌل خيال جو نالو ناهي پر شاعري ته ان ندي جيان هوندي آهي جيڪا بندن جي وچ ۾ هجي يا بندن کان آزاد هن ۾ پنهنجي رواني برقرار رهندي آهي. شاعري کي پنهنجو وراثتي حق سمجهندڙ شاعرن ۽ نقادن شاعري جي هڪڙي سگهاري صنف نثري نظم کان نه رڳو انڪار ڪندا رهيا آهن پر ان کي تخليقي ادب ۾ شمار ڪرڻ جي لاءِ به تيار ناهن. ان ڳالهه کان ته انڪار نٿو ڪري سگهجي ته جيئن پابند شاعري جي نالي ۾ ڇپجندڙ سموري شاعري، شاعريءَ جي زمري ۾ ئي نٿي اچي ايئن ئي نثري نظم جي نالي به نثري نظم جهڙي نازڪ صنف سان ڪافي جُٺ ٿي رهي آهي، پر ان جو اهو مقصد نه هئڻ گهرجي ته نثري نظم کي شاعري جي سرحدن مان ئي جلاوطن ڪيو وڃي. هونءَ به جڏهن ڪنهن به نئين صنف کي اسان وٽ متعارف ڪرايو ويو آهي تڏهن ان کي پرايو سمجهي هميشه ان جي وجود کان ئي انڪار ڪيو ويو آهي، پوءَ اهو غزل هجي ، هائيڪو يا نثري نظم ئي کڻي هجي. پر اها به حقيقت آهي ته جڏهن به ڪنهن به صنف کي ڪي اهڙا شاعر مليا جن ان کي نه رڳو پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ انتخاب ڪيو پر ان کي پنهنجي مٽيءَ جو مزاج به بخشيو آهي تڏهن اها صنف ڌارين نه رهي آهي پر ان ۾ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي جي حسناڪي به شامل ٿي وڃي ٿي جنهن کان پو اها نج پنهنجي محسوس ٿئي ٿي. ۽ هاڻ نثري نظم کي به اهڙا شاعر ملي ويا آهن جن جي ڪري هيءَ صنف به اسان کي پنهنجي ٻولي جي مزاج وٽان محسوس ٿيڻ لڳي آهي. اڄ سنڌي شاعري ۾ نه رڳو نثري نظم جا سگهارا شاعر پر ان کي جدت بخشيندڙ شاعر موجود آهن. فراق هاليپوٽو، مصطفى ارباب، روحل ڪالرو کان وٺي ايوب گل تائين ڪافي اهڙا نالا آهن جن وٽ نثري نظم جي اوج کي پرکي سگهجي ٿو.
    ايوب گل جديد سنڌي شاعر جو اهڙو نالو آهي جنهن وٽ خيالن جي گهرائي ۽ فڪر جي اڏار پڙهندڙن جي ذهنن کي خوشبو جيان سرهاڻ جي هڪ اهڙي ديس سان واقف ڪري ٿي جتي ڪائنات پنهنجي راز کوليندي ملي ٿي، جتي ماڻهو پنهنجو پاڻ سان نه رڳو ملي ٿو پر پنهنجي وجود جي شناخت کي به گهرائي سان پرکڻ جي سگهه وٽس جاڳي ٿي پئي.
    ايوب گل جو ڪتاب ”جڏهن هن مون کي ڇڏي ڏنو“ پڙهجي ٿو ته ماڻهو کي خبر پئي ٿي ته نثري نظم پڙهندڙ کي پنهنجي قابو ۾ رکڻ جي ڪيتري سگهه رکن ٿا. ايوب جي نظمن ۾ جتي نديءَ جي رواني محسوس ٿئي ٿي اتي هن وٽ خيالن جي گهرائي به ڪمال جي حد تائين موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جا نظم هردفعي پڙهڻ سان نوان محسوس ٿين ٿا ۽ بار بار پڙهڻ تي دل چوندي آهي. جڏهن هو لکي ٿو ته

    رستن تي ڪوبه فرق نه پوندو آهي
    انهن تان
    ڪير ڪيڏانهن به گذري وڃي...

    ايوب گل ان شاعراڻي آرٽ کان بخوبي واقف نظر اچي ٿو جنهن جي تمام وڏن خيالن کي ننڍڙي ڳالهه ۾ پراثر انداز سان پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ان ڪري ئي هن وٽ تمام وسيح خيال، جن ۾ سموري ڪائنات سمايل هوندي آهي، انهن کي به هو چند سٽن ۾ اهڙو ته قابو ڪري وٺندو آهي، جو ماڻهو دنگ رهجي ٿو وڃي، نه ته اهي ناول جي پلاٽ جيڏو ڪينواس رکندا آهن. ۽ ايوب جي اها به وڏي خوبي آهي ته جڏهن به ڪو خيال کڻي هن ان کي نظم جو روپ ڏنو آهي تڏهن اهو خيال رڳو ايوب جو نٿو رهي پر هر پڙهندڙ ان ۾ پاڻ کي پسي ٿو، ۽ شاعري ته نالو ئي ان احساس جو آهي جيڪو ماڻهو جي اندر ۾ پيهي ان کي پنهنجي ذات سان ملائي. ايوب گل به نثري نظمن جي هن ڪتاب ۾ موجود نظمن وسيلي نه رڳو پاڻ پنهنجي ذات جو ادراڪ رکي ٿو پر پڙهندڙن کي انهن جي اندر سان ملاقات ڪرائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو.

    آئون هڪ اهڙي ڇوڪري کي سڃاڻان ٿو،
    جيڪا سج لهڻ کان پوءِ ڏيئو ٻارڻ ڀلجي وئي
    ۽ اهو سوچڻ لڳي آهي ته،
    اونداهيءَ ۾ رستا به اڳتي وڌڻ ڇڏي ڏيندا آهن..

    هي يا اهڙا ٻيا ڪيترائي خيال آهن جيڪي جڏهن ايوب گل جي نظمن جو روپ اختيار ڪن ٿا ته انهن جي گهرائي انهن جو سحر ماڻهو کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو وٺي. ۽ ماڻهو کي هڪ اهڙي ڪائنات سان متعارف ڪرائين ٿا جتي سوچ جو هڪڙو طويل سفر آهي جيڪو طئه ٿي ٿو وڃي. .
    ايوب گل جڏهن نثري نظم جو فارميٽ کڻي پنهنجي خيالن کي پيش ڪري ٿو تڏهن هو رڳو پنهنجي ذات تائين محدود نٿو رهي پر هن وٽ اتهاس جي انهن سڀني اوڻاين کي به ڏسي سگهجي ٿو جن جي ڪري حسناڪين جهڙي ڪائنات کي غليظ ٿيڻو پيو آهي. هو ڏاڍو سادگي ۽ گهرائي سان اهڙا سوال اٿارڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي جو پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري ۽ ان سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ جستجو جي جهان ۾ پهچائي ٿو ڇڏي. هڪ سگهاري شاعر جي اها ئي خوبي هوندي آهي ته هو پنهنجي پڙهندڙن کي سوچڻ سان گڏ انهن مسئلن کان به آگاهه ڪري جن جي بنياد تي سماج بهتري جي طرف وک کڻي سگهي. ۽ ايوب پنهنجي شاعري وسيلي ان ستل سماج ۾ به ساهه وجهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ايوب جتي داخلي ڪيفيتن جي عڪاسي ڪندي هڪ مصور جيان ملي ٿو اتي هن وٽ خارجي حوالي سان به پوري اتهاس جو ادراڪ پرکي سگهجي ٿو.

    اها ڪهڙي منزل آهي جنهن جي تعاقب ۾
    انسان پنهنجي جنم کان اڄ تائين
    زمينن ۽ آسمانن جا دڳ ميرا ڪيا آهن؟
    يا
    جڏهن آئون حساب لڳايان ٿو
    شهر مونکي اڇا وار مزدوريءَ ۾ ڏنا آهن
    آئون پنهنجو پاڻ ۾ ڪافي پراڻو ٿي ويو آهيان

    هاڻ جڏهن نثري نظم سنڌي شاعري ۾ پنهنجي جڳهه والارڻ شروع ڪئي. تڏهن ان جي پٺيان ٻين ڪافي سببن سان گڏ ايوب گل جي سگهاري شاعري کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ايوب گل جو هي ڪتاب”جڏهن هن مون کي ڇڏي ڏنو“ انهن سڀني ماڻهن کي پڙهڻ گهرجي جيڪي نثري نظم کي شاعري مان ئي خارج ڪرڻ واري سوچ ۾ ورتل آهن. ۽ آئون ته ايئن چوندس ته ايوب گل جي ڪتاب جو پهريون نظم جنهن به پڙهيو ته اهو آخري نظم پڙهڻ کان اڳ ڪتاب مان هٿ ڪڍي ئي نٿو سگهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 سيپٽمبر 2014
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت لکيو اٿو ...

    ايوب گل سهڻو شاعر ۽ بهترين ليکڪ آهي. سندس پنجڪڙن تي مشتمل ڪتاب سمونڊ ٿو مونکي سڏي سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي موجود آهي.
     
  3. اقبال هاليپوٽو

    اقبال هاليپوٽو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    مهرباني ادا سليمان وساڻ. اوهان جو ڪم ڏاڍو بهترين آهي. ڪافي ڪتاب هن لنڪ تان آساني سان ملي ٿا وڃن. اوهان جو اهڙو ڪم يقينن جس لهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو