سنڌ سلامت جي زين فورو جي نئين ورجن 1.4.0 تي اپگريڊيشن

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    السلام عليڪم

    ڪجهه ڪلاڪ پهريان سنڌ سلامت کي زين فورو جي جديد ورجن 1.4.0 تي اپگريڊ ڪيو ويو آهي.. زين فورو طرفان ڪجهه وقت اڳ هن ئي ورجن جا بيٽا ۽ ڪينڊل ورجنس رليز ڪيا ويا هئا.. جن کي سنڌ سلامت جي ٽيسٽ لوڪيشن تي آزمايو ويو هو.. ۽ نئين ورجن تي اچڻ سان جيڪي ايرر سامهون آيا هئا سي زين فورو انتظاميه تائين پهتا ڪيا ويا هئا.. جن کي درست ڪرڻ کان پوءِ آخر ڪار زين فورو 1.4.0 جو اسٽيبل ورجن رليز ڪيو ويو.. جنهن کي سنڌ سلامت جي ٽيسٽ انسٽاليشن تي آزمائڻ کان پوءِ ان قابل سمجهيو ويو ته هاڻي ان کي سنڌ سلامت جي لائيو فورم تي اپلائي ڪيو وڃي..

    واضح هجي ته هر وڏي تبديلي کان پوءِ ڪافي ساريون شيون تبديل ٿي وينديون آهن. ۽ انهن کي سنڌي جي مطابق پروئڻ لاءِ چڱي خاصي توانائي ۽ وقت لڳائڻو پوندو آهي. مثال طور هن اپگريڊ کان پوءِ ڪافي سارا ايڊآن ۽ پلگ ان فارغ ڪرڻا پيا.. ڪجهه نوان ايڊآن جهڙوڪ سنڌ سلامت پاولي سسٽم ضرورت جي مطابق شامل ڪيا ويندا. ڪافي جڳهين تي سنڌ سلامت ايڊيٽر شامل ڪيو ويو، بيشمار نوان ترجما شامل ڪيا ويا ۽ هاڻي به ڪافي جڳهين تي ترجمو رهندو هوندو جنهن لاءِ توهان ساٿين کي درخواست ٿي ڪجي ته وقت سر اطلاع ڏين ته جيئن ترجما شامل ڪري سگهجن.

    هن اپگريڊ کان پوءِ ڪجهه نوان اضافا ڏسڻ لاءِ ملندا.. جن مان ڪجهه جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو..

    پروفائيل اسٽيٽس ۽ ان تي ايندڙ تبصرا

    هن اپگريڊ کان اڳ رڪنن جا پروفائيل گهڻي قدر منظرِعام تي نظر نه ايندا هئا.. جيتوڻيڪ انهن کي سامهون آڻڻ لاءِ سائيڊ بار ۾ هڪ ايڊآن جي مدد سان تازه 5 پروفائيل سٽيٽس ڏيکارڻ جو انتظام ڪري رکيو هو پر ان ۾ ڪافي سهولتون موجود نه هيون.. اهو ئي سبب آهي ته اهو سيڪشن فورم تي ايترو فعال نه هو.. ۽ جيڪي ساٿي رڳو تازه ترين يا فعال موضوع تي نظر رکندڙ هئا سي ان سائيڊ بار کي ڏسڻ کان اڪثر محروم رهندا هئا.. ان کان علاوه ڪنهن جا پروفائيل پيغام ۽ انهن تي آيل تبصره تيسين نه ڏسي سگهبا هئا جيسيتائين رڪن جي پروفائيل جو دورو نه ڪجي.. يا وري موجوده سرگرمي جو جائزو نه ورتو وڃي.. پر تازي اپگريڊ کان پوءِ ان سلسلي ۾ خاطر خواه تبديلي آئي آهي.. هاڻي زين فورو جي فورم لسٽنگ واري صفحي تي سائيٽ بار ۾ تازه پروفائيل اسٽيٽس جو خانو نظر ايندو جتي پروفائيل پيغامن جا پنج تازه ترين سٽيٽس نظر ايندا توڙي جو رڪن پنهنجو سٽيٽس تبديل ڪيو هجي يا وري ڪنهن ٻئي رڪن جي پروفائيل تي ڪو پيغام ڇڏيو هجي.. ان کان علاوه انهن پيغامن ۽ انهن تي آيل تبصرن جي نمائش لاءِ هڪ الڳ مخصوص صفحي جو پڻ انتظام ڪيو وي آهي.. جتي ڏهاڪوکن صفحن تي مشتمل پروفائيل پيغام ۽ انهن تي آيل تبصرا ڏسي سگهجن ٿا گڏوگڏ انهن تي پسنديدگي جي اظهار ۽ تبصرو ڪرڻ جي سهولت پڻ موجود هوندي.. واضح رهي ته ساڳي سهولت مرڪزي صفحي جي سائيڊ بار ۾ پڻ موجود هوندي.
    ان طرح هن سهولت سان اهي رڪن ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪي فيس بوڪ ۽ ٽويٽر وانگر هڪ لائين تي مشتمل مختصر اسٽيٽس رکندا هجن.. ۽ ڀرپور موٽ وٺندا هجن.. ساڳي طرح هاڻي کين سنڌ سلامت تي پڻ مختصر لفظن تي مشتمل موضوع لکڻ بجاءِ اسٽيٽس لکي موڪلڻ تي ڀرپور موٽ ملي سگهندي...

    چونڊيل لکائي جو اقتباس

    گهڻا دفعا اهڙي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته ڪنهن رڪن جي پوري پيغام بجاءِ ان جا ڪجهه فقرا يا لائينن جو جواب ڏيڻو پوندو آهي يا وري هڪ ئي تحرير جي مختلف لائينن يا جزن جو جواب الڳ الڳ اقتباس وٺي ڏيڻو پوندو آهي.. جنهن لاءِ اڳ مطلوبا تحرير جو اقتباس وٺي ايڊيٽر ۾ ئي تحرير جي غير متعلقه حصن کي ختم ڪيو ويندو هو.. يا وري هڪ ئي تحرير جو وري وري اقتباس وٺي ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻا پوندا هئا جن کي بي بي ٽيگ لڳائڻ سان ڪئي دفعا سنڌي لکائي سان غلط سلط ٿيندي پيچيدگيون پيدا ٿينديون هيون.. جن کي درست ڪرڻ لاءِ انتظاميه پاران پڻ ڪافي وقت ضايع ڪيو ويندو هو.. پر هن اپگريڊ کان پوءِ هن مسئلي کي سلجهايو ويو آهي.. هاڻي ڪنهن به ساڳي موضوع يا ڪنهن ٻئي موضوع جي ڪنهن به تحرير کي مڪمل يا ڪجهه حصي کي سليڪٽ ڪرڻ (چونڊڻ) سان پاڻمرادو هڪ مينو کلندو جنهن ۾ ”+ اقتباس |جواب“ جا لنڪ موجود هوندا.. ”جواب“ تي ڪلڪ ڪرڻ سان چونڊيل مواد بطور اقتباس تڪڙي جواب جي خاني ۾ شامل ٿي ويندو جڏهن ته ”+ اقتباس“ تي ڪلڪ ڪرڻ سان چونڊيل مواد عارضي طور اقتباسن واري فهرست شامل ٿي ويندو جنهن کي بعد ۾ ايڊيٽر جي هيٺان موجود هڪ بٽڻ جي مدد سان جواب جي خاني ۾ شامل ڪري سگهبو.. واضح هجي ته هي سهولت گذريل اپگريڊ ۾ مڪمل تحريرن لاءِ شامل ڪئي وئي هئي پر هاڻي هن ۾ تحرير جي مختلف حصن کي اقتباس ۾ شامل ڪرڻ جي سهولت جو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اهي ٻئي سهولتون هڪ ٻئي سان ملي ڪري ڪم ڪري سگهن ٿيون..

    آن لائين انڊيڪيٽر

    رڪنن جي آن لائين يا آف لائين ڪيفيت کي ڏيکارڻ لاءِ هيل تائين هڪ ايڊآن استعمال ٿيندو رهيو آهي جيڪو هاڻي غير ضروري ٿي چڪو آهي ڇو ته هاڻي زين فورو جي جديد ورجن ۾ اها سهولت شامل ڪئي وئي. ان تحت اڳ رڪن جي نمائندگي ڪندڙ تصوير جي ڪنڊ ۾ هڪ سائو نقطو استعمال ٿيندو هو هاڻي آن لائين رڪنن جي نمائنده تصور جي مٿي تي هڪ سائو ٽڪنڊي نما ٽوپي پاتل نظر ايندو..

    آن لائين ڪيفيت جي رازداري

    پهريان رڪنن کي پنهنجي آن لائين هجڻ جي ڪيفيت لڪائڻ جي سهولت ڏني وئي هئي پر ان ۾ ڪجهه اضافو شامل ڪيو ويو آهي هاڻي رڪن اهو طئي ڪري سگهن ٿا ته هو پاڻ کي مڪمل ظاهر رکڻ چاهين، مڪمل لڪيل رکڻ چاهين يا وري آن لائين ته ڏسجن پر اهو نه ڏيکارڻ چاهين ته هوُ هن وقت سنڌ سلامت جي ڪهڙي حصي ۾ آهن. ان خصوصيت جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجي کاتي جو رازداري صحفو گهمي ڏسو.. (واضح رهي ته انتظامي رڪنن جي نظرن کان توهان جي سرگرمي لڪيل نه ٿي رهي سگهي.. :))

    اضافي مددي صفحا

    هيل تائين مدد لاءِ پهرين کان ڪجهه صفحا شامل رکيل آهن جتي ڪوڪيز، سمائيلز، بي بي ڪوڊ ۽ قانونن وغيره جهڙو مواد شامل آهي پر موجوده اپگريڊ کان پوءِ ان ۾ اضافي صفحا شامل ڪرڻ جي سهولت ڏني وئي آهي.. ان ڪري اميد آهي ته عمومي سوالن وغيره سميت ڪجهه صفحا اهڙا ٺاهيا ويندا جيڪي نون ۽ سيکڙاهٽ رڪنن لاءِ مددگار ثابت ٿين.

    موضوع ۾ جواب موڪلڻ تي پابندي

    ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ساٿي جوش ۾ اچي موضوع کي عنوان کان گهليندي ڪيڏانهن کان ڪيڏانهن کڻي ويندا آهن. مطلب ته موضوع ۾ تڪراري ڳالهيون شامل ڪندا آهن جنهن سان هلندڙ خوشگوار بحث تي اثر پوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ انتظامي رڪن موضوع کي تالو لڳائڻ کانسواءِ ڪو حل نظر نه ايندو آهي.. اهڙي طرح موضوع کي تالو لڳڻ سان هلندڙ چڱي ڀلي ۽ معلوماتي ڪچهري رڪجي ويندي آهي.. ۽ وري ان رڪن کي تنبيهه ڏيندي ڪا ڪاروائي ڪرڻ پڻ هڪ ڏکيو عمل هوندو آهي.. هن اپگريڊ کان پوءِ اهڙن رڪنن کي موضوع ۾ ڪجهه وقت لاءِ يا دائمي طور تي جواب موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جي سهولت موجود آهي.. ان طرح مقرر ڪيل مدت تائين اهي رڪن موضوع کي پڙهي ته سگهندا پر ان ۾ جواب موڪلڻ جي صلاحيت کان محروم رهندا.. اهو انتظامي رڪنن لاءِ هڪ سٺو هٿيار آهي پر اسان ساٿين کان اميد رکون ٿا ته اهي اهڙي نوبت ئي اچڻ نه ڏيندا.. جيڪڏهن ڪنهن رڪن کان بار بار اهڙي حرڪت ٿئي ۽ سندس خلاف پابندي لڳائي وڃي ته ممڪن آهي هُن جو سنڌ سلامت تي اچڻ هميشه لاءِ رڪجي وڃي..

    اضافي خوبيون

    مٿين ڏسيل سهولتن کان علاوه ڪجهه انتظامي نوعيت جون خوبيون جهڙوڪ سرچ انجن آپٽيمائزيشن لاءِ سائيٽ ميپ جي سهولت، بائونس اي ميل هينڊلنگ، انتظامي ڪارواين جا اطلاع رڪنن تائين پهچائڻ ۽ پهرين کان موجود موضوعن ۾ راءِ شماري جي شموليت وغيره جن جو تذڪرو هتي غير ضروري هوندو..​

    هن ڊگهي ۽ خشڪ قصي جو خاتمو آڻيندي ساٿين جي ذهنن ۾ ڪجهه رهڙون ٻيون به وجهندا ٿا هلون.. :)
    هن اپگريڊ کان ترت پوءِ سنڌ سلامت جي ويب هوسٽنگ کي به معمولي سافٽويئر اپگريڊ جي دور مان گذاريو ويو .. ڪافي عرصي کان پي ايڇ پي ورجن کي پڻ اپگريڊ کان ٽاريندا رهياسين پر هن اپگريڊ کان پوءِ پي ايڇ پي جي ورجن کي پڻ نئين ورجن تي اپگريڊ ڪيو ويو آهي.. جنهن سان ڪجهه پيچيدگيون سامهون پڻ آيون جن کي وقت سر حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.. هاڻي به سنڌ سلامت جا ڪجهه حصا متاثر ٿيل هوندا جن تي ڪم ڪرڻ اڃان باقي آهي.. ساٿين کي ڪاٿي به ڪجهه ٽٽل، وکريل يا غلط لڳي ته بنا دير اسان جي توجه ان طرف ڪرائين پوءِ ڀلي اهو ڪنهن نقص جو پيغام هجي، ترجمي جو نقص هجي يا وري فورم جي خوبصورتي ۾ ڪا خامي نظر اچي.. :)

    هن اهم ۽ وڏي اپگريڊيشن جي عمل ۾ هن دفعي به پنهنجي پياري ساٿي عبدالحفيظ لغاري جي مدد گڏ رهي.. سندس ٿورائتو جو اهڙي تعاون ۽ مدد جو اعتراف هاڻي اڳ کان وڌي چڪو آهي..

    هميشه وانگر آخري لفظ ته سنڌ سلامت جي رونق توهان ساٿين جي ڪري ئي آهي ۽ هن جو حسن ۽ نقص هتي موجود رڪنن جي لکڻ ۽ رويي تي ٻڌل آهي.. سافٽويئر اپگريڊ ڪرڻ اسان جي وس ۾ آهي سو وقت سان گڏ ڪبو رهبو پر باقي سمورا ڪم اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهن...

    والسلام!
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    خوشي آهي ته سنڌ سلامت به وقت جي رفتار جي تيزي سان گڏوگڏ هلي رهي آهي ان جو ڪارڻ اهي دوست آهن جيڪي بي لوث ٿي پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سنڌ سلامت کي بهتر کان بهترين طرف وٺي وڃين رهيا آهن.

    اهڙن دوستن کي لک واڌيون

    باقي نئين ورجن تي اچڻ کان پوءِ جيڪي ڏکايون پيش آيون انهن کي ڏسڻ کان پوءِ پيش ڪبو

    موضوع ۾ جواب تي پابندي مڪمل نه لڳائڻ گهرجي ان کي رهڻ ڏنو وڃي ته بهتر آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بحرِ اسود ڪناري آباد تُرڪي جي شهر ترابزون جي مست هوائن ۽ موسم ۾ هن ناچيز ۽ هن فورم جي مهندار ذيشان رشيد اپر سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ مان آنلائن ويهي ڊگهو ۽ محنت طلب هي ڪم ڪندي آڌي رات ڪئي آهي ۽ شُڪر آهي ته ڪُجهه ئي منٽن جي وقفي (جنهن ۾ فورم بند رهيو) هي سڄو ڪم ڪاميابي سان لائيو فورم تي لڳائي ورتو. يقينن منهنجو ڪم ته بس هٿ ونڊائڻ هوندو آهي جيڪو فرصت جي لمحن ۾ ڪري وٺبو آهي پر اصل ڪم آهي رشيد جو جنهن جي اڻ ٿڪ محنت سان هميشه هن فورم پنهنجي بيس (زين فورو) سان گڏ گڏ هلڻ ۾ ڪاميابي ڪئي آهي.
    جيتوڻيڪ مٿيون موضوع هڪ جامع ۽ پاڻ وضاحت پيش ڪندڙ آهي پر رشيد جو خيال هو ته هن موضوع کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ تصويري سمجهاڻي ڏيئي ڇڏجان. جيئن ته وقت جي فرق سان جڏهن سنڌ ۾ اجهو تهجد ٿيندي هوندي ته هتي اڃان آڌي ۾ ڪُجهه پل آهن. تنهنڪري رشيد کي آرام جي مهلت ڏيئي هاڻ اهو ڪم هتي اجهو حاضر.

    هي جيئن مٿي لکيل آهي ته فيس بُڪ يا ٽويٽر جي اسٽيٽس اپڊيٽس وانگي آهي جنهن کي في الحال زين فورو جي مطابق فورم تي پروفائل پيغام نالي سان رکيو ويو آهي.
    مرڪزي صفحي تي اوهان کي آخري پنج نوان آيل پيغام نظر ايندا جن اڳيان ننڍن ٽُٻڪن تي تفصيل جو آپشن آهي جنهن ۾ اوهان وڌيڪ عمل ڪري سگهو ٿا.

    [​IMG]

    اهائي شئي هاڻ نيون تحريرون کولڻ سان به اوهان کي نظر ايندي. جيئن اڳي نيون تحريرون کولڻ سان رُڳو نيون تحريرون جو ٽيب هو هاڻ پرفائل جو پيغام به هوندو.


    [​IMG]

    جيئن هن تصوير ۾ آهي. 1. نيون تحريرون کُلڻ سان 2. پروفائل پيغام جو ٽيب .3. جتي رهي ڪري پنهنجو اسٽيٽس اپڊيٽ 4. لکي موڪلڻ يا وري اڳ جي لکيل اسٽيٽس کي 5. پسند ڪرڻ. 6. تبصرو ڪريو بٽڻ تي ڪلڪ ڪري کُلندڙ خاني ۾ 7. تبصرو لکي 8. موڪلڻ جتي اڳ سنڌ سلامت ايڊيٽر اڳ ئي فعال ڪيو ويو آهي.​

    گُذريل اپڊيٽ جي مقابلي ۾ 1. آن لائين انڊيڪيٽر جو نئون ۽ بلٽ ان نمونو حاظر آهي. جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ اقتباس جي آساني جو آپشن ته پهريان به هو پر هاڻ ان کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ بس ڪٿي به ڪهڙي به هنڌ رُڳو 2. لکائي چونڊيو ته 3. جواب يا اقتباس جو آپشن اچي ويندو. جيئن هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل آهي. اڳتي جو عمل ساڳيو اڳي وارو آهي.

    [​IMG]



    هن آپشن لاءِ اوهان فيس بُڪ پرائويسي جيان ڪافي آپشن استعمال ڪري سگهو ٿا.

    [​IMG]

    اوهان جڏهن پنهنجي نالي تي ڪلڪ ڪندا ته نمبر 1 جاءِ تي پنهنجو آن لائين اسٽيٽس ڏيکارڻ يا نه ڏيکارڻ کي سيٽ ڪري سگهو ٿا وڌيڪ تفصيل لاءِ نمبر2 تي موجود رازداري آپشن استعمال ڪندي نمبر 3 جي تفصيلي سيٽنگ پهچي آساني سان پنهنجي مرضي جي سيٽنگ ڪري سگهو ٿا.

    انهيءَ کان علاوه آيل تبديليون يا وڌيڪ وضاحت طلب ناهن يا وري اڃان هاڻي عمل ۾ اچڻيون آهن تنهنڪري فلحال ايترو ئي.
    سدائين گڏ
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    لکائي سليڪٽ ڪرڻ وارو آپشن تمام بهترين آهي.
    لک قرب
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام ڀلو ٿيو. جو فورم ۾ نواڻ ڏسڻ وٽان ملي.

    هن فورم ۾ جيئن جيئن تبديليون ٿينديون رهنديون آهن ته ان ۾ ڪجهه لکائي جون غلطيون سلطيون ٿينديون رهنديون آهن.
    جيئن ڪجهه وقت اڳ زين فورو جي پراڻي ورجن تي جن وٽ ايم بي سنڌي ويب انسٽال ٿيل نه هوندو هو انهن وٽ ڪجهه اکر ڌنڌلا نظر ايندا هئا جهڙوڪه ”ڪ“ ، ”ٽ“ وغيره.
    هاڻي نئين ورجن تي اهي غلطيون آهن يا ناهن ان جي خبر منهنجي پرسنل ڪمپيوٽر تي پوندي، ڇو ته ان ۾ سنڌي جا اڪثر فونٽ جيڪي استعمال ۾ نه ايندا هئا، ڊليٽ ڪريو ڇڏيو اٿم. هن وقت حيدرآباد ۾ آهيان ۽ اتان هڪ دوست جي ڪمپيوٽر تان جواب پيو موڪليان.
    اپگريڊ کان پو ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ جيڪا پهرين غلطي آهي سا هي آهي ته جڏهن ڪيبورڊ مان اينڊ (End) يا هوم (Home) جو بٽڻ دٻائجي ٿو ته ان ۾ ”” لکجيو اچي.
    واضح ڪندا ته اهو صرف اسان واري دوست جي ڪمپيوٽر ۾ مسئلو آهي يا فورم جي ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ؟ جڏهن ته ٻولي انگريزي تي رکجي ٿو ته بٽڻ صحيح ڪم پيا ڪن.

    مون جانچ ڪئي آهي ته اهاغلطي صرف سنڌسلامت موضوع جي ايڊيٽر ۾ آهي باقي ٻئي هنڌ ناهي . اسٽيٽس اپڊيٽ ڪرڻ، اسٽيٽس جو جواب موڪلڻ وغيره ۾ اها غلطي نظر نه آئي صرف هتي (جتي آئون جواب موڪليان پيو) غلطي آهي.

    فورم متعلق جيڪي به غلطيون سامهون آيون ته اوهان سڄڻن کي ضرور ٻڌائيندس.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 سيپٽمبر 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ڪاوش. لک قرب جو توهان سنڌ سلامت کي وقت سر وقت اپ گريڊ ڪندا پيا اچو جيڪا وقت جي ضرورت به آهي.
    توهان جي محنت ۽ سنڌ لا محبت جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي.
     
  7. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    بهترين ڪاوش
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ذيشان رشيد ۽ ڊاڪٽر عبد الحفيظ لغاري کي جس هجي جن رات ڏينهن جي محنت ڪري هن اهم ڪم کي سر انجام ڏنو. اوهان دوستن لاء سلام ۽ تاڙيون.

    سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جو مقبول ۽ مشهور فورم آهي جنهن کي اپڊيٽ ڪري وقت ۽ ٽيڪنالاجي جي تبديلين سان همڪنار ڪرڻ به وقت جي ضرورت هوندي آهي. اميد ته سنڌ سلامت جا دوست ڪوتاهين، غلطين يا اڻ ڄاڻائي ۾ رهجي ويل ترجمي بابت آگاهي ڏئي هن خوبصورت فورم جي سونهن برقرار رکڻ ۾ رهنمائي ڪندا.

    مصروف ۽ سخت مصروف رهڻ سبب اڄڪلهه فورم ۽ دوستن کي وقت گهٽ ڏئي رهيو آهيان ان لاء معافي جو طلبگار آهيان .... پوء به ڀيرو ڀريندو رهان ٿو ۽ اوهان جي ساٿ ۾ شامل آهيان.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]

    مٿي ڏنل تصوير ۾ : جڏهن شفٽ 3،4،5 دٻائيندا آهيون ته همزو (مع اعراب) اچڻ بجا چورس نشان اچيو وڃي جيڪو موضوع پوسٽ ڪرڻ کان پو اصلي شڪل ۾ اچي ٿو.
    فورم تي امبيڊ ٿيل فونٽ ايڊيٽر ۾ نظر نٿو اچي. مٿي عڪس ۾ واضح آهي ته ٽامس نيو رومن فونٽ ٿو ڏيکاري.

    [​IMG]

    مٿي ڏنل اسڪرين شاٽ ۾ : هي ايرر مون فائرفوڪس تي چيڪ ڪري ڏٺو جتي نه هو باقي ڪروم ۾ اهو ايرر ٿو. ”ڪ“ ڌنڌلو نظر ٿو اچي ۽ ”ٽ“ جا نقطا به ڌنڌلا نظر ٿا اچن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان طرفان ٻڌايل مٿيان سمورا مسئلا مون گهرائي سان چيڪ ڪيا .. پر ڪنهن به جاءِ تي نظر نه آيا ... جواب ڏيڻ ۾ انتظار ڪيم.. ته متان ٻيا رڪن به اها شڪايت ڪندا هجن پر ڪنهن ٻئي رڪن اڃان اهڙي شڪايت نه ڪئي آهي.. ها ڪجهه ڏينهن اڳ عرس پريو اهڙي ڳالهه ڪئي هئي پر جڏهن ٽيم تي وڃي چيڪ ڪيم ته مسئلا نه مليا... ها ساڳي شڪايت سليمان وساڻ به ڪئي آهي.. جنهن کان پوءِ محسوس ٿيو ته گوگل ڪروم پنهنجي جديد ورجن جي بيٽا رليز ۾ ڪجهه ڳڙ ٻڙ ڪئي آهي.. مون وٽ ڪروم جو 35 اسٽيبل ورجن آهي جنهن ۾ مٿيان ڏسيل ڪي به مسئلا موجود نه آهن.. توهان کي گهرجي ته ڪروم جو 35 اسٽيبل ورجن استعمال ڪري ڏسو... ياد رهي ته ڪروم کي آٽو اپڊيٽ کي روڪي رکجو.. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ مدد جي ضرورت هجي ته نئون موضوع جوڙيو..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    ادا تمام بهترين ڪم آهي، ڇا اسان جي فورم ۾ فيس بوڪ وانگر چيٽ نه ٿي اچي سگهي؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
  13. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    انهيءَ بابت تفصيلي ليک پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    نه منهنجا دوست في الوقت اهڙو آپشن ڪافي مهانگو ۽ سنڀالڻ کان وڏو آهي.. هوئن به چيٽ ڪرڻ کي وقت ضايع ڪرڻ سمجهيو ويندو آهي.. :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    اگر هن فارم ۾ لائيو چيٽ ٿئي ته مزو ٿي ونڃي ڪو چيٽ روم هتي به رکيو وڃي
     
  17. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    پر ان جو اصر سئون سڌو موضوعن ۽ تحريرن تي به ٿي سگهي ٿو ماڻهون روم ۾ ئي ڊسڪس شروع ڪري ڇڏيندا ۽ موضوع نه لکندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    بلڪل مون وٽ به ساڳيا ئي مسئلا پيا اچن

    "ڪ" ڪجھ هن ريت ٿو نظر اچي
    [​IMG]

    حمزه جي جا تي هي شڪل سامهون اچي ٿي. ۽ فونٽ اسٽائل به ڏسو
    [​IMG]
     
  19. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ۽ ڪجھ ٻيا مسئلا

    ڪنهن به لائن کي مائوس جي ڪلڪ کان علاوه ڪيبورڊ شارٽڪٽ (شفٽ + ليفٽ ايرو) ذريعي سليڪٽ ڪريون ٿا ته اکر هن ريت ڇڙوڇڙ ٿيو وڃن ٿا

    [​IMG]


    را شماري لا سوالن کان پو جيڪو جوابن وارو خانو آهي اتي سنڌي (ڊائريڪٽ) نه پئي لکجي
    [​IMG]


    ۽ ٻي ڳالھ ته گوگل انٽيگريشن به ڪم ڪونه پئي ڪري
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 سيپٽمبر 2014
  20. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تفصيلي راين لاء مهرباني. ذيشان رشيد صاحب جلد ان تي غور ڪندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو