• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت پاولي سسٽم

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
السلام عليڪم !

ڪافي ڏينهن کان ڪوشش هئي ته فورم تي ڪجهه اهڙيون تبديليون آنديون وڃن جنهن سان رڪنن کي وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿئي .. گڏ کين فورم تي وڌيڪ وقت گذارڻ تي معلومات سان گڏو گڏ وڌيڪ تفريح ملي... ۽ سندن ۾ هڪ مقابلي جو رجحان پيدا ٿئي جنهن سان وڌ کان وڌ سنڌي مواد سنڌ سلامت تي گڏ ٿي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پکيڙڻ لڳي..
هوئن ته فورم تي اڳ ئي پاڻمرادو پوائينٽس سسٽم موجود آهي جنهن تحت رڪنن کي تحريرن موڪلڻ تي، پسنديدگيون وٺڻ تي ۽ مختلف موقعن جي حساب سان پوائينٽس ملنديون رهنديون آهن پر اڪثر ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري جهڙا ساٿي توڙي جو موضوع ۾ جواب موڪليندا آهن پر مجال آ جو موضوع لکندڙ جي تحرير کي پسند ڪن... :) جنهن سان ليک موڪليندڙ کي ايتري موٽ نه ٿي ملي جيتري ملڻ گهرجي.. ان ڪري پوائينٽس سسٽم کي وڌيڪ جاندار بنائڻ جي ضرورت گهڻي وقت کان محسوس ڪئي پئي وڃي... پر جئين ته ان لاءِ اڃان تائين زين فورو طرفان ڪا بهتري نه ڪئي وئي آهي ان ڪري ڪجهه ٿرڊ پارٽي رڪنن پاران اضافي ايڊآن آندا ويا آهن جن مان ڪجهه مفت ته ڪجهه وري پيسن سان خريد ڪري سگهجن ٿا...
انهن ٿرڊ پارٽي ايڊآنز مان هڪ ايڊآن کي سنڌ سلامت لاءِ چونڊي ان تي ڪافي وقت اڳ کان تجرباتي ڪم جاري آهي... مڪمل تسلي ڪرڻ کان پوءِ ان ايڊآن کي سنڌي ۾ تبديل ڪندي سنڌ سلامت پاولي سسٽم طور سنڌ سلامت تي رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ..

هي نئون سسٽم بينڪنگ نظام وانگر ڪم ڪندو ۽ هن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪرنسي سنڌ جي ازل کان سڏائيندڙ سڪو ”پاولي“ رکيو ويو آهي... گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ سنڌ سلامت پاولي جي علامت (Symbol) کي بطورِ § چونڊي وئي آهي جنهن ۾ جتي سنڌ سلامت جي ٻن SS کي اهڙي نموني جوڙيو ويو آهي جو انهن ۾ پاولي جو اکر P پڻ ڏسي سگهجي ٿو. هي علامت مائڪروسافٽ جي ورڊ پروگرام ۾ Insert Symbol ۾ شامل آهي جڏهن ته اڪثر جديد موبائيل سيٽن ۾ پڻ موجود آهي.. ان طرح رڪن پنهنجي لکائي ۾ آسانيءَ شامل ڪري سگهندا...

سنڌ سلامت پاولي سسٽم تحت رڪنن کي سندن هيٺين ڪارڪردگي جي بنياد تي پاوليون ڏنيون وينديون:

رجسٽريشن:
مهمان کي رجسٽريشن حاصل ڪرڻ تي 10 پاوليون ڏنيون وينديون

لاگن ٿيڻ:
روزانو لاگ ان ٿيڻ تي رڪن کي 6 پاوليون ڏنيون وينديون

سالگراه:
رڪن کي سندس سالگراه ڏڻ تي مبارڪ سان گڏ 40 پاوليون ڏنيون وينديون

مڪمل پروفائيل:
رڪن کي سندس پروفائيل 100 سيڪڙو مڪمل ڪرڻ تي 20 پاوليون ڏنيون وينديون.

رڪن جي تصوير:
رڪن کي پنهنجي تصوير (جيڪا سندس هر تحرير سان ظاهر ٿيندي) اپلوڊ ڪرڻ تي 5 پاوليون ڏنيون وينديون ۽ تصوير ختم ڪرڻ تي کيس ڏنل پاوليون واپس ورتيون وينديون

سٽيٽس اپڊيٽ:
جڏهن به رڪن پنهنجو پروفائيل اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندو ته کيس 4 پاوليون ڏنيون وينديون

ساٿي بڻجڻ:
جڏهن به ڪنهن رڪن جي ساٿ ۾ ٻئي رڪن جو اضافو ٿيندو ته رڪن کي 10 پاوليون ڏنيون وينديون. ۽ ڪنهن جي ساٿ ڇڏڻ سان ڏنل پاوليون واپس ورتيون وينديون

ساٿ ڏيڻ:
ڪنهن ٻئي رڪن جو ساٿي بڻجڻ تي رڪن کي 2 پاوليون ڏنيون وينديون ۽ ان رڪن سان ساٿ ڇڏڻ تي پاوليون واپس ورتيون وينديون

پروفائيل تبصروڏيڻ:
جڏهن به رڪن ڪنهن ٻئي رڪن جي اسٽيٽس تي تبصرو ڪندو يا نئون تبصرو لکندو ته کيس 2 پاوليون ڏنيون وينديون

پروفائيل تبصرو وٺڻ:
جڏهن به رڪن ڪنهن ٻئي رڪن طرفان پنهنجي پروفائيل اسٽيٽس تي تبصرو وٺندو ته کيس 2 پاوليون ڏنيون وينديون.

پروفائيل پسنديدگي وٺڻ:
پنهنجي پروفائيل تي پسنديدگي وٺڻ جي صورت ۾ رڪن کي 2 پاوليون ڏنيون وينديون ۽ پسنديدگي واپس ٿيڻ تي پاوليون واپس ورتيون وينديون

ڪچهري ڪرڻ:
نئين ڪچهري شروع ڪرڻ تي رڪن کي 3 پاوليون ڏنيون وينديون

نئون موضوع:
نئون موضوع موڪلڻ تي رڪن کي 10 پاوليون ڏنيون وينديون ۽ موضوع کي ختم ڪرڻ تي پاوليون واپس ورتيون وينديون.

موضوع جي نمائش:
موضوع کي جڏهن دفعا ڏٺو ويندو ته رڪن کي 1 پاولي ڏني ويندي.

موضوع پڙهڻ:
جڏهن ڪو رڪن سنڌ سلامت تي آيل موضوع کي پڙهندو ته کيس 1 پاولي ڏني ويندي

موضوع ۾ جواب وٺڻ:
رڪن جي آندل موضوع تي جواب اچڻ جي صورت ۾ کيس 2 پاوليون ڏنيون وينديون.

موضوع ۾ جواب ڏيڻ:
ڪنهن به موضوع ۾ جواب موڪلڻ تي رڪن کي 10 پاوليون ڏنيون وينديون پر ياد رهي ته لکيل جواب ۾ گهٽ گهٽ 10 لفظ شامل هجن. گهٽ لفظن تي مشتمل جواب تي ملندڙ پاولين جو تعداد پڻ گهٽ هوندو.

تحرير پسنديدگي وٺڻ:

رڪن جي تحرير کي پسنديدگي ملڻ تي کيس 6 پاوليون ڏنيون وينديون ۽ پسنديدگي کي واپس وٺڻ تي پاوليون پڻ واپس ورتيون وينديون.

تحرير پسنديدگي ڏيڻ:
ڪنهن رڪن جي تحرير کي پسند ڪرڻ تي 1 پاولي ڏني ويندي جڏهن ته پسند واپس وٺڻ تي پاولي پڻ واپس ورتي ويندي.

تحرير جي شڪايت (Report):
رڪن جي تحرير جي شڪايت ٿيڻ تي سندس 5 پاوليون ختم ڪيون وينديون جڏهن ته درست شڪايت ڪندڙ رڪن کي 2 پاوليون ڏنيون وينديون.

راءِ شماري شامل ڪرڻ:
موضوع ۾ راءِ شماري شامل ڪرڻ تي رڪن کي 10 پاوليون ڏنيون وينديون.

راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ:
موضوع ۾ راءِ شماري تي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ يا وٺڻ تي رڪنن کي 2 پاوليون ڏنيون وينديون.

موضوع جي مشهوري:
موضوع کي مشهوري جو درجو ملڻ تي موضوع موڪليندڙ رڪن کي 5 پاوليون ڏنيون وينديون.
سنڌ سلامت پاولي سسٽم تحت رڪنن کي هيٺيان اختيار حاصل هوندا..
  • پاولين جي منتقلي جي فهرست ڏسڻ
  • منتقلي جي مفصل معلومات ڏسڻ
  • چونڊيل منتقلي کي ختم ڪرڻ
  • تازو ۽ وڌيڪ وصول ڪندڙ پاولين جي ترتيب
  • رڪن، عمل ۽ تاريخ جي ترتيب سان منتقلي جي فهرست ڏسڻ
  • روزاني رڪنن طرفان وصول ڪندڙ پاولين جا سراسري تفصيل ڏسڻ
  • روزاني رڪنن طرفان ضايع ٿيندڙ پاولين جا سراسري تفصيل ڏسڻ
  • روزانو سڀ کان وڌيڪ پاوليون وصول ڪندڙ ۽ ضايع ڪندڙ رڪنن جا تفصيل ڏسڻ
  • سنڌ سلامت تي موجود وڌيڪ امير ۽ وڌيڪ غريب رڪن ڏسڻ

مٿئين سڀن ڳالهين کانسواءِ سنڌ سلامت پاولي سسٽم ۾ هر عام ۽ خاص رڪن کي اهي اختيار به ڏنا ويا آهن ته هو ڪنهن به رڪن جي تحرير کي جڏهن به فائديمند، معلوماتي ۽ محنت سان تيار ڪيل محسوس ڪندي پسند ڪري ته هُو ليکڪ کي پنهنجي ملڪيت (وصول ڪيل سنڌ سلامت پاوليون) مان ڪجهه پاوليون ڊونيٽ ڪري سگهندو. ان عمل سان يقينن ”پڇڻا نه منجهڻا“ سيڪشن کي به هٿي ملندي ۽ پنهنجي ڀرپور محنت سان تيار ڪري ليک موڪليندڙ رڪنن جي پڻ همت افزائي ٿي سگهندي..
پر جيئن ته سنڌ سلامت فورم چاهي ٿو ته هر رڪن ڊونيٽ وٺڻ بجاءِ پنهنجي محنت سان سنڌ سلامت ملڪيت ٺاهي ان ڪري ڊونيٽ ڪرڻ واري عمل جي حوصلا شڪني لاءِ هر منتقلي تي 5 پاوليون بطورِ فيس ۽ 0.05 پاوليون بطورِ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو:)

سنڌ سلامت پاولي سسٽم کي متعارف ڪرائيندي هتي موجود سمورن رڪنن کي 50 پاوليون بطورِ تحفو سنڌ سلامت طرفان ڏنيون وڃن ٿيون گڏو گڏ سندن حاصل ڪيل ٽرافي پوائينٽس جي تعداد جيتريون پاوليون پڻ سندن کاتي ۾ شامل ڪجن ٿيون.. :)

هر دفعي وانگر سنڌ سلامت پاولي سسٽم ۾ به ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري جن جي مدد شامل رهي.. سندن مهربانيون..

سنڌ سلامت پاولي سسٽم رليز ڪرڻ سان اميد رکجي ٿي ته رڪنن جي سرگرمي کي وڌائڻ ۾ هٿي ملندي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ رکيل سنڌ سلامت جا هدف پڻ حاصل ڪري وٺبا..

والسلام
 
تمام بهترين ڪم واقعي به ان سان رڪنن جي حوصله افزائي ٿيندي. مونکان هڪ دوست تقريبن روزانو پاولين بابت پڇا ڳاڇا ڪندو آهي ته اهو پاوليون سسٽم الائي ڪيئن هوندو ؟ پاوليون وصول ڪيئن ڪبيون ؟ ڪيئن ڏبيون ؟ بحر ان لا تفصيلي ليک پڻ ڪار آمد ثابت ٿيندو.
اهي پاوليون ڪٿان چيڪ ڪجن ؟
 
لڳي ٿو توهان جي ان دوست کي مان سڃاڻان... :)
باقي هر رڪن جي هيٺ ڏنل معلومات ۾ ملڪيت (سنڌ سلامت پاوليون) تعداد سميت ڏنل آهن جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان کيس رقم (پاوليون) موڪلي سگهبيون...

jYCqVzOZqGdMd.png

جڏهن ته پنهنجي ملڪيت تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ تفصيلي صفحو کلي پوندو... :)
 
لڳي ٿو توهان جي ان دوست کي مان سڃاڻان...
ڍَڪي ڀلي آ ;):)
واه واه اهو ته تمام آسان آهي.
باقي توهان ٻئي امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ في الحال ته ملهه ماري ويا.. ;) ترسو.. اڃا اڄ شروعات ٿئي باقي پاوليون گڏ ڪرڻ جو شوقين اسان جو اهو دوست ڏينهن رات هِڪ ڪندو :D:D:D
125nqsk.jpg
 
هي سسٽم اڳ ۾ پوائنٽس جي نالي سان هو جنهن جو ڪو ايترو فائدو نه هو. ڇو ته هڪ حد تي پهچي اهو بيهي پئي ويو. انتظاميه وڏي وقت کان ان جو توڙ سوچيو پئي. ۽ هڪ ايڊ آن تي ڪم هلندڙ هو. پر جيئن ذيشان رشيد مٿي لکيو ته هي زين فورو جو ڪم ناهي. پرايو ايڊآن آهي سو کوڙ سارا مسئلا سلجهائڻ ۾ وقت لڳو. خاص ڪري ڪجهه اهڙا فيچرس جيڪي مذهبي توڙي اخلاقي حوالي سان مناسب نه پيا لڳن. انهن کي ڪڍڻ يا تبديک ڪرڻَ.
توڙي جو رشيد جي عادت آهي ڪم ڪري ڪريڊٽ ٻي کي ڏيڻ پر هن ڪم جو سڄو ڪريڊٽ کيس ئي وڃي جنهن پاولي جهڙو بهترين لفظ چونڊيو. ان کان پوءَ سڄو سسٽم سنڌي ۾ آڻڻ به هڪ چئلينج هو. ان دؤران ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيندي به نيٺ ڪم ٿي گذريو.
هاڻ خاص طور انهن ميمبرس کي عرض ته پنهنجي راء ڏين جن اڳ پوائنٽس سسٽم ۾ به دلچسپي ڏيکاري. جيئن غلام مصطفي ميمڻ صاحب.
هي پاولي سسٽم مرڪزي صفحي تي اوهان جي نالي هيٺ ئي موجود آهي. جنهن تي ڪلڪ ڪري نه رڳو اوهان بئنڪ اسٽيٽمينٽ جيان پاولين جي ڏي وٺ به ڏسي سگهو ٿا پر پاولي موڪلڻ جو به اختيار رکو ٿا.
 
سنڌ سلامت فورم تي هڪ نئي تبديلي ڏسي ڪري سٺو لڳو

اميد ته دوست ڏوڪڙن جي دوڙ ۾ حصو وٺندا

باقي پاڻ ته آهيون فقير ماڻهو ڏوڪڙن جي پرواهه ئي نه ڪيون ...........
 
هي ڪم ته تمام بهتر آ.
هن سان سنڌ سلامت فورم تي رونق پيدا ٿيندي ۽ هر رڪن سنڌ سلامت مان دلچسپي وٺندو.
مهربانيون سائين ذيشان ۽ عبدالحفيظ جون جنهن هي سسٽم متعارف ڪراايو.
لک قرب
 
سنڌ سلامت فورم تي هڪ نئي تبديلي ڏسي ڪري سٺو لڳو

اميد ته دوست ڏوڪڙن جي دوڙ ۾ حصو وٺندا

باقي پاڻ ته آهيون فقير ماڻهو ڏوڪڙن جي پرواهه ئي نه ڪيون ...........
ابا فقيرن کي مڙئي سوائي پرواهه هجڻ گهرجي هوئن به اڄ ڪلهه ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي چاهين ٿا ته فقير سنڌ سلامت جا شاهوڪار سڏجن.. :)
 
تمام بهترين ڪم واقعي به ان سان رڪنن جي حوصله افزائي ٿيندي. مونکان هڪ دوست تقريبن روزانو پاولين بابت پڇا ڳاڇا ڪندو آهي ته اهو پاوليون سسٽم الائي ڪيئن هوندو ؟ پاوليون وصول ڪيئن ڪبيون ؟ ڪيئن ڏبيون ؟ بحر ان لا تفصيلي ليک پڻ ڪار آمد ثابت ٿيندو.
اهي پاوليون ڪٿان چيڪ ڪجن ؟
نئون سسٽم پسند ڪرڻ جي مهرباني... گڏو گڏ فورم لاءِ بهترين ڪوششون ڪرڻ جي مد ۾ مليل توهان جون 500 پاوليون قبول پيون .. ان سان يونس ملڪاڻي وارو موگمبو به خوش ٿيو... :)
هي ڪم ته تمام بهتر آ.
هن سان سنڌ سلامت فورم تي رونق پيدا ٿيندي ۽ هر رڪن سنڌ سلامت مان دلچسپي وٺندو.
مهربانيون سائين ذيشان ۽ عبدالحفيظ جون جنهن هي سسٽم متعارف ڪراايو.
لک قرب
پسنديدگي ۽ بس ائين ئي 10 پاوليون موڪلڻ لاءِ لک لائق... :)
 
موگمبو خوشي ۾ نٿو ماپي :D
واهه جو ڪم ڪيو اٿئو، هاڻي جيڪو ڪمائيندو اهو کائيندو، پاولي سسٽم سان جيڪو کيڙي سو کائي کي هٿي ملي آهي، اڳ ۾ مون جهڙا هڏ حرام :) سنڌ سلامت جو حق ادا نه ڪرڻ باوجود بوزڪي جو پٽڪو ٻڌيو معتبر ٿي پيا هلندا هئا، هاڻي اهڙن جو ڪچو چٺو سندن ”ڊجيٽل ملڪيت” مان ظاهر ٿي پوندو
ملڪيت ٺاهڻ جي چڪر ۾ سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ جو بهترين طريقو استعمال ڪيو اٿئو، اميد ته ان سان سنڌ سلامت وڌيڪ ترقي ڪندي
 
محترم عبدالحفيظ ۽ ٻئي مانواري انتظاميه السلام عليڪم. سائين منهنجا الائي جي ڇو اسان کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي مصونيات ( پروڊڪيٽ )کي وڪڻڻ لاء انعامي اسڪيم جي مدد حاصل ڪندو آهي. تيئن اسان جي هن اڱڻ جي زينت ۾ اضعافي ڪرڻ لاء انتظاميه کي پاولين وارو سسٽم جي مدد جي ضرورت پئجي ويئي آهي.
اسان کي ان ڳاله تي ڪامل يقين آهي ته اسان مان جنهن کي به هن اڱڻ سان محبت هوندي،هو بغير ڪنهن انعامي اسڪيم جي پنهنجي وس آهر معلوماتي مضمون ؤٻين سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو.
الله پاڪ قران شريف ۾ جنت جي اهميت ۽ جنهم جي خوفناڪ تباهي جي باري ۾ تفصيلن ذڪر فرمائي انهن شين کان حاصل ڪرڻ ۽ نجات وارا طريقا کولي کولي ٻڌايا آهن پر ان جي باوجود هي غفلت ۾ ڀريل انسان انهن انعامن کي حاصل ڪرڻ لاء ڪوبه جتن نه ٿو ڪري ته ڪيئن پاولين جي انعامي اسڪيم جي ڪري هن اڱڻ جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو. هاء ڪجه وقت لاء اوهان کي مثبات نتائج ملندا پر وري پوء ڪا ٻئي اسڪيم جي مدد وٺڻي پوندي.
ادا اسان نه ته ڪنهن انعامي اسڪيم يا پوائنٽن جي ڪري هن اڱڻ جا ڀاتي ٿياسين نه اسان کي انهن جي ضرورت آهي. اسان ۽ اوهان محبتي ۽ دوستي جي اهڙي مالها ۾ پروڙيل آهيون جو هن قسم جون اسڪيمون اسان لاء ڪا حثيت نه ٿيون رکن. انتظاميه کي گذارش آهي ته اسان جون حاصل ڪيل سڀ پاوليون ۽ پائنٽون فورم جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏين ته اسان انهن جا شڪر گزار رهنداسين.
ادا عبدالحفيظ معاف ڪجو متان اسان جي ڪا ڳاله اوهان کي بري لڳي هجي. اسان اول سوچوسين ته هن موضوعه جي باري ۾ ڪا به ڪمينٽس نه ڏيون پر اوهان پنهنجي ڪيمنٽس ۾ انهن شين ۾ اسان جي دلچسپي هيٺين الفاظن ۾ بيان ڪئي آهي.

هاڻ خاص طور انهن ميمبرس کي عرض ته پنهنجي راء ڏين جن اڳ پوائنٽس سسٽم ۾ به دلچسپي ڏيکاري. جيئن غلام مصطفي ميمڻ صاحب.
ادا سائين اسان جي حت الامڪان ڪوشش هوندي ته هن محبتي اڱڻ کي ٽائيم ڏئي ڪجه معلومات ونڍ ڪيون . مختصرن ! ( ان شارٽ) اسان پنهنجي هن ڪکائون گهر کي ڪجه ڏيڻ آيا آهيون ۽ نه وري ڪجه وٺڻ آيا آهيون.هاء محبتون ۽ پيار وٺڻ آيا آهيون، جنهن جي لاء اوهان سڀني کي هميشه گذارش هوندي آهي.
الائي جي ڇو اسان جا پراڻا مهربان ؤ محسن خاص طور ، نثار ابڙو صاحب، نثار ناز صاحب ، اداعاشق سولنگي ، ادي سنڌي نور،محترم صنم عباسي.محترم افتخار چوهاڻ صاحب ،محترم عبد الواحد سومرو،سائين رحيم بخش ڏاهري، ادا رضوان جمالي، مانواروعلي ظفر، سڄڻ عرس پريو،محترم يونس ملڪاڻي ،محترم عمران درويش، جناب خليق الرحمان صاحب، اسان جو استاد محترم عبدالوحيد ڦلپوٽو فقير صاحب ، ادا ممتاز، عبدالڪريم چانڍيو صاحب، منظور عباسي صاحب ۽ ٻيا ڪافي سارا جن جي تحريرن و تبصرا هن ڪکائون اڱڻ جو مضبوط ڪينئوس جي آسمان تي انڍلٺ وانگر چمڪندا هئا، هاڻي خاموش تماشائين مثل چپ چاپ مشاهدو ڪري رهيا آهن.
ادا اسان جو اوهان کان اهو سوال آهي ته ڇا پاولين واري انعامي اسڪيم جي ڪري اسان جا هئي سڀ سڄڻ متحرڪ ٿئي ويندا؟ جي جواب هاء ۾ آهي ته يقين ڄاڻو هن کان بهتر ڪا اسڪيم ٿئي نه ٿي سگهي ۽ اسان به ان جي ساراه ڪنداسين پر جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته اسان جي مطابق ( ضروري نه آهي ته اوهان به ان سان متفق هجو) هيئي هڪ فضول اسڪيم هوندي. معاف ڪجو اسان شايد پنهنجي تحرير ۾ ڪجه سخت ٿئي ويا آهيون. پر ڇا ڪيون هن اڱڻ کي اسان پنهنجي گهر وانگر سمجهندا آهيون ۽ گهر کي هلائڻ لاء ڪنهن انعامي اسڪيم جي ضرورت نه هوندي آهي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
محترم عبدالحفيظ ۽ ٻئي مانواري انتظاميه السلام عليڪم. سائين منهنجا الائي جي ڇو اسان کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي مصونيات ( پروڊڪيٽ )کي وڪڻڻ لاء انعامي اسڪيم جي مدد حاصل ڪندو آهي. تيئن اسان جي هن اڱڻ جي زينت ۾ اضعافي ڪرڻ لاء انتظاميه کي پاولين وارو سسٽم جي مدد جي ضرورت پئجي ويئي آهي.
اسان کي ان ڳاله تي ڪامل يقين آهي ته اسان مان جنهن کي به هن اڱڻ سان محبت هوندي،هو بغير ڪنهن انعامي اسڪيم جي پنهنجي وس آهر معلوماتي مضمون ؤٻين سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو.
الله پاڪ قران شريف ۾ جنت جي اهميت ۽ جنهم جي خوفناڪ تباهي جي باري ۾ تفصيلن ذڪر فرمائي انهن شين کان حاصل ڪرڻ ۽ نجات وارا طريقا کولي کولي ٻڌايا آهن پر ان جي باوجود هي غفلت ۾ ڀريل انسان انهن انعامن کي حاصل ڪرڻ لاء ڪوبه جتن نه ٿو ڪري ته ڪيئن پاولين جي انعامي اسڪيم جي ڪري هن اڱڻ جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو. هاء ڪجه وقت لاء اوهان کي مثبات نتائج ملندا پر وري پوء ڪا ٻئي اسڪيم جي مدد وٺڻي پوندي.
ادا اسان نه ته ڪنهن انعامي اسڪيم يا پوائنٽن جي ڪري هن اڱڻ جا ڀاتي ٿياسين نه اسان کي انهن جي ضرورت آهي. اسان ۽ اوهان محبتي ۽ دوستي جي اهڙي مالها ۾ پروڙيل آهيون جو هن قسم جون اسڪيمون اسان لاء ڪا حثيت نه ٿيون رکن. انتظاميه کي گذارش آهي ته اسان جون حاصل ڪيل سڀ پاوليون ۽ پائنٽون فورم جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏين ته اسان انهن جا شڪر گزار رهنداسين.
ادا عبدالحفيظ معاف ڪجو متان اسان جي ڪا ڳاله اوهان کي بري لڳي هجي. اسان اول سوچوسين ته هن موضوعه جي باري ۾ ڪا به ڪمينٽس نه ڏيون پر اوهان پنهنجي ڪيمنٽس ۾ انهن شين ۾ اسان جي دلچسپي هيٺين الفاظن ۾ بيان ڪئي آهي.

هاڻ خاص طور انهن ميمبرس کي عرض ته پنهنجي راء ڏين جن اڳ پوائنٽس سسٽم ۾ به دلچسپي ڏيکاري. جيئن غلام مصطفي ميمڻ صاحب.
ادا سائين اسان جي حت الامڪان ڪوشش هوندي ته هن محبتي اڱڻ کي ٽائيم ڏئي ڪجه معلومات ونڍ ڪيون . مختصرن ! ( ان شارٽ) اسان پنهنجي گهر کي ڪجه ڏيڻ آيا آهيون ۽ نه وري ڪجه وٺڻ آيا آهيون.هاء محبتون ۽ پيار وٺڻ آيا آهيون، جنهن جي لاء اوهان سڀني کي گذارش هميشه گذارش هوندي آهي.
الائي جي ڇو اسان جا پراڻا مهربان ؤ محسن خاص طور ، نثار ابڙو صاحب، نثار ناز صاحب ، اداعاشق سولنگي ، ادي سنڌي نور،محترم صنم عباسي.محترم افتخار چوهاڻ صاحب ،محترم عبد الواحد سومرو،سائين رحيم بخش ڏاهري، ادا رضوان جمالي، مانواروعلي ظفر، سڄڻ عرس پريو،محترم يونس ملڪاڻي ،محترم عمران درويش، جناب خليق الرحمان صاحب، اسان جو استاد محترم عبدالوحيد ڦلپوٽو فقير صاحب ، ادا ممتاز، عبدالڪريم چانڍيو صاحب، منظور عباسي صاحب ۽ ٻيا ڪافي سارا جن جي تحريرن و تبصرا هن ڪکائون اڱڻ جو مضبوط ڪينئوس جي آسمان تي انڍلٺ وانگر چمڪندا هئا، هاڻي خاموش تماشائين مثل چپ چاپ مشاهدو ڪري رهيا آهن.
ادا اسان جو اوهان کان اهو سوال آهي ته ڇا پاولين واري انعامي اسڪيم جي ڪري اسان جا هئي سڀ سڄڻ متحرڪ ٿئي ويندا؟ جي جواب هاء ۾ آهي ته يقين ڄاڻو هن کان بهتر ڪا اسڪيم ٿئي نه ٿي سگهي ۽ اسان به ان جي ساراه ڪنداسين پر جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته اسان جي مطابق ( ضروري نه آهي ته اوهان به ان سان متفق هجو) هيئي هڪ فضول اسڪيم هوندي. معاف ڪجو اسان شايد پنهنجي تحرير ۾ ڪجه سخت ٿئي ويا آهيون. پر ڇا ڪيون هن اڱڻ کي اسان پنهنجي گهر وانگر سمجهندا آهيون ۽ گهر کي هلائڻ لاء ڪنهن انعامي اسڪيم جي ضرورت نه هوندي آهي.
سائين ميمڻ صاحب جن جي ڳاله سان 100 فيصد متفق آهيان.
 
ڀلو.. پر هر ڪمينٽ کان پوءِ نوٽيفيڪيشن اچڻ نه وڻيو..
اهي اطلاع ڊيفالٽ طور لڳايا ويا آهن ته جيئن سرگرميءَ ۾ تيزي آندي وڃي.. پر جيڪڏهن توهان کي پسند نه اچن ته توهان کي اختيار مليل آهن ته ڪهڙا اطلاع توهان وٺڻ چاهيندو ۽ ڪهڙا نه.. ان سلسلي ۾ پنهنجي اطلاعن جي ترتيب واري پني تي اچو..
 
Back
Top