رُئَان ٿي راڻا ! هَنڌَ نهاريُون حُجرَا پَيئي کهُ کَٽُن تي، ٿيا پَلَنگ پُرَاڻَا ڌَريَائي ڌُوڙا ٿيا، وَرَ رءَ وهَاڻَا جَايُون،گُلَ، جَبَاتَ، وڻَ، تو رءَ ڪُومَاڻَا مينڌرا مَاڻَا تَو رءَ ڪَنديَس ڪن سين. سُرُ مُومَلَ رَاڻَو ڏکين لفظن جي معنى حُجرَا = ڪمرا، ڪوٺيون. لفظ حجرا جمع آهي واحد ٿيندو حجرو هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. کهُ = دز، مٽي، لَٽُ، خاڪ. اصل لفظ کيهُ آهي جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ڪشوهُ مان ورتو ويو آهي. ڌريائي= ڌريل تي، بيڊ تي ڌُوڙا ٿيا = ڌوڙ سان ڀريل، لَٽيَلَ. ڌوڙا جمع آهي واحد ٿيندو ڌوڙو جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. جَبات = مهڪ، عطر، خوشبووئون، سُرهاڻيون، مهڪارون. لفظ جبات عربي ٻوليءَ جي لفظ زَبَادَ مان ورتل آهي. ڪُوماڻا = سڪي ويا، مرجهائجي ويا، سونهَن ۽ دلڪشي وڃائي ويٺا. بيت جو منظر گهر ۽ محلاتون مڙسن سان سُونهَنديون آهن. رَاڻَي جي رسي وڃڻ کان پوءِ ڪاڪ محل سڃي لڳي پئي آهي ۽ سندس حالت رحم جوڳي آهي. مومل ڳوڙها ڳاڙيندي ڪاڪ جو سوڳوار ماحول هينئن ٿي بيان ڪري. او راڻا ! هي خالي ڪوٺيون ۽ ڪمرا ڏسيو منهنجو جيءُ جُهري ٿو پئي. کٽن تي دز ۽ مٽيءَ جا تَهَه چڙهيل آهن. جن پلنگن تي مون سان پيار ونڊيندو هئين اُهي به پراڻا ٿي ويا آهن. جن بيڊن تي ويهي رهاڻيون ڪندا هئاسين انهن جا وهاڻا ڌوڙ ۾ لٽجيويا آهن. او راڻا ! هي محل، ماڙيون، قسمين قسمين گل، مهڪارون، ميويدار وڻ، تو سواءِ ڪومائجي ۽ مرجهائجي ويا آهن. او مينڌرا! اهو ته ڏس، ته هاڻي آئون انگل آرا ناز انداز ۽ ادائون ڀلا ڪنهن سان ڪيان؟ ڪنهن کي ڏيکاريان؟ سمجهاڻي منظر نگاري شاعريءَ ۾ دلڪشي، سونهَن سندرتا ۽ حسناڪيون پيدا ڪري ٿي. هن بيت ۾ اکين ڏٺو احوال جيڪو ڀٽائي بيان ٿو ڪري ته پاڻ سان گڏ اسان کي به رَاڻَي، مومل ۽ ڪاڪ محل سان ڄڻ ملائي ٿو. بيت پڙهڻ وقت خوشي ۽ غم جي ڪيفيت اسان تي به طاري ٿيو وڃي ٿي. ڪاڪ محل جيڪو ٻن پيار ڪندڙ دلين جو آستانو هيو، سو ڪڏهن سونهَن سندرتا ۽ حسناڪين جو محور ۽ مرڪز هو. رَاڻَي جي رسڻ کان پوءِ سڀ کيل ختم ٿي ويو ۽ هر اک مومل جيان پنهنجي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي ۾ لڙڪن هاڻي آهي. ______ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل