هي مُنهُن ڏيئي ٻَن،تون وِهُه کائي نه مرين؟ تان جَي مليرَ ڄايون، تَوسين سَڱ نه ڪَن تون ڪيئن مَنجَهان تَن، ٿي پَاڻُ ڪوٺائين مارئي. سُرُ مَارُئي ڏکين لفظن جي معنى ٻَن = کَڏَ ۾ وجهي وهُه = زهر تان جي= ته جيڪر سَڱ = ناتو، رشتو، واسطو، سُٻنڌ ڪوٺائين = چوائين بيت جو منظر هي سهڻو مُنهُن مهانڊو ۽ ٺاهه ٺوهه کَڏ ۾ اُڇلين هان ۽ زهر کائي مري وڃي هان ته بهتر هيو. تون جي زهر کائي مرين هان ته ماروئڙن جا توسان سڀ ناتا رشتا ۽ لڳ لاڳاپا به جيڪر ختم ٿي وڃن هان. ملير جا مارو ته بهادر ۽ غيرت مند آهن تون پاڻ کي انهن سان نه ڳنڍ ، تون پاڻ کي ڪيئن ٿي مارن منجهان سمجهين. سمجهاڻي دنيا جي ٻين عظيم شاعرن جيان ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو وڏو حصو پڻ تمثيلي ۽ علامتي آهي. علامتي شاعريءَ ۾ ظاهري ڳالهه ڪا ٻي هوندي آهي ۽ ان جي پٺيان راز وري ڪو ٻيو هوندو آهي. هن بيت ۾ جيڪا مارئيءَ کي کي تنبيهَه ڪيل آهي سا دراصل ڀٽائي اڃان ڪا ٻي ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهي. ياد رهي ته مارئي عمر سان پاڻَ نه وئي هئي پر ڏاڍ,جبر ۽ زبردستيءَ ذريعي کنئي ۽ کنڀي وئي هئي. هن بيت ۾ ڀٽائي سنڌ جي سڀني غدارن ۽ ديس دروهين کي للڪاريو آهي. سنڌ وڪڻي انعام ۾ ڪيٽيون، جاگيرون ۽ ڪرسيون وٺڻ کان اڳ جيڪر توهان کي ٿورو به شرم هجي ها ته ڪنهن کوهه ۾ غوطا کائي ٻڏي مري وڃون هان ته جيئن هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن سان اوهان جا سڀ رشتا ئي ختم ٿي وڃن هان. او اڙي سنڌ جا غدارئو...!! توهان کي اڃان به سنڌي سڏائيندي ذرو به حياءُ نٿو ٿئي. ______ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل