معاملو سعيد اجمل جو، آخر ڏوهه ڪنهن جو؟

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2014۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    [​IMG]
    پاڪستان جي مشهور ۽ ماهر بالر سعيد اجمل تي پابندي جي خبر دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن تي بجلي وانگر ڪري آهي. هڪ اهڙو بالر، جنهن گهٽ عمر ۾ بين الاقوامي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هر قسم جي ڪرڪيٽ ۾ پنهجو پاڻ مڃرايو، پنجن سالن جي سخت محنت کان پوءِ ان مقام تي پهتو ته اوچتو ان جي بالنگ ايڪشن غير قانوني قرار ڏنو ويو. جڏهن ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي لمحن ۾ انهن سمورن اميدن کي پورو ڪندي پنهنجي بالنگ ايڪشن کي شفاف قرار ڏياري چڪو آهي. ڇا ان ۾ ڏوهه سعيد اجمل جو آهي؟ سعيد اجمل 2009ع ۾ به بالنگ ايڪشن تي تنقيد کي منهن ڏئي چڪو آهي ايستائين جو ان خلاف شڪايت به ڪئي وئي. جنهن تي هن آسٽريليا ۾ موجود بين الاقوامي ڪرڪيٽ ڪائونسل جي منظور ٿيل مرڪز کان پنهنجي بالنگ ايڪشن جي جاچ ڪرائي ۽ ثابت ڪرايو ته بالنگ ايڪشن بلڪل صحيح آهي. ان کان پوءِ جيتوڻيڪ دٻيل لفظن ۾ هر هارايل ٽيم سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن تي اعتراض واريندي آئي آهي پر قانوني تقاضن تي پورو لٿل سعيد اجمل جي پٺيءَ تي هو ايتري قدر جو هلندڙ سال جون ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ ڪونسل ۾ ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ ناقص بالنگ ايڪشن واري بالر خلاف اڻ اعلانيل ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو. پهريان ٻه ننڍا شڪار ڪيا ويا، نيوزي لينڊ جي وقتي اسپنر ڪين وليمسن ۽ ان کان پوءِ سريلنڪا جي بالر سچيٿرا سينانائيڪ ٻنهي تي پابندي کان پوءِ وڏو شڪار سعيد اجمل بڻيو! سري لنڪا دوري ۾ گال ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ سعيد اجمل جي ٽيهن کان پنجٽيهه بالن کي غير قانوني قرار ڏئي ان خلاف باضابطه شڪايت داخل ڪئي وئي ۽ پوءِ ڊگهي وقت کان پوءِ نتيجو 5 ڏينهن اڳ سعيد اجمل جي بالنگ ڪرڻ تي پابندي جي صورت ۾ نڪتو. جيڪڏهن ان معاملي بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي رويي کي ڏسون ته ڪنهن حد تائين اسان کي خاميون نظر اينديون. پي سي بي سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ڦڙتي ڏيکاري آهي ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ شڪي بالنگ ايڪشن وارن بالرن تي ڇتي نظر رکڻ ۽ انهن جي ايڪشن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي پڪو ارادو ظاهر ڪيو آهي پر جڏهن حلقن پاران سعيد اجمل جهڙن بالرن خلاف بالنگ ايڪشن تي آڱريون کڄنديون رهيون هيون ته ان وقت بورڊ آخر ڇو انهن الزامن کي سنجيدگي سان نه ورتو. جيڪڏهن ان وقت سعيد اجمل کي سڀني قسمن جي ڪرڪيٽ ۾ لڳاتار استعمال ڪرڻ بدران ان کي آرام ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها ۽ ان دوران پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي بالنگ جو جائزو ورتو وڃي ها ۽ خامين کي واضع ڪري ان تي قابو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ها ته شايد اها نوبت نه اچي ها. پر ائين نه ڪيو ويو! بورڊ جي اهم عهديدارن جي نظر رڳو ڪرسي ۽ عهدن تي هئي انهن کي ڪٿي ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ سنجيدگي تي نظر پوي ها؟ معاملا خراب کان خراب ٿيندا رهيا ايتري قدر جو ٽيم هاڻوڪي سريلنڪا واري دور ۾ خراب شڪست به حاصل ڪئي. سعيد اجمل جو بالنگ ايڪشن به رپورٽ ٿيو سڀ کان خراب خبر پئي ته سعيد اجمل تي پابندي لڳائي وئي. ان مان مراد ته گهڻي ڀاڱي بورڊ جو ڏوهه آهي. اصل ۾ آءِ سي سي جا جاچڻ وارا تڪراري قانون آهن، جنهن سبب مرلي ڌرن ۽ ان جهڙن ڪيترن ئي بالرن کي نه بخشيو، انهن مان گهڻو ئي هنگامو ڪندڙ نوان قانون آهن جن تحت رپورٽ ٿيڻ وارو ڪير به اڄ تائين پابندي کان بچي نه سگهيوآهي. صرف گذريل ٻن مهينن ۾ سعيد اجمل سميت چار بالر انهن نون قانون جي ور چڙهي ويا آهن ۽ وڌيڪ پنهنجي آخري انجام جي انتظار ۾ آهن. آسٽريليا جي اڳوڻي بيٽسمين ۽ هاڻوڪي تبصرو ڪندڙ ڊين جونز جي خيال ۾ ڇا توهان ”دوسرا“ تي پابندي جي حق ۾ آهيو؟ اصل ۾اها آف اسپنر بالر لاءِ موت جي پني تي صحيح ڪرڻ برابر آهي. آءِ سي سيءَ پهريان تيز بالرن جا پر ڪٽڻ لاءِ ٻنهي اينڊ کان الڳ، الڳ بال جي استعمال جهڙن قانونن کي متعارف ڪرايو ته جيئن ريورس سوئنگ ڪنهن به ميچ ۾ فيصلي وارو ڪردار ادا نه ڪري سگهي ۽ پوءِ بيٽسمينن کي کليل ڇڏيو ويو ته اهي هٿوڙن جهڙا بال استعمال ڪن ۽ انتظاميا کي به ته اهي جيتري ننڍيون بائونڊريون چاهين رکن. نتيجو سڀني جي سامهون آهي ته ڪرڪيٽ بيٽسمينن جي راند بڻجي چڪي آهي. ائين محسوس پيو ٿئي جيئن آءِ سي سي بيٽسمينن لاءِ اڀرندڙ خطرن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ”دوسرا“ کان وڌيڪ خطرو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. عالمي درجه بندي ۾ سڀ کان پهريان ئي بالرن کي ڏسو، سعيد اجمل، سنيل نارائن، روي چندر آشون، محمد حفيظ اهي سڀ آف اسپنر آهن. جيڪڏهن ڪرڪيٽ کي بيٽسمينن جي راند ٺاهڻي آهي ته ان مان آخر بالرن کي ختم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ بقول شخصي بالنگ مشينون لڳايون وڃن، هروڀرو بالرن کي تڪليف ڏيڻ سٺي ڳالهه ناهي.40



    سعيد اجمل کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

    سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن کي شڪي قرار ڏيڻ ڪرڪيٽ جي حلقن ۾ تمام وڏي ۽ پاڪستان لاءِ تمام خراب خبر آهي جنهن پاڪستاني شوقينن جون دليون ڀوري ڇڏيون آهن. اهو مسلسل ٽيون موقعو آهي ته ورلڊ ڪپ جي شروع ٿيڻ کان ڪجهه مهينا پهريان پاڪستان جو ڪو به ٽاپ بالر ڪنهن نه ڪنهن تڪرار جو شڪار ٿي عالمي ڪپ کان ٻاهر ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن 2007 جي ورلڊ ڪپ کان پهريان شعيب اختر ۽ محمد آصف منع ٿيل دوائن جي استعمال سبب ٻاهر ٿيا ته ان ۾ ٻنهي فاسٽ بالرن جو ڏوهه هو، اهڙيءَ طرح 2010ع ۾ اسپاٽ فڪسنگ سبب جيل جي هوا کائڻ وارن محمد عامر ۽ محمد آصف جي خلاف ڪا به سازش نه هئي پر لالچ ٻنهي کي ذلت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. سعيد اجمل جو ڪيس مختلف آهي جنهن انهن فاسٽ جيئان ڪو گناهه ناهي ڪيو پر آف اسپنر تي لڳل پابندي کي سازش به قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ڇو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل هلندڙ سال جي شروعات ۾ بالرن جي ايڪشن جي جاچ جو منصوبو ٺاهيو هو ۽ ان باوجود جيڪڏهن ڪو بالر پنهنجي بالنگ ايڪشن کي صحيح نه ڪري سگهيو ته ان ۾ ڪا سازش جي ڳالهه ناهي. جڏهن پهريون ڀيرو سعيد اجمل جو بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيو ته ان وقت پاڪستان جو هو اهم بالر نه هو ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊگهي اسپيل ڪرائڻ جي ذميواري دانش ڪنيريا جي مٿان هئي پر پنجن ورهين ۾سعيد اجمل ٽنهي فارميٽن ۾ ارڙنهن هزارن کان وڌيڪ بال ڪرايا ۽ نان اسٽاپ ڪرڪيٽ کيڏائي وئي ته پوءِ منهنجي خيال ۾ ٻانهن ۾ وڪڙ پوڻ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه ناهي. گذريل پنجن ورهين ۾ صرف جيمز اينڊرسن سعيد اجمل کان وڌيڪ بالنگ ڪئي آهي پر دنيا جي ڪنهن به ٽيم پنهنجي بالر مٿان ايترو وزن ناهي وڌو جيترو سعيد اجمل تي وڌو ويو ۽ پوءَ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي جنهن جو نتيجو اسان جي سامهون آهي، جن ماڻهن سعيد اجمل کي مشين سمجهي ان کي مسلسل ڪرڪيٽ کيڏائي ان جي ڪيريئر کي تباهي تائين پهچائي ڇڏيو هاڻي اهي ئي ماڻهو سعيد اجمل کي ختم ٿيندي ڪيريئر جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪڻ لاءِ بيتاب ۽ بيقرار آهن. بالنگ ايڪشن غير قانوني قرار ڏيڻ کان پوءِ آءِ سي سيءَ چوڏنهن ڏينهن اندر سعيد اجمل کي اپيل ڪرڻ جو حق به ڏنو آهي پر اپيل ڪرڻ جي صورت ۾ سعيد اجمل ٻيهر پنهجي بالنگ ايڪشن جو ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ اهل نه هوندو. سعيد اجمل تي پابندي لڳڻ کان پوءِ پي سي بيءَ جا ذريعا به اهو ئي چئي رهيا هئا پاڪستان ان پابندي خلاف اپيل ڪندو جنهن کان پوءِ شام جو اها پريس رليز جاري ٿي ته پي سي بي سڀ آپشنن تي غور ڪري رهي آهي ۽ سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي ۽ مزي جي ڳالهه هي آهي ته ان ڪميٽيءَ ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي گهڻي وقت کان قومي ٽيم سان ڳنڍيل ۽ سعيد اجمل سان گڏ آهن. پي سي بيءَ کي گهرجي ته تڪڙ ۾ اپيل ڪرڻ بدران سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن کي صحيح ڪرائڻ لاءَ ڪوشش ڪئي وڃي ڇو ته هن وقت اپيل ڪرڻ جو آف اسپنر کي ڪو به فائدو نه پوندو پر ويتر ڏکيائن ۾ واڌارو ٿيندو ڇو ته سعيد اجمل جو ٻانهن کي ڦيرائڻ وارو انداز پندرنهن درجن جي حد کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن زميني حقيقتن کي ڏسجي ته سعيد اجمل جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو امڪان تمام گهٽ آهي ۽ هاڻي آءِ سي سي جي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ بدران ”دوسرا“ طريقو استعمال ڪرڻو پوندو. پي سي بي جو اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي ڪجهه مهينا پهريان ڪرڪيٽ کي ”عالمي اڪيلائپ“ کان بچائيندي ”بگ فور“ ۾ شموليت جي خوشخبري ٻڌائي چڪو آهي ۽ هاڻي اهو وقت آهي ته نجم سيٺي پنهنجا ”تعلقات“استعمال ڪندي سعيد اجمل کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري جنهن جو ڪيريئر ٺڪاڻي لڳائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي وئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو به ڏوھ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو