شاهد آفريدي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2014۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور

    پي سي بيءَ طرفان مصباح الحق کي ورلڊ ڪپ2015ع تائين ون ڊي جڏهن ته بوم بوم آفريديءَ کي2016ع تائين ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪرڻجو اعلان ڪيو آهي. اهڙو فيصلو سليڪشنڪميٽي، هيڊ ڪوچ وقار يونس ۽ پي سي بيڪرڪيٽ ڪميٽيءَ گڏيل صلاح کان پوءِ ڪيو جنهنجي حمايت پي سي بي چيئرمين شهريار خان ڪئي.
    هلندڙ سال بنگلاديش ۾ ٿيندڙ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگيءَ تي محمد حفيظ اڳواڻي ڇڏي هئي جنهن ڪري هي عهدو خالي هو. پي سي بي چيئرمين شهريار خان ڪرڪيٽ ڪميٽي ۽ گورننگ بورڊ سان صلاح کان پوءِ بوم بوم آفريدي کي ٻيون ڀيرو ورلڊ ٽي ٽوئنٽي 2016ع تائين ٽي ٽوئنٽي جي اڳواڻي حوالي ڪئي. آفريدي 2009ع کان 2011ع تائين 19 ميچن ۾ ٽيم جي اڳواڻي ڪري چڪو آهي. هو ڪپتانجي حيثيت سان يو اي اِي ۾ 5 آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي ۾ ذميواريون سنڀاليندو. مصباح الحقکي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ 2015ع تائين قومي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جواعلان ڪيو ويو آهي. چيئرمين شهريار خان ٻنهي ڪپتانن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.جڏهن ته ان کان اڳ شاهد آفريديءَ مئي 2011ع ۾ وقار يونس ۽ تڏوهڪي چيئرمين اعجاز ڀٽ سان ڏندن چڪن کان پوءِ مختصر ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ۽ اڳواڻي ڪرڻ کان پڻ انڪار ڪيو هو. جڏهن ته پوءِهن ٽي ٽوئنٽي تان رٽائرمينٽ وارو فيصلو واپس ورتو هو. ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جيڪپتان شاهد خان آفريديءَ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان ٽي ٽوئنٽي ٽيمجو ڪپتان مقرر ڪرڻ تي بورڊ جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ننڍين ننڍين ڳالهين کي هڪ طرف رکي ڪم ڪندس. ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ تائين ٽيم مضوط ڪندس. هن چيو ته هن وقت ٽيم جون حالتون بهتر آهن،ورلڊ ڪپ کان پهريان بهترين ٽيم بڻجي اڀرنداسين. شاهد آفريديءَ چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ حواسن جيراند آهي ان لاءِ دلير ٿيڻو پوندو. نوجوان رانديگرن جي دلين مان هارائڻ جو خوف ڪڍڻ جي ضرورت آهي. پرفارمنس تي تنقيد واري سوال جي جواب ۾ آفريديءَ چيو ته 2011ع واري ڪارڪردگي سڀني سامهون آهي، ون ڊي ۾ مصباح الحق سٺي ڪپتاني ڪري رهيو آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ شوقينن پاران شاهدآفريديءَ کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. شوقينن خوشيءَ جواظهار ڪندي چيو ته شاهد آفريدي ۾ اڳواڻيءَ جون صلاحيتون آهن، هو ٽيم کي وٺي ڪنهن به ڏکئي چئلينجکي قبول ڪرڻ جون صلاحيتون رکي ٿو، اسان پي سي بيءَ جي ان فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا. جڏهن تهڪجھه شوقينن جو چوڻ هو ته شاهد آفريديءَ کي ٽي ٽوئنٽي سميت ون ڊي ٽيم جو به ڪپتان مقرر ڪيو وڃي ها ته ٽيم لاءِ بهتر هو، آزمايلن کي آزمائڻ عقلمندي ناهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو