1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

الطاف شيخَ کان انٽرويو........... (پروفيسر ڪوثر ميمڻ)

'انٽرويو' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,151
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    الطاف شيخَ کان انٽرويو...........
    (پروفيسر ڪوثر ميمڻ)

    [​IMG]
    پاڻي جا جهاز هلائيندڙ ۽ سفرناما لکندڙ مـشهور شخصيت الطاف شيخ هڪ ٽيچر پڻ آهي. هن نوڪريءَ جا آخري ويهه سالَ باقاعدگي سان پڙهايو ۽ مختلف نيول اڪيڊمين ۾ ”مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ“ جو هيڊ ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به هو اڄ تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ نه فقط جهاز سازي تي پر سنڌي سفرنامي تي به ليڪچر ڏيندو رهي ٿو.
    الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع تي هالا ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪرڻ بعد هن مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي انجنيري) چٽاگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) مان ڪئي ۽ پوءِ پوسٽ گرئجوئيشن WMU يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان ڪئي. 15 سال کن لڳاتار دنيا جي سمنڊن تي، مختلف قسمن جا جهاز هلائڻ بعد هن ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. پاڻ 75 کان مٿي ڪتابن جو مصنف آهي سندس ڪالم پاڪستان ملائيشيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. سندس زال مستوران گهلو دادو جي آهي ۽ کين ٻه ٻار مريم (جيجل) ۽ مارئي آهن. هتي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نواب شاهه جي ليڪچرر مئڊم ڪوثر ميمڻ جي ڪراچيءَ ۾ساڻن ٿيل ڳالهه ٻولهه جو احوال ڏجي ٿو. (ادارو)

    ڪوثر:- ڇوڪرين جي تعليم بابت توهان جا ڇا ويچار آهن؟
    الطاف:- تعليم هر انسان لاءِ ضروري آهي. تعليم يافته ڇوڪري سٺي ماءُ ٿي ٻارن جي صحت، اخلاق ۽ تعليم جو خيال ڪري ٿي، سٺي زال بنجي مڙس جي ڪمائيءَ موجب سٺي نموني گهر هلائي ٿي ۽ گهر جي ماحول کي خوشگوار بنائي ٿي. ۽ منهنجي تعليم مان اها مراد هرگز نه آهي ته نه ڪاليج اٽينڊ ڪجي نه يونيورسٽي وڃجي، رڳو ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪجي.......... جيڪا ڳالهه اسان وٽ عام ٿي پئي آهي.
    ڪوثر:- ڇا ڇوڪرين کي نوڪري ڪرڻ کپي؟
    الطاف:- ضرور ڪرڻ کپي. ان سان هن ۾ اعتماد به اچي ٿو. هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ هوءَ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ به مڙس جي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ نوڪري ڪندڙ عورت جي، گهر ۾ توڙي ٻاهر عزت رهي ٿي. پر اسان وٽ اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪيترون ڇوڪريون ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ بعد به نوڪري نٿيون ڪن. هو پنهنجو به نقصان ڪن ٿيون ته غريبن سان به ظلم ڪن ٿيون. اهو هن ريت جو ان کان بهتر هو ته ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي پڙهڻ ڏين ها جيڪا ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي ملڪ جي خدمت ڪري ها.
    ڪوثر:- ڪيتريون ڇوڪريون پاڻ ته نوڪري ڪرڻ چاهين ٿيون پر سندن مڱيندا يا مڙس کين نوڪري ڪرڻ کان جھلين ٿا.
    الطاف:- آئون اهو هرگز نه چوندس ته پنهنجي مڙس جي ڳالهه نه مڃجي يا ان سان ضد ڪجي. پر ايترو آهي ته هو پاڻ يا خاندان جي ڪنهن سلجھيل فرد معرفت هن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. ڪيترا اهڙا قصا به عام آهن ته شاديءَ مهل مڙس وڏا قرب جتائي زال کي چوندو آهي ته تون گهر ۾ راڻي ٿي رهه ۽ توکي نوڪري ڪرڻ جا ڪا ضرورت ناهي. پوءِ اهو ئي مڙس ڪجهه سالن بعد زال کي ڀنگياڻي به نه سمجھندو آهي. ۽ پوءِ زال پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي جياپي لاءِ دربدر ٿيو وڃي. پنج ڇهه سالن جي Gap ڪري کيس نوڪري به نٿي ملي جيڪا هڪ فريش گرئجوئيٽ کي ته سولائيءَ سان مليو وڃي.
    [​IMG]
    ڪوثر:- بيروزگاري جو زمانو آهي اسان وٽ ته نوڪري به ڏکي ٿي ملي؟
    الطاف:- بلڪل صحيح ٿا چئو. نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پر ٻاهر ولايت ۾ به اهو حال آهي. جپان، ڪوريا، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به انهن جا پنهنجا نوجوان نوڪرين خاطر واجھائيندا وتن. ان هوندي به آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ولائت ۾ به سٺين سٺين نوڪرين ۾ آهن. انڊيا ۽ بنگلاديش جون ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ملائيشيا، جپان سنگاپور ويندي عرب ملڪن ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ سٺن Jobs ۾ آهن.
    ڪوثر:- ڇو ڀلا اسان جي گرئجوئيٽ کي سٺي ۽ سولائيءَ سان نوڪري نٿي ملي؟
    الطاف:- اهو ان ڪري جو اسان جي اسٽوڊنٽ وٽ ڊگري جو ڪاڳر ته آهي پر هن کي ان سبجيڪٽ ۾ نه دسترس آهي ۽ نه تجربو ۽ ڄاڻ. مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ۽ ملائيشيا تيزي سان وڌي رهيو هو ته هنن ڪيترن ئي اسانجي جي ڊاڪٽرن کي نوڪريون ڏنيون پر نوي فيصد کان به مٿي موٽي آيا جو هنن کان ڳوٺن ۾ رهي اڪيلي سر ڪم نٿي پڳو. ڊاڪٽري جي ڊگري ۽ هائوس جاب ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود هنن کي ڊاڪٽري جي صحيح ڄاڻ نه هئي. نتيجي ۾ هو پاڻ ئي ڀڄي ويا. سندن ان ڪوتاهيءَ ڪري اڄ به ڪيترن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا بزنيس مان ۽ ڪارخانن جا مالڪ پنهنجن هم وطنين کي نوڪري نٿا ڏين. هو انهن کان وڌيڪ بنگلاديش، انڊيا، سري لنڪا، فلپين ۽ ڪوريا وغيره جي نوجوانن کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ڄاڻو آهن، گهٽ پگهار تي به راضي رهن ٿا، محنتي آهن ۽ ڳالهه ڳالهه تي ڦڏو يا موڪل نٿا ڪن جنهن ڪري کين نوڪري ڏيڻ وارو مالڪ يا ادارو به خوش ۽ سُڪون ۾ رهي ٿو.
    ڪوثر:- پنهنجي فيلڊ ۾ سٺو ٿيڻ لاءِ هڪ شاگرد کي ڇا ڪرڻ کپي؟
    الطاف:- هن کي پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽ ڊاڪٽري، انجنيري، سائنس، I.T، مئٿس يا جيڪو به هجي ان جي تات هجڻ کپي. ان ۾ ماهر ٿيڻ کپي. رڳو ڊاڪٽري يا انجينري پاس ڪرڻ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ ضروري ناهي پر مٿانهين پوزيشن حاصل ڪرڻ اهم آهي. ان لاءِ هن کي سال جو هڪ هڪ ڏينهن محنت ڪرڻ کپي. هڪ مثال ٿو ياد اچيم: ملائيشيا ۾ نوڪرين جي چونـڊ لاءِ اتي جي مڪاني ملئي آفيسرن سان گڏ ڪجهه سال آئون به انٽرويو جي پئنل تي رهيس. ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جي نوڪري لاءِ اسان جي ملڪ جا آيل ڪجهه اهڙا به اميدوار ڏٺم جن وٽ ڊاڪٽري يا انجنيئري جي ڊگري ته هئي پر ان سان گڏM.A انگريزي، هسٽري يا ايڪانامڪس جي ڊگري به هئي ....سا به ساڳي سال ۾ حاصل ڪيل! مون سان گڏ منهنجا ملئي آفيسر دوست به ان ڳالهه تي تعجب کائيندا هئا. مزي جي ڳالهه ته هنن کان کڻي ڊاڪٽري يا انجنيري جو سوال ڪر ته ان جو به بهٿر جواب نه ڏئي سگهن! پڇ کڻي هسٽري، انگريزي يا ايڪانامڪس بابت ته ان کان به هو اڻ ڄاڻ. هنن جو سڄو زور حاصل ڪيل ڊگرين جا ڪاڳر ڏيکارڻ تي رهيو ٿي. ياد رکو ته اڄ ڪلهه ڪو به ٺلهين ڊگرين تي نوڪري نٿو ڏئي، هو دلي جي خريدار وانگر ٺوڪي ٺوڪي پوءِ پنهنجي اداري يا ڪارخاني ۾ نوڪري ڏئي ٿو. مالڪ اهوئي ڏسي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي ماڻهوءَ کي رکڻ سان هو مونکي ڪيترو ڪمائي ڏيندو؟ هن کي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به آهي يا نه؟
    ڪوثر:- تنهنجي معنيٰ ته ڪا ڇوڪري ڊاڪٽري پڙهي رهي آهي ته هوءَ فقط ان سان تعلق رکندڙ ڪتابن کي پڙهي؟
    الطاف:- بلڪل صحيح ٿيون چئو. LUMS جي هڪ شاگرد غلط سلط انگريزيءَ ۾ مونکي اي ميل ڪيو ته ”سائين توهان کي خوشي ٿيندي ته آئون توهان جو فئن (پرستار) آهيان ۽ مون توهان جا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن“ . جواب ۾ لکيو مانس ته پُٽ مونکي خوشيءَ بدران افسوس ٿيو آهي. منهنجي ڪتابن پڙهڻ پٺيان وقت وڃائڻ بدران پنهنجا ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهه ۽ انهن ۾ ڀڙ ٿي ته اها سٺي ڳالهه آهي. فائنل ييئر تائين پهچي ويو آهين پر انگريزيءَ جون ٽي سٽون به صحيح نٿو لکي سگهين.
    [​IMG]
    ڪوثر:- دراصل اهو به پرابلم آهي ته اسان وٽ هر ڳالهه انگريزيءَ ۾ هلي ٿي.
    الطاف:- نه رڳو اسان وٽ پر جتي ڪٿي انگريزي هلي ٿي. ترڪيءَ کان وٺي جپان تائين انگريزيءَ کي مانُ ڏنو وڃي ٿو. اسان اجايو سنڌي سنڌي يا اڙدو اڙدو جي تسبيح پڙهون ٿا. اهي زبانون ته هونءَ به هرڪو سکيو وڃي. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي هجي يا ايئر لائن جي هوسٽس يا اسٽيورڊ جو انٽرويو... هر ڪاروائي انگريزيءَ ۾ٿئي ٿي. ڪجهه سالَ اڳ ملائيشيا وارن اسڪولن ۾ پڙهائي جو ميڊيم ملئي زبان ڪيو. ٻن سالن بعد توبهه ڪري وري انگلش ڪيائون ته اها بين الاقوامي زبان آهي. ان جي ڄاڻ ڪري ته ملائيشيا جا ماڻهو دنيا ۾نوڪري ۽ تعليم وٺن ۽ ڏين ٿا نه ته انڊونيشيا به ساڳيو ملڪ آهي جتي انگريزي بدران ڊچ آهي ته هو فقط ۽ فقط هالنڊ وڃي سگهن ٿا جتي ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي.
    ڪوثر:- توهانجو مطلب آهي ته اسان وٽ هر اسٽوڊنٽ کي چاهي هو ميڊيڪل جو هجي يا انجنيئرنگ جو ته پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ انگريزي سڌارڻ کپي.
    الطاف:- جي ها! ڇو جو انٽرويو وٺڻ دوران مون ڪيترا پنهنجي وطن جا اميدوار ڏٺا جيڪي هوشيار هوندي به اها نوڪري حاصل ڪري نه سگهيا جو انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جا ڦڙ ڦڙ (Fluent) انگريزي ۾ جواب نه ڏيڻ ڪري انٽرويو وٺندڙن کي متاثر نه ڪري سگهيا. ساڳي وقت سٺي انگريزيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ۽ ڇسا فلپيني ۽ سري لنڪن به چونڊجي ويا ٿي. هونءَ اڄ جي اسٽوڊنٽ کي آئون اها نصيحت ڪندس ته ڪمپيوٽر تي وقت نه وڃائين.
    ڪوثر:- پر ڪمپيوٽر ته اڄ جي دؤر جي اهم شيءِ آهي.
    الطاف:- بلڪل اهم ۽ ضروري شيءِ آهي جيڪا هر هڪ کي اسڪول جي ڏينهن کان ئي سکڻ کپي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ڪمپيوٽر جي معنيٰ چئٽ ۽ معاشقو ڪرڻ ٿي پئي آهي، فيس بڪ کولي وهڻ يا خراب ويب سائيٽون ڏسي پنهنجو اخلاق برباد ڪرڻ عام ڳالهه ٿي پيو آهي. رحم جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ والدين کي نه وقت آهي نه ڪمپيوٽرن جي سٺاين خرابين جي ڄاڻ ... ۽ نه پنهنجي اولاد کي Monitor ڪرڻ جي توفيقَ ته هو ڪمپيوٽر کولي ڇا ويٺو ڪري. ڳوٺن ۾ جنهن گهر ويندو آهيان ته گهر جي وڏڙي وڏي فخر سان ٻڌائيندي آهي ته هن جي ٻارن کي ڪمپيوٽر هلائڻ اچي ٿو ۽ پوءِ ويب سائيٽ هسٽري کي Check ڪري ڏسندو آهيان ته شرم ايندو آهي. ٻين ملڪن ۾، ويندي انڊيا ۾ اسان کان وڌيڪ Awareness آهي. اتي جي ٻارن حوالي به ڪمپيوٽر آهن پر ان تي هو تعليمي ۽ ڪم جون ويب سائيٽ ڏي ڌيان ڏين ٿا، فوٽو شآپ جهڙا مختلف پروگرام سکن ٿا، جيئن اهي سندن روزگار جا به ذريعا ثابت ٿي سگهن. محنت ڪري ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکن ٿا. سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن لاءِ گهر ويٺي، روزانو ڪيترائي صفحا ڪمپوز ڪري گهر جو يا پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍن ٿيون.
    ڪوثر:- توهان جو درس تدريس سان وڏو عرصو واسطو رهيو آهي. توهان جي خيال ۾ سٺي شاگرد لاءِ ڇا ضروري آهي؟
    الطاف:- سڀ کان اهم شيءِ آهي ڪلاس ۾ ڌيان سان ليڪچر ٻڌڻ ۽ پوءِ گهر ۾ صحيح وقت تي ان کي پڙهڻ يا ياد رکڻ ۽ اهو ڪم روز جو روز هجڻ کپي. پر اسان وٽ ائين ناهي. ڪيترائي اسٽوڊنٽس سڄو سالُ وقت برباد ڪندا رهندا ۽ پوءِ امتحانن کان مهينو اڌ اڳ هڻ وٺ ڪندا. تازو هڪ گهر ۾ وڃڻ ٿيو. امتحان ۾ فيل ٿيندڙ ڇوڪريءَ لاءِ مائٽن کي چيم ته هن پڙهيو نه هوندو. ان تي ڇوڪريءَ جي ڏاڏيءَ امتحان وٺندڙن کي پِٽون ڏيندي ٻڌايو ته امتحانن جي ڏينهن ۾ هوءَ سڄي سڄي رات ويهي پڙهندي هُئي. ”آئون جنهن وقت فجر نماز لاءِ اٿندي هيس ته ان وقت هوءَ ڪتاب ٺپي سمهڻ ويندي هئي.“
    هاڻ ان قسم جي اسٽوڊنٽس کي ڪير سمجھائي ته سڄي رات جاڳي پڙهڻ کان بهتر آهي ته سوير سمهي رهجي ۽ فجر مهل اٿي فريش دماغ سان پڙهجي ته بهتر آهي. آئون پنهنجن نيوي جي شاگردن کي هميشه طوطي جو مثال ڏيندو آهيان ته ان کي ڪجهه ياد ڪرائڻ لاءِ فجر مهل پڙهايو ويندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن جي دماغ ۾ ڳالهه تڏهن ويهندي آهي جڏهن سندس پيٽ خالي هوندو آهي. هڪ دفعي ڄام شوري ڦاٽڪ واري هوٽل تي رات جي وقت ڪجهه شاگردن کي اڦراٽا تيار ڪرائي کائيندو ڏٺم، هنن ٻڌايو ته ”امتحان جا ڏينهن ويجھا آهن سو هو رات جو دير تائين پڙهن ٿا ۽ بک لڳڻ تي ماني کائڻ اچن ٿا.“ هاڻ ههـڙي ڳري ماني کائڻ وارا ڇا پڙهندا! هو رڳو مائٽن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته هو وڏي محنت پيا ڪن. هوشيار ۽ نمبر کڻڻ وارا شاگرد امتحانن جي ڏينهن ۾ آرام ڪن ٿا باقي سڄو سال مقرر وقت روزانو پڙهن ٿا.
    ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته روزانو شام جو ساڍي ستين کان ٽي وي تي پَٽي هلائي ويندي آهي ته رات جا اٺ ٿيڻ وارا آهن ٻآرن کي سمهاري ڇڏيو. ملائيشيا ۾ هر هنڌ صبح جو ستين بجي اسڪول کلن ٿا ۽ ٻار سج اڀرڻ کان اڳ ننڊ مان سجاڳ ٿين ٿا. جپان ۾ وڏن شهرن ۾ به رهائشي علائقن جي گهٽين جون بتيون نائين بجي بند ٿيو وڃن ۽ ٻار ان کان اڳ سمهيو رهن. هو نه فقط سڄو هفتو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن پر آچر ڏينهن ۽ موڪلن ۾ به سوير اٿن ۽ گهٽيءَ ۾ بيهي ڏهن منٽن لاءِ PT ڪن ۽ پنهنجي ڊائري تي گهٽي جي انچارج کان صحيح وٺن ته هو سوير ئي اٿيا. پر اسان مسلمانن جي گهرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ سج مٿي چڙهي ايندو، مکيون پيون پٽينديون پر ٻار موالين وانگر سُتا پيا هوندا. اسڪول وارن ڏينهن ۾ به مائرون رات جو دير تائين ٽي وي ڏسنديون. ٻارن کي به جاڳائي رکنديون ، ۽ پوءِ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ٻار صبح جو اوٻاسيون ڏيندا اسڪول ويندا آهن ۽ جھوٽا کائيندا گهر موٽندا آهن. هاڻ ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ هو موڳا نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ ۽ اهڙين ڳالهين ڏي ڌيان ڌرڻ مائرن جو ڪم آهي. پر هر ماءُ ٻارن جي نڪمي پڻي جو ڏوهه اڪثر مسين (ماسترياڻين) تي ٿاڦيندي نظر اينديون آهن.
    [​IMG]
    الطاف شيخَ جي ڳالهين مان ورتل ڪجهه وڌيڪ ٽڪرا، جيڪي اسان جي ملڪ جي مائرن لاءِ سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪن ٿا.
    ·اسان وٽ مائرون ٻارن جي تعليم ۽ سڌاري تي نه ڌيان ڏين ٿيون نه محنت ڪن ٿيون. هنن جي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته هوم ورڪ به آفيس مان موٽڻ تي پيءُ اچي ڪرائي. ڪيترن گهرن جا ٻار ٽيوشن لاءِ ماسترياڻيءَ وٽ وڃن ٿا جيڪا اڪثر سندن اسڪول جي مِس هوندي آهي. ٽيوشن تي ٻارن کي سمجھائڻ بدران هنن کي سوالن جا جواب (خاص ڪري مئٿس ۽ سائنس جا) ٻڌائي هوم ورڪ جي آنگ لاٿي ويندي آهي.
    ·اسان وٽ مائرن جو زور رڳو ٻارن کي اوچا ڪپڙا پهرڻ تي آهي. ڪيترن جي گهرن ۾ ويندو آهيان ته حيرت ٿيندي آهي ته مائرون وڏي خرچ تي ورتل اوچا ”برانڊيڊ“ ڪپڙا ٻارن کي پارائي، گد گدپيون ٿينديون آهن ته هنن جا ٻار ڪيڏا ته سهڻا ۽ سمارٽ پيا لڳن! اڙي بابا هنن کي لکڻ پڙهڻ ته سيکاريو. ڪلاس ٽو يا ٿري تائين پهچي ويا آهن پر P کي ڪيو پيا لکن... ننڍيون دعائون يا قرآن جون سُوررون به ياد نه اٿن... اها فضيلت نه اٿن ته ويهي کائجي... آرام سان پاڻي پيئجي ۽ وڏن سان ڪيئن ڳالهائجي! ٻار جي سنگهه وهي وات ۾ پئي ويندي، وڏن سان تون تون ڪري پيو ڳالهائيندو پر ان تي مائرون نه ڌيان ڏينديون، نه محنت ڪنديون! باقي رڳو زور جاگر جوتا ۽ اوچا ولائتي ڪپڙا پهرائڻ تي .. ڇو جو انهن ڳالهين تي کين محنت نٿي ڪرڻي پوي، جو مڙس جي حرام جي ڪمائيءَ مان هر شيءِ اچيو وڃي.
    ·اسان وٽ عورتن کي ڪچهري ۽ پرائي پچارن کان فرصت ئي نٿي ملي جو ٻارن کي پاڻ وٽ ويهاري اسڪول ۾ پڙهيل سبق کي ڀيرو ڏيارين ۽ لکرائين، جيئن هنن جي هئنڊ رائيٽنگ به سٺي ٿئي. بلڪه ٻارن کي دڙڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون ته وڃي گهٽي ۾ ٻين ٻارن سان راند ڪريو. ۽ پوءِ ٻار ٻاهر وڃي ڪنهن ڪوچ جي نظر هيٺ ڪرڪيٽ، والي بال يا ڪا اسپورٽ ڪونه ٿا سکن پر هڪ ٻئي کان گنديون ڳالهيون ۽ گاريون ٿا سکن. سڌريل ملڪن ۾ توهان کي ائين گهٽين ۾ ٻار نظر نه ايندا. هو موڪل واري ڏينهن تي مائرن سان گڏ گڏ نظر ايندا جيڪي هنن کي قدم قدم تي معلومات جون ڳالهيون ٻڌائيندي نظر اينديون.
    ·اسان وٽ جنهن به گهر ۾ وڃ ته مهمان جي آڌر ڀاءَ ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا ڪنهن ٻئي ايئريٽيڊ مشروب سان ڪئي وڃي ٿي. خبر ناهي هيءَ وبا سنڌ ۾ ڪيئن آئي. گهر گهر ۾ ڊاڪٽر ٿي ويا آهن پر ڪنهن کي به اهو هوش ناهي ته هي مشروب ڪيڏو خطرناڪ آهي جنهن ۾ هيڪاندي شگر آهي ۽ جنهن جا ٻيا ڪيميڪل انسان جي جسم جو ڪئلشيم ڳاريو ڇڏين. وڏا ته وڏا ننڍا به سڄي سڄي بوتل چٽ ڪريو وڃن. ڪوڪا ڪولا جو يهودي مالڪ سئيڊن جو آهي پر سئيڊن ۾ ان جي قيمت سڀ کان گهڻي رکي وئي آهي جيئن ماڻهو گهٽ واپرائين. سئيڊن جي ماڻهن کان پڇندائو ته هو اهو ئي ٻڌائيندا ته هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ٿا پين. آئون جنهن اداري سان سئيڊن ۾ وابسته هوس اتي جي ميس ۾ فقط ڪرسمس ڊي تي ڊنر تي منو گلاس ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو Serve ٿيندو هو!
    ·پڙهڻ ۾ رڌل رهڻ سان منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته شاگرد هر وقت ڪتاب کڻيو ويٺا هجن. هنن لاءِ صحتمند راند روند ۽ جسماني ورزش به ضروري آهي پوءِ کڻي اها ڊگهي واڪ هجي يا جاگنگ. ڇوڪريون اها کوٽ گهر ۾ ڪم ڪار ڪري پوري ڪري سگهن ٿيون. ملائيشيا ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي تمام سٺي نوڪري ملي پر هوءَ جلدي ئي واپس موٽِي آئي!
    ڇو؟
    ڇو جو هن کي ماني پچائڻ نٿي آئي ۽ ملائيشيا جي حڪومت هن کي بورچياڻي آڻڻ جي ويزا نٿي ڏئي سگهي! ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي! ٻيا ملڪ ته ڇڏيو پر سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جون وڏن عهدن تي فائز عورتون به رڌ پچاءُ پاڻ پيون ڪن. دادو شهر جي هڪ گهر ۾ ويس. ماءٌ ۽ پوڙهي ڏاڏي منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ڪڏهن پڪوڙا پيون ٺاهين ته ڪڏهن چانهه وغيره. ۽ سندن فرسٽ ايئر جي ڇوڪري صوفي تي اڌ گابرو ليٽي، لڳاتار ڪنهن کيSMS ڪري رهي هئي ۽ آيل جواب پڙهي خوش ٿي رهي هئي.
    مون ڇوڪريءَ جو نالو وٺي هن جي ماءٌ کي چيو توهان ڇو پيون تڪليف ڪريو پنهنجي ڌيءَ کي اٿاريو ته اٿي چانهه ٺاهي ۽ پاڻي پياري.
    ”نه سائين اسان نٿا چاهيون ته هن جو پڙهائيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه تي وقت ضايع ٿئي“ هن وراڻيو.
    ”ٺهيو! اڄ ڪلهه دنيا جي ملڪن جا ڇوڪرا به پيا رڌ پچاءُ سکن، جو خبر ناهي ته ڪٿي نوڪرري ڪرڻي پوي ۽ ڇا حالتون هجن!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڇوڪرين کي ڪو هنر سکڻ يا سخت جان ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي! ۽ اسانجي ڇوڪرن جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اهي ته وري اتر ٿا لهن. هنن کان ڇوڪرين جيتري به پڙهائي نٿي پڄي. نه وري ٿا ڪا ذميواري محسوس ڪن. هنن جو هر وقت ڌيان اوچي موبائيل فون رکڻ ۽ ڪَلفُ لڳل ڪپڙا پائي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ تي آهي. ڪاش اسانجا اسٽوڊنٽس ترقي يافته ملڪن جپان وغيره، يا ترقي ڪندڙ ملڪن ملائيشيا وغيره، يا ويندي ايران ۽ انڊيا جي ئي شاگردن کي ڏسي ڪجهه سکي سگهن ۽ هو اهو محسوس ڪن ته مقابلي جو دؤر آهي جنهن ۾ ڪاميابي فقط اهي ماڻي سگهندا جيڪي صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري امتحان پاس ڪندا سو به مٿانهين پوزيشن ۾، ۽ زندگي ۾ درپيش ايندڙ Challenges کي منهن ڏئي سگهندا.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,151
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    مهرباني ادا سيمان وساڻ صاحب
     
  3. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    870
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    مهرباني سائل مهراڻ صاحب جو توهان سائين الطاف شيخ صاحب جو انٽرويو پڙهڻ لا ونڊ ڪيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,236
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ادا. لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,151
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    مهرباني سڀني دوستن جي
     
  6. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,151
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    اهو انٽرويو سائين پاڻ مونکي اي ميل جي ذريعي موڪليو هو، جيڪو مون اوهان دوستن جي اڳيان پيش ڪيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو