وڪي ليڪس جو هڪ وڌيڪ ڌماڪو...

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    وڪي ليڪس هڪ وڌيڪ ڌماڪو ڪندي جرمني ۾ تيار ٿيندڙسرويلينس سافٽويئر جون ڪاپيون پنهنجي ويب سائيٽ تي ڊائونلوڊنگ لاءِ پيش ڪيون آهن.. هي سافٽوير جيڪو بنيادي طور هڪ وائرس آهي جيڪو پوري دنيا جون انٽيليجنس ايجنسيون پنهنجي خاص ٽارگٽ تي نظر رکڻ لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن...

    فن فشر (FinFisher) نالي ڪمپني جنهن جو تعلق جرمني سان آهي.. هڪ اهڙو سافٽويئر ٺاهي کپائيندي آهي جيڪو ونڊوز، ميڪ، لينڪس، اينڊرائيڊ، بليڪ بيري، آئي اوايس، سيمبيئن ۽ ونڊوز فون تي هلندڙ سمورين ڊيوائيسز ۾ لڪي داخل ٿيندو آهي ۽ ڊيٽا چوري ڪندو آهي.. هن ڪمپني جو نالو ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن ڊسمبر 2011 ۾ وڪي ليڪس پهريون دفعو انهن جي پروڊڪٽس ۽ ڪاروبار جا تفصيل جاري ڪيا هئا.. وڪي ليڪس جي انڪشاف کان پوءِ ڪيترائي تحقيق ڪندڙ پنهنجي رپورٽس ۾ فن فشر جي پروڊڪٽس بابت پوري دنيا ۾ موجودگي ۽ ۽ انهن صحافين ۽ سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ٿيڻ جي حوالن سان انڪشاف ڪيا آهن..

    وڪي ليڪس جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستاني ايجنسيون به اهڙو سافٽويئر استعمال ڪرڻ وارن ۾ شامل آهن.. ۽ ان ذريعي ڪافي ٽارگيٽس کي فن فشر جي وائرس سان متاثر ڪيو آهي.. هڪ سپورٽ ٽڪٽ جيڪا ڪنهن پاڪستاني ايجنسي جي ڪارڪن فن فشر ڏانهن موڪلي هئي گڏ ان بابت اسڪرين شاٽ به لڳايو ويو آهي.. ان اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترائي انڊين ڪمپيوٽر متاثر ڪيا ويا آهن.. جڏهن ته ڪجهه پاڪستاني ڪمپيوٽر پڻ موجود آهن..

    [​IMG]

    وڪي ليڪس جي پريس رليز (جنهن ۾ ڊائونلوڊ جو رابطو به ڏنو ويو آهي..) هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿو..
    جڏهن ته هن سافٽويئر جي خريدارن جي فهرست ۾ انهن جا سپورٽ ٽڪيٽ هن لنڪ تي ڏسي سگهجن ٿا..

    وڪي ليڪس وارن جو چوڻ آهي ته هن سافٽويئر جي رليز ٿيڻ کان پوءِ ٽيڪنيڪل ماهر ان قابل ٿي ويندا جو هو فن فشر جي پروڊڪٽس خلاف اينٽي سافٽويئر بڻائي سگهندا.. ۽ ان جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم کي ڳولي لهندا..
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هل ب:eek:، هاڻي اهو ڪم
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اصل مري وياسي پرائي ڳوٺ ۾

    هاڻي ڇا ڪجي ڪو بچا جو طريقو ،

    باقي پاڻ ته فقير ماڻهو کهلا کائو ، ننگا نهائو

    ڪا ڳالهه ئي نه اهي
     
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بهترين ونڊ. اڳ ان بابت خبر ئي نه هئي ته اهو سافٽويئر ايترو عام ٿيندو. :(

    اسان جي ڪمپيوٽرز ۾ اهڙي ڪا به ڏيٽا ئي ناهي جيڪا چوري ٿيڻ کان پو پريشان ڪري. :)
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اسان جي جهڙن جي ڪمپيوٽر مان کين ملندو ڪُجهه ڪونه اجايو اسپيڊ گهٽ ڪندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واقعي سائين وڏو ڌماڪو آ.
    معني ته اسان انٽرنيٽ تي به محفوظ ناهيون
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڊيٽا چوري ڪرڻ سان کين حاصل ڇا ٿيندو؟!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو