جت کَرَڙ کَٿَا ۽ کاهيُون، پالَ، پَڪَا ۽ پَڪَ سَرهيُون سي سرتيون، حاضُر پاسي حَق ماروئَن سين ماڻيان، شالَ مُدائتي مَڪ کنڪاريان خَلَق، جا ٿرَ ڄائي ٿوهرين سُرُ مارئي کَرَڙ = اُن جون فراسيون کاهيُون= ڏاس جا ٺهيل ٻورا يا خرزينون پالَ = ڪکانوان جهوپڙا پَڪا = ڪرڙ جا پڪل ڏيلهُون، ڏؤنئرا پَڪَ = پڪل گدرا سَرهيُون = خوش حَق = ڀتار، ڪانڌ مَڪ = کٻڙ جي وڻ ۾ هڪ ڳاڙهيرو ٻاجهريءَ جي داڻي جيترو ميوو. کنڪاريان = کيڪاريان بيت جو منظر او عمر ! منهنجي مارن جي ملڪ ۾ اوني فراسيون،کٿا، ڏاس، ڪکاوان جهوپڙا، لال ڏؤنئرا ۽ گدرا به ٿين. عمر منهنجي اباڻي وطن جون ماروئڙيُون رڳو پنهنجي ئي وَرَ سان محبت ڪنديون آهن ٻئي پاسي نهارين به ڪونه. منهنجي دل ٿي چئي ته شال ماروئڙيُن سان گڏجي کٻڙ جو ميوو ماڻيان ۽ ٿر وڃي، جيڪي ڄاوا ۽ نپنا ئي ٿوهرن ۾ آهن تن سان کليل فضا ۾ ساهه کڻان. سمجهاڻي ڀٽائي سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ڪلچر جو محافظ آهي. هن بيت ۾ ڀٽائي ٿر جي لباس، ۽ ماروئڙيُن جي عزت، عصمت جي گواهي به ڏئي ٿو ته فخر به ڪري ٿو. ڀٽائي سنڌ جي تهذيب، تاريخ ۽ ڪلچر کي هميشه لاءِ اَمَرُ ڪري ويو آهي. ______ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
مارئي جي حب الوطني ڪنهن کان لڪيل آهي، وري سائين ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ اهڙو اثر ڄڻ مارئي هئنر به قيد ۾ هجي