جُهڙ ڦڙ مٿي مارُئين، جت چيها، چلُڙ، چِڪَ اندرُ ٿو اُڃَ مرَي، ساهه انهن جي سِڪَ پيَهُون شالَ پَهيُون ڀرَي، تئان ڏيئي تِڪَ وَرَ پريان سين پِڪَ، ٻئيا ڀاڻَ ڀَريائي گهوريان. سُرُ مارئي چيها = گاهه جو قسم چلُڙ = گپَ اُنيَن = انهن پيَهُون = پيون پَهيُون = پياليون، وٽيون، تسريون تئَان = تتان، سڪ جي سر چشمي منجهان تڪَ = سُرڪي، ڳيت پريان = پرين - سرائيڪي ٻوليءَ جو لفظ پڪَ = هڪ سُرڪي، چُڪَو - محبوب جي وات تان لٿل يا پياريل هڪ چُڪي. ڀاڻَ = پيالا، وٽا ڀريائي = ڀريل ئي بيت جو منظر مارئي ٿي چئي ته منهنجي مارن جي ملڪ تي وسڪارو ٿيوآهي سو اُتي ساوا گاهه ڦٽا آهن ۽ مينهَن جي ڪري گپ چڪ به ٿي آهي. منهنجي دل ۽ ساهه انهن جي سڪ ۾ جهڄي ۽ جُهري پيو آهي. جيڪو پَلُرَ جو پاڻي هيٺاهين ۾ گڏ ٿيو آهي سو جيڪر پيالا ڀري ڳيتون ڏئي ڍؤڪري پيان. او عمر ! منهنجي محبوب سان گڏجي سندس وات تان لٿل جي هڪ سُرڪي به ملي پئي ته ٻيا هڙئي پيالا ان هڪ سُرڪيءَ تان صدقو ڪيان. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت جي منظرنگاري دلڪش ۽ رومانٽڪ انداز ۾ بيان ڪئي آهي. وسڪاري کان پوءِ ٿر جنت جو ڏيک پيو ڏئي. هر پاسي ساوڪ، سبزيون، گُلَ ۽ ٻوٽا ماحول کي معطر ۽ دلفريب ڪن ٿا. تنهن ويل وري محبوب جي ياد، سڪ، اُڪير ۽ اڃ جيءُ جهوري ٿي ڇڏي. مٿان وري مينهَن جي گڏ ٿيل پاڻيءَ سان سالن جي سڪايل اڃ کي اُجهائجي ڪي پيالا ڀري ته به اڃ نه لهي . محبوب پنهنجي هٿن سان سندس وات تان لٿل هڪ سُرڪي جي پياري ته جيڪر سڀ پيالا صدقي ڪجن. ______ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل