* اديون عبد اللطيف چئي هَٿَين پَيرَين ارِکڻين، مُنهَن نهَ مُهاڻي جئَن سَڳو سُرَندَڙَي، تِئَن راڻيُنِ ۾ رَاڻي اصُلُ هُئِي اُنَ کي، اَهَلَ جَامَاڻِي سَمَي سُڃاڻِي، ٻِيڙَو ٻَڌُسِ ٻَانهَن ۾ سُرُ ڪاموڏ (نوري ڄام تماچي) اَرکَڻَين = وصفين، عضوين، مُنهَن مُهانڊي، ناز انداز ۽ ادائون. هي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ارکڻن يا اَوَلَو مان ورتل آهي. سُرَندَڙَي = سُرندو- وڄائڻ جو ساز جئَن سَڳو وچ سُرَندَڙَي= سرندي جي تارن سان گڏ وچ ۾ هڪ وٽيل سڳو به هوندو آهي. جيڪو سڀني تارُن ۾ خاص اهميت وارو هوندو آهي ڇو ته راڳ ستن سرن مان پهريون سُرُ "سا" هن ئي سڳي مان نڪرندو آهي. ٻين سڀني تارُن جو مدار به ان سڳي تي آهي، تيئن ئي نوري به راڻين ۾ پَٽَ راڻي ۽ مها راڻي هئي. اَهَلَ = لاڙو، ڊولُ، ڍنگ، طرز، طريقو، انداز، نمونو. جَامَاڻي = شاهاڻي، شهزادين جيان، راڻين جيان ٻِيڙو = نڪاح جو ڳانو، ڳاڙهو ڌاڳو- مڱڻي يا پرڻي ويل گهوٽ ڪنوار کي ڳاڙهي اُنَ يا سُٽَ جو ڌاڳو ٻڌندو آهي، جنهن سان پريت وڌندي آهي. بيت جو منظر نوري پنهنجي سُونهَن سوڀيا، حسن ۽ دلڪشيءَ ۽ مُنهَن مُهانڊي، هٿين پيرين، وصفين، ناز انداز ۽ ادائن ۾ مُهاڻي ته بلڪل به نه لڳندي هئي. جيئن سرندي جي تارن سان هڪ وٽيل سڳو هوندو آهي تيئن ئي نوري راڻين ۾ پَٽَ راڻي ۽ مَهَا راڻي هئي. نوري ڄائي ڄم کان ئي حسين ته هئي پر ڄڻ ڪا ڪوهه ڪاف جي پري ۽ اُپسرا لڳندي هئي، وينگس لڳندي هئي. سندس ادائون هيون ئي شاهاڻيون. تڏهن ئي ته ڄام تماچيءَ کيس پرکي ٻانهَن ۾ ڳانو ٻڌو هو ۽ پنهنجي پَٽَ راڻي بڻايائينس. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت حسن،سُونهَن، سوڀيا، سندرتا، دلڪشين، حسناڪين ۽ جماليات جو مظهر آهي. نوري جيڪا هونئن ته مُهاڻي هُئي پر ڄام تماچي سندس ناسي نيڻن، ريشمي زلفن، ناز انداز ۽ ادائُن جو اَسيرُ بڻجي ويو هو. سندس نوري نالو تنهنڪري رکيائونس جو هوءَ سراپا مجسم سُونهَن ۽ نُورُ هئي. ______ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل