• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنجاهه لک جي ميل کاتن جا پاسورڊ ليڪ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
xgmail-account-passwords-leaked-png-pagespeed-ic-pumi-v9lqa.jpg

جي ميل جي حوالي سان خبر آهي ته ان جي پنجاهه لک ڪسٽومرز جي اي ميل کاتن ۽ ان جي پاسورڊز کي بٽ ڪوائينز لاءِ مخصوص هڪ روسي فورم تي پوسٽ ڪيو ويو آهي.. جيتوڻيڪ هي يوزرنيم ۽ پاسورڊ پراڻا آهن ۽ انهن مان ڪيترائي کاتا ته هاڻي موجود به نه آهن پر پوءِ منهنجو توهان کي مشورو آهي ته جن جن ساٿين وٽ جي ميل جو کاتو آهي انهن کي گهرجي ته پنهنجا پاسورڊ تبديل ڪن.. خاص طور اينڊروائيڊ سيٽ استعمال ڪندڙ..
هي سمورا پاسورڊز جي ميل جي جعلي لاگ ان پيجز ۽ ٻين هيڪنگ ٽيڪنيڪس جي ذريعي حاصل ڪيا ويا آهن.. گوگل وارن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سندن سسٽم ۾ اهڙي ڪا خامي ڳولڻ سان نه ملي آهي جنهن جي ڪري اهو واقعو پيش آيو هجي .. هوئين به سندن ڪسٽومرز جي ذاتي معلومات جي حفاظت سندن اهم ترين ترجيحن ۾ شامل آهي..
هتي هڪ ڳالهه اها به ڪندو هلان ته گوگل پنهنجي ڪسٽومرز جو ڊيٽا انڪرپشن کان پوءِ ئي محفوظ ڪندي آهي ته ان ڪري پاسورڊز ۽ يوزرنيم جو ائين ظاهر ٿيڻ اهو ٿو ڏسي ته اها گوگل کاتو رکندڙ جي پنهنجي غلطي آهي جو سندن معلومات هيڪرز جي هٿن ۾ پهتي آهي..
اهو چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪاٿي توهان جو جي ميل کاتو به انهن پنجاهه لک کاتن ۾ شامل ناهي.. هيٺين لنڪ جو ڦيرو ڀريو...

[لنڪ ختم ڪيو ويو]
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ايئن ته ناهي جو هن چيڪنگ سسٽم ۾ داخل ڪرڻ بعد اي ميل هنن تائين پهچي ويندي هجي.... (چور ئي ته چوڪيدار ناهي؟؟؟)) ههههههه

اسان جو به بچاء آ ... پر هاڻ ڊڄان ٿو ته ڪٿي چيڪ ڪرڻ کانپوء ليڪ نه ٿئي .....

تسلي رکو دوستو .. جي کين توهان جي اي ميل پاسورڊ سميت ملي به وئي ته اهي پنهنجو مٿو ئي مٽيندا.. جو کين توهان جي اي ميل مان ملندو ڇا... ;)
هوئن توهان جي اطمينان لاءِ ياد ڏياريندو هلان ته توهان چيڪ ڪرڻ دوران رڳو پنهنجي اي ميل لکي هوندي .. ان سان گڏ پاسورڊ نه لکيو هو.. :)
 
ميل کاتا جمع ڪرڻ جو سٺوطريقوآهي..
ڪجهه جوان لکن جي تعداد ۾ ميل کاتا گڏ ڪري، انهن ڪمپنين کي وڪڻندا آهن جيڪي اِي مارڪيٽنگ ۾ اڳتي هونديون آهن.. گهڻو ڪري انهن ۾ پنهنجي مصنوعات جي وڪڻڻ جا اشتهار هوندا آهن.. يا وري مختلف ويب سائٽن جي مشهوري لاء ميل موڪلينديون رهنديون آهن..
اڄ کان ڏه سال اڳ جي ڳالهه آهي، ڪراچي ۾ اسان جي ڪمپني ۾ هڪ ڇوڪرو سي ڊي وڪڻڻ آيو آهي، بقول هن جي ان سي ڊي ۾ ڪراچي جي 10 هزار ڪمپنين جا ميل کاتا آهن جن سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.. ان سي ڊي جي قيمت ان وقت ۾ 2000 روپيا هئي.. اهڙي معلومات ته بيروزگار نوجوانن لاء به ڪارآمد آهي، جتي هو پنهنجي نوڪري جي درخواست مختلف ڪمپنين ۾ موڪلي سگهن ٿا..
هاڻي تي خبر ناهي لکن جي تعداد ۾ ميل کاتا گڏ ٿيل هوندا۽ سي جي به ضروت نه هوندي..معلومات ونڊڻ جا ٻيا کوڙآسان طريقا نڪري چڪا آهن..
 
جيڪڏهن توهان اهو چوڻ پيا چاهيو ته اها خبر صرف هيٺ ڏنل لنڪ خاطر عام ڪئي وئي ته جيئن کاتا جمع ڪري سگهجن ته اها منهنجي غلطي ٿي سگهي ٿي.. ان ڪري مان لنڪ کي ختم ڪري رهيو آهيان.. پر خبر جو غلط هجڻ نه ٿو ٿي سگهي .. ان جي تصديق لاءِ توهان هن لنڪ جو ڦيرو ڀريو.. يا وري گوگلنگ ڪريو..
 
Back
Top