اَئين جَا لُڏَو لَوڏَ، اِيءُ پَرِ گهاتُوئَڙنِ جِي ڪُنَ ڪَلَاچيءَ ڪَوڏ، سُکِ نَه سُتَا ڪَڏِهين سر گهاتُو اَئين = اوهان، اوهين لُڏَو = ناز ۽ انداز سان هلو ٿا، ٽلو ٿا، چرپر ٿا ڪيو، رٿابندي ٿا ڪيو، حڪمت عمليون ٿا جوڙيو. لَوڏَ = چال، ڍنگ، هلت،انداز گهاتُوئڙن = مڇي ماريندڙ مهاڻا - گهاتوئڙن جمع آهي واحد اٿس گهاتُو، گهاتُو اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو ئي لفظ آهي جنهن جي معنى آهي ماري يا شڪاري. جيئن ته هن سُرَ ۾ مڇي مارڻ جو ذڪر آهي تنهنڪري مٿس "گهاتُو" نالو رکيو ويو آهي. ڪُنُ = وهندڙ پاڻيءَ ۾ اوچتو ڪو خال پيدا ٿئي ٿو ۽ چئني پاسن کان پاڻيءَ جو تيز وهڪرو اچي گول دائري ۾ ڦرندو آهي ۽ شين کي پاڻ ڏانهُن ڇڪي هيٺ کڻي وڃي ٿو. ڪلاچي = دودائي بلوچن جي هڪ ذات جا ماڻهون جن کي ڪلاچي سڏيو ويندو هو. اهي ڳوٺ ٻڌي ويٺا هئا ان ڳوٺ جو نالو ڪلاچي هئو. بيت جو منظر ڀٽائي ڪلاچيءَ جي مهاڻن سان مخاطب ٿي چئي ٿو ته اوهين جنهن ڍنگ سان، عزم ۽ حوصلي سان، چر پر ڪيو ٿا ۽ حڪمت عمليون جوڙيو ٿا. تنهن مان لڳي ٿو ته اوهان دلير، بهادر ۽ مڙس ماڻهو آهيو. ڪلاچيءَ جي ڪُنَ تان سر گهورڻ لاءِ توهان آتا آهيو. توهان جو عزم، همٿون، جوش، جذبا ۽ للڪارون ڏسي ڀانئجي ته اوهان ڪڏهن سک ۽ چين سان سمهيا ئي ناهيو. سمجهاڻي ڀٽائي هڪ عظيم شاعر علاوه هڪ تمام وڏو دانشور به آهي. دانشور جي نظر نه رڳو ماضي ۽ حال تي هوندي آهي پر هو مستقبل ۾ ايندڙ خطرن کان پنهنجي قوم کي آگاهي به ڏيندو آهي. ڀٽائيءَ جو هي بيت ساڍا ٽي سؤ سال اڳ جو لکيل آهي پر سنڌ جي اڄوڪين حالتن سان ٺهڪي ٿو. اڄ ڪلهه منهنجي جيجل سنڌ کي ڪيترائي خوف ۽ خطرا لاحق آهن. سنڌ جي وحدت تي وار ٿي رهيا آهن، سر عام سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جا روز پيا اعلان ٿين.اڄ وري ڪلاچي مانگر مڇن جي گهيري ۾ آهي، نشاني تي آهي. ڀٽائي اسان کي خبردار ٿو ڪري ته پنهنجي عزم، حوصلي، اورچائي، ڏاهپ، رٿابندي ۽ حڪمت عملين سان سنڌ تي ٿيندڙ خطرن کي مڙس ٿي منهُن ڏيو . هاڻي سک ۽ سڪون سان ننڊون ڪرڻ جو وقت ناهي. ______ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل