1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

حديث ڇا آهي، حديثُن جا مُستند ڪتاب ڪهڙا ۽ ڇو، حديثُن جي اصلاحي زبان ۽ صفتون ڪهڙيون آهن اچو ته سکون

'حديث' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حديث ڇا آهي اُن جون ڪهڙيون صفتون ۽ ڪهڙا قسم آهن ۽ حديثون ڪهڙن اصلاحن سان ڪوٽ ٿين ٿيون اها ڄاڻ هر مُسلمان کي هُئڻ گهرجي ۽ اسان به ڪوشش ڪريون ٿا ته هن عام سنڌي جي سمجهڻ ۽ سکڻ لاِ هن علمي مواد کي هن ئي سيڪشن (حديث) جي پيج ۾ ٻئي ڪنهن عنوان سان آڻيون جيئن شرڪ و بدعت جو خاتمون آڻي سگهجي. (والله اعلم بثواب)
    [​IMG]
    حديث ڇا آهي، حديثُن جا مُستند ڪتاب ڪهڙا ۽ ڇو،حديثُن جي اصلاحي زبان ۽ صفتون ڪهڙيون آهن اچو ته سکون
    حديث ڇا آهي؟
    1. حڪم ، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو هُجي.
    2. جيڪو ڪم رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ڪيو هُجي.
    3. ڪم رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ڏٺو هُجي ۽ ڏسي اُن کي ڪرڻ جي منع نه فرمائي هُجي.
    انهن سڀني ڳالهين کي حديث چئبو آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جنوري 2015
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحَدثن جي اصطلاح موجب هر حديث کي جُدا جُدا مقام ۽ مرتبو آهي جن کي حاصل ڪري چڱيءَ طرح ڇاڻڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ اُن تي نالا رکيا ويا ۽ آخر ۾ مُحدثن ان حديثن کي گڏ ڪري مُتفقه طور تي 6 ڪتابن جي نالي سان پيش ڪري اُمت اسلاميا اڳيان آندو جيئن مُسلم قوم کي نبي سائين صلي الله عليه وسلم ڪوٺيل (شرڪ و بدعت) کان بچائي سگهجي.
    حديثن جا ڪلاس
    مُحدثن پُوري دُنيا مان حديثون گڏ ڪري هُنن کي هن ريت ڪلاسيفائيڊ ڪيو ويو آهي.
    1. حديث مرفوع
    اهڙي حديث جن کي اصحاب سڳورن نبي سائين (صلعم) جن جو نالو وٺي بيان ڪيو آهي.
    2. حديث موقوف
    اهڙيون حديثون جن کي اصحاب سڳورن، نبي سائين (صلعم) جن جو نالو وٺڻ کان سواءِ بيان ڪيو يا پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
    3. حديث آحاد
    اهڙيون حديثون جنهن جي روايت ڪندڙ (راوي) تعداد ۾ متواتر حديث جي راوين کان گهٽ هُجن.
    اهڙين حديثن جا به ٽي قسم آهن.
    1. آحاد مشهور
    جنهن جا راوي گهٽ ۾ گهٽ ٽي رهيا هُجن.
    2. آحاد عزيز
    جنهن جا راوي گهٽ ۾ گهٽ 2 رهيا هُجن.
    3. آحاد غريب
    جنهن حديث جو راوي هڪ هُجي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 سيپٽمبر 2014
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    4. حديث متواتر
    جنهن حديث جا راوي هر زماني ۾ ايترا هُجن، جن جو ڪُوڙ تي گڏ ٿيڻ ممڪن نه هُجي.
    5. حديث مقبول
    جنهن حديث جي روايت ڪندڙن (راوين) جي ايمانداري (ديانت) ۽ سچائي تسليم ٿيل هُجي.
    هن حديث جا به 2 قسم آهن. هڪ حسن ۽ ٻيو صحيح.
    1.مقبول حسن
    جنهن حديث جا راوي صحيح حديث جي راوين جي مُقابلي ۾ حافظي ۾ گهٽ هُجن باقي شرط اُهي هُجن.
    2. مقبول صحيح
    جنهن حديث جا سڀ راوي، هر زماني ۽ هر دئور ۾ ثقه (قابل اعتماد)، پرهيزگار، قابل اعتبار حافظي جا مالڪ هُجن.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    صحيح حديث جي وڌيڪ درجا بندي
    حديث صحيح کي وڌيڪ درجابندي ڪري 7 (ست) حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو جيڪي هيٺئين ريت آهن.
    1. جهڙوڪ : (مُتفق عليه) هي اهڙيون حديثون آهن جنهن کي بخاري ۽ مُسلم ٻنهين روايت ڪيو هُجي.
    2. جنهن کي رُڳو بُخاريءَ روايت ڪيو هُجي.
    3. جنهن کي رُڳو مُسلم روايت ڪيو هُجي.
    4. جنهن کي بُخاري ۽ مُسلم جي شرطن تحت ڪنهن ٻي مُحدث روايت ڪيو هُجي.
    5. جنهن کي صرف بُخاريءَ جي شرطن تحت ڪنهن ٻئي مُحدث روايت ڪيو هُجي.
    6. جنهن کي صرف مُسلم جي شرطن موجب ڪنهن ٻئي محدث روايت ڪيو هُجي.
    7. جنهن کي بخاريءَ ۽ مُسلم کان سواءِ ٻين مُحدثن به صحيح سمجهيو هُجي.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    6. حديث غير مقبول
    جنهن حديث جي راوين جي ديانت ۽ سچائي مشتبه (مشڪوڪ) هُجي.
    7. حديث ضعيف
    جيڪا حديث صحيح ۽ حسن جي شرطن مطابق پوري نه ايندي هُجي، جنهنجو ڪو راوي ساقط (غير مطعون (مورد الزام) هُجي. ضعيف حيثن جي به 8 حصن ۾ درجا بندي ڪيل آهي.
    1. ضعيف معلق
    جنهن حديث جو هڪ يا سڀ راوي شروع واري سَنَد حذف ڪري ڇڏين ، يعني ڪيرائي ڇڏين.
    2. ضعيف منقطع
    جنهن حديث ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ راوي مُختلف هنڌن تي ساقط هُجن.
    3. ضعيف مرسل
    جنهن حديث جو راوي آخر ۾ ساقط هُجي يعني تابعي کان پوءِ صحابيءَ جو نالو نه هُجي.
    4. ضعيف معضل
    جنهن حديث ۾ 2 يا ٻن کان وڌيڪ گڏ راوي سَنَد جي وچ ۾ حذف (ڪِريل) هجن.
    5. ضعف موضوع
    جنهن حديث جي راويءَ جو حديث جي معاملي ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ثابت هُجي.
    6. ضعيف متروڪ
    جنهن حديث جي راويءَ تي رُڳو ڪوڙ جي تُهمت هُجي، ليڪن حديث جي معاملي ۾ ڪوڙ ثابت نه هُجي.
    7. ضعيف شاذ
    جنهن حديث ۾ هڪ ثقه رواوي پاڻ کان وڌيڪ ثقه راوي ۽ ضابطي جي مخالفت ڪري.
    8. ضعيف مُنڪر
    جنهن حديث جو راوي فاسق يا بدعتي هُجي.
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ته دوستئو! پوري دُنيا ۾ موجود سڀئي ۽ هر قسم جون حديثون گڏ ڪيون ويون ۽ مٿين قانون جي جوڙ جُڪ ، بحث مُباحثي ۽ مُتفق ٿيڻ کان ۽ ڪرڻ کان پوءِ انهن حديثن جي اڀياس ۽ قران پاڪ جي روشنيءَ ۾ به درجا بندي ڪئي وئي ۽ بل آخر پوءِ صحاح سته (6 صحيح حديثن جا ڪتاب) جي نالي سان عالم اسلام جي مُسلمانن اڳيان آندا ويا. اهي صحيح حديثن جا ڪتاب هيٺيان آهن.
    1. بُخاري
    2. مسلم
    3. ابو دائود
    4. ترمذي
    5. نسائي
    6. ابن ماجه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    صحاح سته، عربيءَ ۾ (6 ۽ صحيح) حديثن جا اهي ڪتاب آهن جن ۾ اسلام جي متعلق شين جو ذڪر ڪري ان کي وري هيٺين حسن سان درجا بندي ڪيل آهي ته جيئن ڪنهن به شيءِ يا ڳالهه تي ڪو ابهام نه رهجي وڃي ۽ متان ڪو عالم اسلام جي مُسلمانن کي وري دئور جهاليت جي شرڪ ۽ بدعت طرف ڌڪيلي نه وجهي. اچو ته اها درجا بندي به پڙهون ۽ سمجهون ۽ توحيدي دين ۽ باب الاسلام ۾ موالي ڪلچر تحت گهُسابنديون ختم ڪري نبي سائين جن جي دين طرف واپس ورون.
    1. جامع
    جنهن حديث جي ڪتاب ۾ اسلام جي متعلق تمام مباحث (اٺن شين جو ذڪر) ڪيل آهي. انهن ڪتابن کي جامع ڏئي سيکاريو وڃي ٿو.
    1. عقيده يا عقائد.
    2. حُڪم يا احڪام
    3. تفسير
    4. رقاص
    5. ملاحم
    6. فضائل
    7. مناقب
    8. مغازي
    جن به جامع هي سڀ نقطا موجود آهن ته کي اضافي لفظ (جامع) وجهي سيکاريو وڃي ٿو جهڙوڪ جامع ترمذي، جامع صحيح بُخاري.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    2. سُنَن
    جنهن حديث جي ڪتاب ۾ صرف فقهي احڪامات جي متعلق حديثون گڏ ڪيون ويون هُجن ان کي (سُنن) سڏجي جهڙوڪ : سنن ابي دائود
    3. مُسنَد
    جنهن ڪتاب ۾ ترتيبوار هر صحابيءَ جون حديثون گڏ ڪيون ويون هُجن ان کي (مُسنَد) سڏجي ٿو جهڙوڪ : مسند امام احمد.
    4. مُستخرج
    جنهن حديث جي ڪتاب ۾ هڪ ڪتاب جي حديث کي ٻئي ڪتاب جي حديث يعني (ٻي سَنَدَ) سان روايت ڪيل هُجي اُن کي (مُستخرج) چئبو آهي جهڙوڪ : مستخرج الاسماعيل علي البخاري، مستخرج ابو نعيم.
    5. مُستدرڪ
    جنهن ڪتاب ۾ هڪ محدث جي قائم ڪيل شرطن مطابق اهي حديثون جمع ڪيون وڃن، جيڪي ان محدث پنهنجي ڪتاب ۾ داخل (لکيون) نه ڪيون هجن، ان کي (مستدرڪ) سڏجي ٿو. جهڙوڪ : مستدرڪ الحاڪم.
    6. اربعين
    اربعين عربيءَ جو لفظ آهي جنهنجي معنيٰ آهي 40. اهڙيءَ طرح جنهن ڪتاب ۾ 40 حديثون جمع ڪيون ويون هُجن ان کي (اربعين) سڏجي ٿو. جهڙوڪ : اربعين نووي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 سيپٽمبر 2014
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حوالا ورتل :
    قرآن مجيد ۽ صحيح حديثن جي روشنيءَ ۾ لکيل ڪتاب بنام (حقوق رحمت للعالمين) صلي الله عليه وسلم
    مئولف:
    محمد اقبال ڪيلاني
    جامع الملڪ سعود، الريض، سعودي عرب.
     
  10. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,478
    ورتل پسنديدگيون:
    5,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا سنڌي ميڊيا...توهان جون مهربانيون جو ايڏي محنت سان بيحد ڪارآمد معلومات اسان تائين پچائي اٿوَ.
    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ مذهبي بحث هلندي حديثن جي درجه بندي بابت منهنجي زير مطالعه به ڪجهه ڪتاب رهيا آهن. انهن ۾ ڪجهه مختلف انداز سان اها درجه بندي سمجهايل آهي.
    ڇا توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته صحاح سته ۾ شامل ڪتابن جي ترتيب ڪهڙن اصولن تي جوڙِي وئي آهي. مثال طور صحيح بخاري کي پهرئين نمبر ۽ صحيح مسلم کي ٻئي نمبر تي ڇو رکيو ويو آهي..؟
    اميد ته اڳتي به اسان سڀني پڙهندڙن جي علم ۾ اضافو ڪندا رهندا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    توهان ترتيب تبديل ڪري پڙهي سگهو ٿا يعني پهرئين مُسلم ۽ پو بُخاري ڪا ترجيحاتي ڳالهه ڪانهين ۽ هتي ترتيب ياداشت جي بُنياد تي لکي وئي هوندي يا ممڪن آهي ته جي پهرئين شڪل (جدول) غور سان پڙهو ته ّخبر ڏ6ي ٿي ته امام بُخاري حديث 600000 لک حديثون گڏ ڪيون ۽ پو اُن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي (فلٽريشن) ته ڪيتريون ڪوڙيون (وڌايل)۽ ڪيتريون سچيون (صحيح) جڏنهن ته امام مُسلم 300000 لک حديثون جمع ڪري ڇنڊ ڇاڻ ڪئي. پر ترتيب ائين به ناهي جو امام ابودائود 5 لک ته امام ابن ماجه 4 لک ڇنڊ ڇاڻ ڪيون. پر ترتيب ۾ هيٺ مٿي ٿي چُڪا آهن. هاڻ توهان جي ترتيب ۾ لکڻ چاهيو ٿا ته جدول جي ڪنهن به ڀاڱي کي مد نظر رکي ڀلي ترتيب بدلائي پڙهو. ڇو جو ترتيب لکڻ جو ڪو خاص مقصد نه هو.
     
  12. عبدالقيوم سڪندري

    عبدالقيوم سڪندري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ننگرپارڪر
    سائين !
    صحاح سته جي ترتيب ۾ ڪن مسند امام احمد کي سڀ کان اڳ رکيو آهي، پر جڏهن مسند امام جون سڀ روايتون بخاري ۽ مسلم ۾ اچي ويون ته پوءِ مسند امام احمد کي ڪن صحاح سته ۾ شامل نه ڪيو. باقي ترتيب ۾ صحيح البخاري اڪثر وٽ اول آهي ، ان جو سبب هيءُ آهي ته سند ۾ امام بخاري وٽ ”ثبوت لقاءِ“ يعني راوي ۽ شيخ يا جنهن کان روايت ڪيائين ان سان ملاقات ثابت آهي جو شرط آهي.، امام مسلم وٽ ”امڪان لقا“ جو شرط آهي، ملاقات جو ثبوت هجي يا ن پر هڪ زماني جو هئڻ لازمي آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوستئو! اسان مذهبي ،هُجي يا سماجي، تواريخي هُجي يا روايتي، اسان ڇنڊ ڇاڻ ۽ اڀياس ڪري هر مضمون تي لکتن کي (ري رائيٽ ڪري) اوهان لاءِ پيش ڪندا اهيون. جيئن ته الاهي دوست محض ٻُڌل ڳالهين تي ضد ٻڌي پنهنجي ڳالهه بنان سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي اڳيان وڌائيندا آهن ۽ تفرقي جو سبب به بڻبا آهن ته اسان ڪوشش ڪئي اهي ته گهٽ ۾ گهٽ بُنيادي معلومات جيڪا هر ڪنهن لاءِ قابل قبول هُجي اُها سمجهاڻيءَ جي انداز ۾ لکي اڳتي وڌايون ۽ پوءِ مذهب، تواريخ يا ڪلچر ۾ اجايون وڌل روايتون فلٽر ڪري پنهنجي سنڌي ادب کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪريون. ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي (حديث جي سمجهاڻي) ته حديث ڇا اهي، ڪيئن آهي ۽ ڪيئن ترتيب ۾ ايندي اهي. ته هي مضمون پڙهو ۽ پنهنجي معلمات جو اضافو به ڳنڍيو ته وڌيڪ اڀياس ۽ فلٽر ڪري سچ نموار ڪريون.
     
  14. روشني جي لاٽ

    روشني جي لاٽ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هديثن جي حوالي سان سائين جن تمام سٺي ۽ بنيادي ڄاڻ مهيا ڪئي اٿس. لک لائق. هن موضوع تي وڌيڪ معلومات لا پروفيسر خليل الرحمان چستي جو ڪتاب حديث پاڪ، شيخ ناصر الدين الباني جا ڪتاب سلسله احاديث صحيحه، سلسله احاديث ضعيفيه، سميت هيٺيان ڪتاب ڏسي سگهوٿا
    حديث

    ادارو


    سن


    ليکڪ


    نالو


    نمبر

    جميعت اهلحديث هند


    2004


    ترجمون دائود راز


    صحيح بخاري ج 8


    1

    دارالسلام لاهور




    حافظ صلاح الدين يوسف


    صحيح بخاري


    2





    حافظ دائود راز


    صحيح بخاري يونيڪوڊ


    3

    اداره تاليفات ملتان


    1425


    سيد انور شاهه ڪشميري


    انوار الباري شرح بخاري 4


    4

    داراشاعت ڪراچي




    مولانا ظهور الباري


    تفهيم الباري 3


    5

    مڪتبه اصحاب الحديث




    محمد ابوالحسن سيالڪوٽي


    فيض الباري شرح بخاري 30


    6

    مجمع اهلحديث هند




    علامه وحيد الزمان


    مفتاح تيسير الباري


    7

    مڪتبه قدوسيه لاهور




    ڊاڪٽر عبدالڪبير محسن


    توفيق الباري شرح صحيح بخاري 12


    8

    دار السلام رياض




    ڊاڪٽر محمد حسن خان


    شرح بخاري انگريزي 9


    9





    Uniciode


    بخاري انگريزي 3


    10

    اداره اسلاميات لاهور


    2007


    عابد الرحمان صديقي


    صحيح مسلم 3


    11

    خالد احسان لاهور




    علامه وحيد الزمان


    صحيح مسلم 6


    12





    امام نسائي


    سنن نسائي 2


    13





    ابن ماجه


    سنن ابن ماجه 3


    14





    ابو دائود


    سنن ابودائود 3


    15





    ترمذي


    جامع ترمذي 2


    17

    دار اشاعت ڪراچي




    عبد الرحمان ڪانڌلوي


    مشڪواته 2


    18

    مڪتبه محمديه لاهور


    2005


    محمد صادق جميل


    مشڪاته المصابيح


    19

    نعيمي ڪتب خانه گجرات




    مفتي احمد يار خان


    مراته مصابيح شرح مشڪات


    20





    امام دارمي


    سنن دارمي 2


    21

    يونيڪوڊ




    امام مالڪ


    موطا امام مالڪ


    22

    نفيس اڪيڊمي لاهور




    محمد بن سعد


    طبقات ابن سعد 14


    23

    مڪتبه رحمانيه لاهور




    امام احمد بن حنبل


    مسند امام احمد 15


    24

    داراشاعت ڪراچي




    علاوالدين متقي


    ڪنزالعمال 16


    25

    انصار السنه لاهور




    همام بن منبه


    صحيفه همام بن منبه


    26

    جامعه روضته العلوم انڊيا




    مولانا تميز الدين


    شرح الثميري


    27

    مڪتبه قدوسيه لاهور




    محمد فوائد الباقي


    الولو والمرجان 2


    28

    دارالمطالعه




    عبدالوهاب بخاري


    احاديث قدسيه


    29

    مڪتبه قدوسيه لاهور




    محمد ناصر الدين الباني


    احاديث صحيحه 6


    30

    مڪتبه علم لاهور




    امام زڪريا


    رياض صالحين


    31

    اداره پيغام قرآن لاهور


    2009


    محمد بن عبالله حاڪم نيساپوري


    المستدرڪ صحيحين


    32

    زمزم پبليڪيشنا ڪراچي




    تميز الدين قاسمي


    آثار هدايه


    33

    داراشاعت ڪراچي




    منظور نعماني


    معارف الحديث 8


    34

    ظفر پبليڪيشنز ڪراچي




    محمد يعقوب ڪليني


    اصول ڪافي جلد 5


    35





    مفتي محمد شبير


    معاملات ڪي باري ۾ 40 احاديث


    36

    ابو هريره اڪيڊمي لاهور


    2005


    ميان محمد جميل


    فهم الحديث ج 2


    37





    ڊاڪٽر محمود احمد غازي


    محاضرات حديث


    38

    مڪتبه عمر فاروق




    مولانا نورالبشر


    آپ حديث ڪيسي تلاش ڪرين


    39

    دارالسلفيه لاهور


    2010


    هفت روزه رساله


    الاعتصام حديث نمبر


    40







    بلوغ المرام


    41

    سيد احمد شهيد اڪيڊمي انڊيا




    بلال عبالحئي ندوي


    حديث ڪي روشني ۾


    42

    منهاج القرآن لاهور




    طاهر القادري


    اسلام ۾ انساني حقوق


    43

    مڪتبه فاروقيه ڪراچي




    مولانا سليم الله خان


    محدثين عظام ڪا تعارف


    44

    الفيصل لاهور




    ڊاڪٽر محمود احمد غازي


    محاضرات حديث


    45

    اداره تحقيقات اسلامي اسلام آباد




    ڊاڪٽر سهيل حسن


    معجم اصطلاح حديث


    46

    اداره اشاعت دينيات دهلي انڊيا


    2007


    محمد يودف ڪانڌلوي


    منتخب حديث


    47

    عمران بڪ ڊيپو




    محمد يودف ڪانڌلوي


    منتخب حديث


    48

    پصغام قرآن ڪرچاي




    يوسف ثاني


    پيغام حديث


    49

    دار النور لاهور


    2015


    محمد ناصر الباني


    روايات سيرت ڪا جائزه


    50

    الفيصل لاهور


    1989


    ڊاڪٽي خالدغزنوي


    طب نبوي اور جديد سائنس 2


    51







    اصول حديث


    52



    ضعيف احاديث

    ادارو


    سن


    ليکڪ


    نالو


    نمبر

    فقهه الحديث لاهور




    شيخ احسان بن محمد


    100 مشهور احاديث


    1

    فقهه الحديث لاهور




    شيخ احسان بن محمد


    200 مشهور احاديث


    2

    فقهه الحديث لاهور




    شيخ احسان بن محمد


    300 مشهور احاديث


    3

    فقهه الحديث لاهور




    شيخ احسان بن محمد


    400 مشهور احاديث


    4

    فقهه الحديث لاهور




    شيخ احسان بن محمد


    500 مشهور احاديث


    5

    مڪتبه بيت الاسلام رياض




    ڊاڪٽر سيد سعيد عابدي


    موضوع اور منڪر روايات


    6

    ممڪتبه اسلاميه لاهور




    محمد يحيٰ گوندلوي


    ضعيف موضوع روايات


    7

    گجرات




    مفي سعيد احمد


    موضوع احديث سي بچيئي


    8

    مڪتبه لاهور




    علامه ناصر الدين الباني


    احاديث ضعيفه ڪا مجموعه 3


    9

    السعوديه




    غازي عزيز


    ضعيف احاديث ڪي معرفت


    10

    مڪتبه اسلاميه




    محمد خرم شهزاد


    الصحيفه في احاديث ضعيفه


    11

    فقهه اڪيڊمي انڊيا




    علما فقهه اڪيڊمي انڊيا


    ضعيف احاديث


    12
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحترم ڊجيٽل ڪتابن جو دئور آهي، جي لنڪ ڳولي لڳايو ها ته ويتر ڀلو ٿئي ها. يا جيڪي ڪتاب اپ لوڊ ٿيل آهن گهٽ ۾ گهٽ اُنهن جا لنڪ لڳايو.
     
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اي (باب الاسلام سنڌ جا سنڌي) ! جي سمجهڻ چاهين ٿو ته سمجه ! جي سمجهڻ چاهيندي ۽ سمجهڻ جي خواهش رکندي ته (الله جلشانهُ) به تُنهنجي دماغ کي کولي۽ دل کي ڌڙڪائي ، تيزيءَ سان رت جو دئورو ڪرائي تُنهنجي مڙني نسن جنو لائنون صاف ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ اهي کُليل لائنون تُنهنجي دماغ ۾ صاف ۽ تازو رت پُهچائي نُنهنجي سوچ کي رب جي حڪم موجب ڪم ڪرڻ تي آماده ڪنديون.
    ۽ (اي باب الاسلام سنڌ جا سنڌي) ! جي تون پنهنجا ڪن، اکيون، سمجهداني بند ڪري نه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي ته اُهوئي الله جلشانهُ (ڊگهي رسيءَ جي نالي تي) تُنهنجي دماغ ۽ دل تي مُهر هڻي ڇڏيندو ۽ پوءِ تون اسلام طرف اچڻ بجاءِ (عباسي چوٿين خليفي معتصم با الله، ان جي مذهب کي ڦهلائڻ واري (ميرن ۽ سومرن) ۽ بل آخر (دجال جي روپ ۾) فارس کان سنڌ ۾ اچي ڪڙڪندڙ (نادرشاه) جي گهوڙن جي سُنڀن سان چيچلجي (گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي) جو رڙيون ڪندي (موالي ڪلچر) ۾ وڪوڙجي ويندي ۽ جيڪو توکي (حمد و ثنا) وسارائي (ساز ۽ سوز جي سنگت سان) ڀٽڪائيندو رهندو ۽ منزل کان پري ڪندو ويندو ۽ پوءِ (شرڪ وبدعت) تُنهنجي فطرت ۾ داخل ٿي ويندي. تون علم جو عالم هوندي به جاهل رهندي جيئن (عزازيل) بڻيو. ياد رک اي سنڌي! عرب کان پوءِ تُنهنجي ئي خطي سنڌ کي باب الاسلام بڻائي اهم ذميواري ڏني ئئي ۽ پوءِ توڱي ئي ورغلائڻ لاءِ عجمي ۽ توحيِد جا مُنڪر شيطان (سنڌ تي قابض عجمي) به سنڌ ۾ ئي ڪهندا آيا ۽ پنهنجو پنهنجون نشانيون ڇڏڻ لڳا. ته توحيدي دين اسلام جو ٻيو بڻجندڙ بُنياد، سندن مرضيءَ موجب (ري مڪس اسلام پيش ڪري) ۽ اُمت مُحمدي پوءِ فيصلي ڪرڻ ۾ مُنجهي پئي ته ڪهڙو اسلام؟ حالانڪه سمجهڻ وارن لاءِ اُن (توحيدي دين اسلام) کي ٻن جُملن ۾ منجمند ڪري پيش ڪيو ويو آهي يعني (لا الله الي الله) ناهن ڪي ٻيا معبود پر هڪ الله ۽ (مُحمد رسول الله) ۽ مُحمد ئي الله جو پيغام ڏيندڙ آهي.
    ۽ پوءِ تون اي شرڪ و بدعت جا پُڄاري (باب الاسلام سنڌ جي سنڌين) کي ، جن مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) کان مليل توحيدي اسلام جي سبق کي، اڳيان وڌائڻ وارن نبيءَ جي نمائئندن (خُلفاءِ راشدين، تابئين تبع تابعين) جنهن توحيدي دين اسلام کي) پوري دُنيا ۾ ڦهلايو ۽ تون اُمت اسلام کي ، (ساز سوز، سنگت ۽ چسڪن سان) ڀڙڪائي ، مُنجهائي، توحيدي دين اسلام کان پري ته ڪري ڇڏيندي ۽ پوءِ اهو (باب السلام جو سنڌي) نه صرف مُحمد عربيءَ (صلعم) جي دين کان پري ٿي ويندو پر، مسجدن مان اهو ديني نڪريِ ، الله جي ولين، نيڪو ڪارن، بوزرگن جي (خاننگاهن، مقبرن ۽ اُن جي گرد قائم اورا اسڪولن ۾ پلجڻ لڳندو ۽ توکي (ٺرن، ڀنگن، نشن ۽ سُلفين جي سُوٽن ۾ سُمهاري) بي حس ۽ بي سمجه، بي سهارا، بي آسرا ڪري، انڌيرن ۾ گهليندو ويندو ۽ تون (باب الاسلام جا سنڌي) توحيدي دين اسلام جي منڪريءَ جي پاداشت ۾ جاهل کان جاهل ٿيندو ويندي ۽ ايڏو ڪمزور جو(تُنهنجي 7000 سالن جي تواريخ، تُنهنجي تهزيب، تمدن، ثقافت، مهمان نوازي) محض تواريخ جا پڙهجندڙ ورق رهجي ويندي ۽ تون پنهنجي بچيل سنڌ تي به حاڪميت جو حق رکي نه سگهندي. ۽ اُها سڪڙجي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين) ۽(ڪيجهر کان ڪارونجهر تائين) ۽ پوءِ (شهري سنڌ) ۽ ٻهراڙي سنڌ) بڻجي ويندي.
    ته اي (باب الاسلام سنڌ جا ڀٽڪيل سنڌي) موٽ اڃان به وقت آهي ۽ مُنڪر ٿي وڃ سگهوئي ان (ساز و سوز واري سنگت ۽ سنگتين کان) جيڪا توکي جڪڙيو ويٺي آهي نشو پياري، بي حس ڪري ۽ تون تسلسل سان (شرڪ وبدعت) ۾ دٻجي رهيو آهي. ته جيڪا قوم پنهنجي رب جلشانهُ کي ناراض ڪري (شرڪ و بدعت) ۾ گهرجي ويندي آهي ۽ (َقرآن و حديث) کي وساري (سُنتن) کي اُنهيءَ طريقن سان ادا ڪرڻ بجاءِ هٿ جُڙتو ڳالهين ۽ بدعتي طريقن سان عبادت جا عمل ڪرڻ لڳندي آهي ته اُها قوم الله جلشانهُ کي ناراض ڪري مزيد جهالت ۾ گهڙجندي ويندي آهي ۽ جنهنکي پوءِ ا احساس کان بلڪل عاري ڪيو ويندو آهي ۽ سزا الاهيءَ طور الله جلشانهو جي دين کان پري ٿي ،( بُراين، فحاشن، موالي ڪلچر ۾ جهڙي انڌي کوه ۾ ڪري پوندي آهي) ۽ اها انڌيرن ۽ جهالت ۾ گهريل قوم پوءِ اهو وساري ويهندي آهي ته َُ(قُرآن به وحي ۽ حديث به وحي) هوندي آهي ڇو جو ڪو به نبي پنهنجي طرفان ڪا ڳالهه ڪونه ڪندو آهي پر وحيءَ سان علم وٺي اُمت کي ٻُڌائيندو آهي.
    ثابت ٿيو ته قرآن به (وحيءَ ته حديث به وحيءَ وسيلي) مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) جي کي ملي ۽ ۽ پوءِ سُنت (عمل) ڪري اُمت کي سمجهايائون ۽ ٻن اُصولن تحت ملي يعني (لا الله، الي الله) ۽ (مُحمد رسولُ الله) ، (حمد و ثنا)، (قرآن و حديث).جي قرآن شريف پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمي سان پڙهبو ته خبر پوي ٿي ته الله جل شانهُ قرآن جي شڪل ۾ اُمت محمديءَ کي توحيد دين اسلام ۽ اُن جو برڪتون، جزا و سزا، سمجهائڻ لاءِ (تقريبن هڪ لک، 24 هزار نبين مان (سبق سيکارڻ لاء) پنهنجي ڪن اهم نبين ۽ انهن جي اُمت جي حالت کي پيش ڪري سمجهايو آهي ته الله اُن نبيءَ وسيلي سندس اُمت لاءِ ڪهڙا احڪام ڏنا، ڪهڙي نبيءَ جي اُمت ڪهڙي نافرماني ڪئي ۽ سزا ورتي ۽ توحيد دين سمجهڻ وارن کي بهتر عمل جي ڪهڙي جزا ملي ۽ نافرمان توبهن ڪري ڪهڙيون دُعائون پڙهي واپس وريا هُئا. پوءِ نافرمانن کي ڪيئن معاف ڪيائين.
    ثابت ٿيو ته پوءَ اُمت محمد عربيءَ کي ٻي وحيءَ يعني (حديث) وسيلي ئي ، ته اُمت مُحمد (صلي الله عليه وسلم) ڪيئن عبادت ڪندي، عبادت جا گُر يعني(سُنت) تي پاڻ عمل ڪري سيکاريا ويا ڏهن اصحابن کي جنت جي بشارت ڏئي اهي وحي حديثون ، محفوظ ڪرايون ويون ته هو (خُلفاءِ راشدين، تابعين ۽ تبع تابعين) معرفت اهي قيامت تائين امت مُحمد تائين پُهچن ۽ اهڙي ئي طريقن سان ادائگي(سنت) تي ٿئي. پوءِ متان (عرب و عجم) جو تفرقو پئدا ٿئي، فارس جي ئي بُنيادي رهائشين جيڪي فارس ڇڏي حصول دين لاءِ عرب و عجم ۾ رهيا، اُنهن ئي مڙئي حديثون ڳولي گڏ ڪري (مُتفقه عليه) ٿي (صحا ستا) جي صورت ۾ ڪمپائل ڪيون ته بس اهوئي توحيدي عبادت جو طريقو آهي جيڪو اسانکي (شرڪ و بدعت) کان پري ڪري سگهي ٿو. ته خدارا موٽو اي باب الاسلام سنڌ جا باشندئو ته انهي برڪت سان الله جل شانهُ سنڌ کي وري باب السلان جي برڪت سان خوشحال ۽ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ کان بچائي. (آمين ثم آمين)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 اپريل 2016
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    https://www.facebook.com/sindhi.media/posts/10211465121684517
    هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو، نه تُنهنجو، نه مُنهنجو.
    اي (باب الاسلام سنڌ جا سنڌي) ! جي سمجهڻ چاهين ٿو ته سمجه ! جي سمجهڻ چاهيندي ۽ سمجهڻ جي خواهش رکندي ته (الله جلشانهُ) به تُنهنجي دل و دماغ کي کولي۽ دل کي ڌڙڪائي ، تيزيءَ سان رت جو دئورو ڪرائي تُنهنجي مڙني نسن جون لائنون صاف ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ اهي کُليل لائنون (نسون) به تُنهنجي (دل و دماغ ۾ )صاف ۽ تازو رت پُهچائي نُنهنجي (جاهل غلامي قبول ڪندڙ سوچ کي) رب پاڪ جي حڪم موجب ڪم ڪرڻ تي آماده ڪنديون.
    ته (اي باب الاسلام سنڌ جا سنڌي) ! جي تون دل، دماغ ۽ پنهنجا ڪن، اکيون، سمجهداني بند ڪري نه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي ته اُهوئي (الله جلشانهُ) ، ڊگهي رسيءَ جي نالي تي، تُنهنجي دل و دماغ تي مُهر هڻي ڇڏيندو ۽ پوءِ تون اسلام طرف اچڻ بجاءِ (عباسي چوٿين خليفي معتصم با الله، ۽ ان جي (موالي ڪلچر واري مذهب) کي ڦهلائڻ وارن (ميرن ۽ سومرن) ۽ بل آخر (دجال جي روپ ۾) فارس کان سنڌ ۾ اچي ڪڙڪندڙ (نادرشاه) جي گهوڙن جي سُنڀن سان چيچلجي (گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي) جو رڙيون ڪندي (موالي ڪلچر) ۾ وڪوڙجي ويندي .
    ۽ پوءِ اهو موالي ڪلچر، جيڪو توکان (حمد و ثنا) وسارائي ، ناچ، ڀير جي ڏئونڪي (ساز ۽ سوز جي سنگت سان) ڀٽڪائيندو رهندو ۽ سچي منزل کان پري ڪندو ويندو ۽ پوءِ تون اڇان به وڌيڪ (شرڪ وبدعت) کي تُنهنجي غلامي فطرت ۾ داخل هڪ ناسور جيان ڦهلائيندو ويندو ۽ پوءِ تون (علم جو عالم هوندي) به جاهل رهندي جيئن (عزازيل) بڻيو.
    ته ياد رک اي باب الاسلام جا سنڌي! اُن الله جل شانهُ توکي مان مرتبو ڏيارڻ لاءِ ، عرب کان پوءِ، پوري دُنيا کي ڇڏي، تُنهنجي ئي خطي سنڌ کي (باب الاسلام) بڻائي توکي اهم ذميواري ڏني ئئي ۽ تڏنهن ته پوءِ توکي ئي ورغلائڻ لاءِ (عجمي ۽ توحيِد جا مُنڪر) شيطان (سنڌ تي قابض) ٿيڻ لاءِ (توحيدي دين اسلام) جو پيغام مٽائڻ لاءِ سنڌ ۾ ئي ڪهندا آيا ۽ پنهنجو پنهنجون نشانيون ڇڏڻ لڳا.
    ته هو مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) جو سيکاريل (قرآن و حديث) وارو (توحيدي دين اسلام) جو ٻيو بڻجندڙ بُنياد سنڌ، سندن مرضيءَ موجب (ري مڪس اسلام پيش ڪري) ۽ اُمت مُحمدي پوءِ فيصلي ڪرڻ ۾ مُنجهي پئي ته ڪهڙو اسلام؟
    حالانڪه سمجهڻ وارن لاءِ اُن (توحيدي دين اسلام) کي ٻن جُملن ۾ منجمند ڪري پيش ڪيو ويو آهي يعني (لا الله الي الله) ناهن ڪي ٻيا معبود پر هڪ الله ۽ (مُحمد رسول الله) ۽ مُحمد ئي الله جو پيغام ڏيندڙ آهي.
    ۽ پوءِ تون اي شرڪ و بدعت جا پُڄاري (باب الاسلام سنڌ جي سنڌين) کي ، جن مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) کان مليل توحيدي اسلام جي سبق کي، اڳيان وڌائڻ وارن نبيءَ جي نمائئندن (خُلفاءِ راشدين، تابئين تبع تابعين) جنهن توحيدي دين اسلام کي) پوري دُنيا ۾ ڦهلايو ۽ تون اُمت اسلام کي ، (ساز سوز، سنگت ۽ چسڪن سان) ڀڙڪائي ، مُنجهائي، توحيدي دين اسلام کان پري ته ڪري ڇڏيندي ۽ پوءِ اهو (باب السلام جو سنڌي) نه صرف مُحمد عربيءَ (صلعم) جي دين کان پري ٿي ويندو پر، مسجدن مان اهو ديني نڪريِ ، الله جي ولين، نيڪو ڪارن، بوزرگن جي (خاننگاهن، مقبرن ۽ اُن جي گرد قائم اورا اسڪولن ۾ پلجڻ لڳندو ۽ توکي (ٺرن، ڀنگن، نشن ۽ سُلفين جي سُوٽن ۾ سُمهاري) بي حس ۽ بي سمجه، بي سهارا، بي آسرا ڪري، انڌيرن ۾ گهليندو ويندو ۽ تون (باب الاسلام جا سنڌي) توحيدي دين اسلام جي منڪريءَ جي پاداشت ۾ جاهل کان جاهل ٿيندو ويندي ۽ ايڏو ڪمزور جو(تُنهنجي 7000 سالن جي تواريخ، تُنهنجي تهزيب، تمدن، ثقافت، مهمان نوازي) محض تواريخ جا پڙهجندڙ ورق رهجي ويندي ۽ تون پنهنجي بچيل سنڌ تي به حاڪميت جو حق رکي نه سگهندي. ۽ اُها سڪڙجي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين) ۽(ڪيجهر کان ڪارونجهر تائين) ۽ پوءِ (شهري سنڌ) ۽ ٻهراڙي سنڌ) بڻجي ويندي.
    ته اي (باب الاسلام سنڌ جا ڀٽڪيل سنڌي) موٽ اڃان به وقت آهي ۽ مُنڪر ٿي وڃ سگهوئي ان (ساز و سوز واري سنگت ۽ سنگتين کان) جيڪا توکي جڪڙيو ويٺي آهي نشو پياري، بي حس ڪري ۽ تون تسلسل سان (شرڪ وبدعت) ۾ دٻجي رهيو آهي. ته جيڪا قوم پنهنجي رب جلشانهُ کي ناراض ڪري (شرڪ و بدعت) ۾ گهرجي ويندي آهي ۽ (َقرآن و حديث) کي وساري (سُنتن) کي اُنهيءَ طريقن سان ادا ڪرڻ بجاءِ هٿ جُڙتو ڳالهين ۽ بدعتي طريقن سان عبادت جا عمل ڪرڻ لڳندي آهي ته اُها قوم الله جلشانهُ کي ناراض ڪري مزيد جهالت ۾ گهڙجندي ويندي آهي ۽ جنهنکي پوءِ ا احساس کان بلڪل عاري ڪيو ويندو آهي ۽ سزا الاهيءَ طور الله جلشانهو جي دين کان پري ٿي ،( بُراين، فحاشن، موالي ڪلچر ۾ جهڙي انڌي کوه ۾ ڪري پوندي آهي) ۽ اها انڌيرن ۽ جهالت ۾ گهريل قوم پوءِ اهو وساري ويهندي آهي ته َُ(قُرآن به وحي ۽ حديث به وحي) هوندي آهي ڇو جو ڪو به نبي پنهنجي طرفان ڪا ڳالهه ڪونه ڪندو آهي پر وحيءَ سان علم وٺي اُمت کي ٻُڌائيندو آهي.
    ثابت ٿيو ته قرآن به (وحيءَ ته حديث به وحيءَ وسيلي) مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) جي کي ملي ۽ ۽ پوءِ سُنت (عمل) ڪري اُمت کي سمجهايائون ۽ ٻن اُصولن تحت ملي يعني (لا الله، الي الله) ۽ (مُحمد رسولُ الله) ، (حمد و ثنا)، (قرآن و حديث).جي قرآن شريف پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمي سان پڙهبو ته خبر پوي ٿي ته الله جل شانهُ قرآن جي شڪل ۾ اُمت محمديءَ کي توحيد دين اسلام ۽ اُن جو برڪتون، جزا و سزا، سمجهائڻ لاءِ (تقريبن هڪ لک، 24 هزار نبين مان (سبق سيکارڻ لاء) پنهنجي ڪن اهم نبين ۽ انهن جي اُمت جي حالت کي پيش ڪري سمجهايو آهي ته الله اُن نبيءَ وسيلي سندس اُمت لاءِ ڪهڙا احڪام ڏنا، ڪهڙي نبيءَ جي اُمت ڪهڙي نافرماني ڪئي ۽ سزا ورتي ۽ توحيد دين سمجهڻ وارن کي بهتر عمل جي ڪهڙي جزا ملي ۽ نافرمان توبهن ڪري ڪهڙيون دُعائون پڙهي واپس وريا هُئا. پوءِ نافرمانن کي ڪيئن معاف ڪيائين.
    ثابت ٿيو ته پوءَ اُمت محمد عربيءَ کي ٻي وحيءَ يعني (حديث) وسيلي ئي ، ته اُمت مُحمد (صلي الله عليه وسلم) ڪيئن عبادت ڪندي، عبادت جا گُر يعني(سُنت) تي پاڻ عمل ڪري سيکاريا ويا ڏهن اصحابن کي جنت جي بشارت ڏئي اهي وحي حديثون ، محفوظ ڪرايون ويون ته هو (خُلفاءِ راشدين، تابعين ۽ تبع تابعين) معرفت اهي قيامت تائين امت مُحمد تائين پُهچن ۽ اهڙي ئي طريقن سان ادائگي(سنت) تي ٿئي. پوءِ متان (عرب و عجم) جو تفرقو پئدا ٿئي، فارس جي ئي بُنيادي رهائشين جيڪي فارس ڇڏي حصول دين لاءِ عرب و عجم ۾ رهيا، اُنهن ئي مڙئي حديثون ڳولي گڏ ڪري (مُتفقه عليه) ٿي (صحا ستا) جي صورت ۾ ڪمپائل ڪيون ته بس اهوئي توحيدي عبادت جو طريقو آهي جيڪو اسانکي (شرڪ و بدعت) کان پري ڪري سگهي ٿو. ته خدارا موٽو اي باب الاسلام سنڌ جا باشندئو ته انهي برڪت سان الله جل شانهُ سنڌ کي وري باب السلام جي برڪت سان خوشحال ۽ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ کان بچائي. (آمين ثم آمين)
     
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    https://www.facebook.com/sindhi.media/posts/10211465111804270
    حديث ڇا آهي، حديثُن جا مُستند ڪتاب ڪهڙا ۽ ڇو، حديثُن جي اصلاحي زبان ۽ صفتون ڪهڙيون آهن اچو ته آسان سنڌي زبان ۾ سکون.
    ته حديث ڇا آهي اُن جون ڪهڙيون صفتون ۽ ڪهڙا قسم آهن ۽ حديثون ڪهڙن اصلاحن سان ڪوٽ ٿين ٿيون اها ڄاڻ هر مُسلمان کي هُئڻ گهرجي ۽ اسان به ڪوشش ڪريون ٿا ته هن عام سنڌيءَ جي سمجهڻ ۽ سکڻ لاِءِ هن علمي مواد کي هن ئي سيڪشن (حديث) جي پيج ۾ ٻئي ڪنهن عنوان سان آڻيون ته جيئن اسلام ۾ داخل ڪيل باقي (عجمي 72 فرقن طرفان) سچي توحيدي دين اسلام ۾ گهڙيل ونهنوارن (شرڪ و بدعت) جو خاتمون آڻي سگهجي ۽ (توحيدي دين اسلام) قبول ڪندڙ “باب الاسلام سنڌ“ جي سنڌين کي (راه حق تي واپس ورائجي يعني (دين مُحمد عربي صلي الله عليه وسلم) ۽ اُن جي سکيا ادارن (مڪي ۽ مديني مرڪزن) مان نڪتل دين کي ٻيهر نروار ڪري (والله اعلم بثواب)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
     
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    موٽ اي ٿڙيل ۽ عجمي قابضن جي اُبتي راه وٺندر سنڌي !
    ته سنڌ مٿان الله جي ناراضگي ختم ٿئي، سنڌي قوم “عجمي ڀوتارن جي غلاميءَ ۽ موالي ڪلچر مان“ نجات وٺي آزاد ٿي واپس “باب الاسلام سنڌ“ ۽ “مڪي مديني“ مان سيڱاريل ۽ سنڌ پُهتل “توحيدي دين اسلام“ ڏانهن واپس وري ۽ آجي ٿئي.
    اي (باب الاسلام سنڌ جا سنڌي) !
    جي سمجهڻ چاهين ٿو ته سمجه ! جي سمجهڻ چاهيندي ۽ سمجهڻ جي خواهش رکندي ته (الله جلشانهُ) به تُنهنجي دل و دماغ کي کولي۽ دل کي ڌڙڪائي ، تيزيءَ سان رت جو دئورو ڪرائي تُنهنجي مڙني نسن جون لائنون صاف ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ اهي کُليل لائنون (نسون) به تُنهنجي (دل و دماغ ۾ )صاف ۽ تازو رت پُهچائي نُنهنجي (جاهل غلامي قبول ڪندڙ سوچ کي) رب پاڪ جي حڪم موجب ڪم ڪرڻ تي آماده ڪنديون.
    ته (اي باب الاسلام سنڌ جا سنڌي) !
    جي تون دل، دماغ ۽ پنهنجا ڪن، اکيون، سمجهداني بند ڪري نه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي ته اُهوئي (الله جلشانهُ) ، ڊگهي رسيءَ جي نالي تي، تُنهنجي دل و دماغ تي مُهر هڻي ڇڏيندو ۽ پوءِ تون اسلام طرف اچڻ بجاءِ (عباسي چوٿين خليفي معتصم با الله، ۽ ان جي (موالي ڪلچر واري مذهب) کي ڦهلائڻ وارن (ميرن ۽ سومرن) ۽ بل آخر (دجال جي روپ ۾) فارس کان سنڌ ۾ اچي ڪڙڪندڙ (نادرشاه) جي گهوڙن جي سُنڀن سان چيچلجي (گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي) جو رڙيون ڪندي (موالي ڪلچر) ۾ وڪوڙجي ويندي .
    ۽ پوءِ عجمي ڀوتارن جو نافذ اهو موالي ڪلچر، جيڪو توکان (حمد و ثنا) کان وسارائي ، ناچ، ڀير جي ڏئونڪي (ساز ۽ سوز جي سنگت سان) ڀٽڪائيندو رهندو ۽ سچي منزل کان پري ڪندو ويندو ۽ پوءِ تون اڇان به وڌيڪ (شرڪ وبدعت) کي تُنهنجي غلامي فطرت ۾ داخل هڪ ناسور جيان ڦهلائيندو ويندو ۽ پوءِ تون (علم جو عالم هوندي) به جاهل رهندي جيئن (عزازيل) بڻيو.
    هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو، نه تُنهنجو، نه مُنهنجو.
     
    آخري ترميم: ‏27 جنوري 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو