پنهنجي ڌرتي : عباس ڪوريجو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ستياسي (87) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”پنهنجي ڌرتي“ نوجوان ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ جاکوڙيندڙ عباس ڪوريجي جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي.

    عباس ڪوريجو سنڌي ادب جو شاگر هجڻ ڪري سدائين سنڌي ادب لاء جاکوڙيندو رهي ٿو ۽ هي سندس ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو ڪتاب چنڊ پيرن هيٺان 2005ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست عباس ڪوريجي جا جنهن نه صرف ڪتاب جي هارڊ ڪاپي تحفي طور پاڻ اچي سچل ڳوٺ ۾ ڏني پر سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏31 ڊسمبر 2014
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    406
    ورتل پسنديدگيون:
    818
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين تخليق ادا عباس ڪوريجي جي طرفان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    636
    ورتل پسنديدگيون:
    1,763
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    عباس وڏو ڪهاڻيڪار آهي

    عباس منهنجو سهيوڳي هئڻ سان گڏ پاڙيسري به آهي. هن جو ۽ منهنجو ڳوٺ هڪ ئي واهه جي ڪنڌيءَ تي واقع آهن وچ تي کجين جا باغ، ٻنيون ۽ عيسيٰ ڪلهوڙوڳوٺ.
    عباس جون انيڪ ڪهاڻيون مون پڙهيون آهن، ان کان اڳ جڏهن سنگت جا تنقيدي ڪلاس هلندا هئا تڏهن ٽيڪا ٽپڻي لاءِ هن جي ڪهاڻين تي مفصل ڳالهائڻ جو وارو ملندو هو پر اوچتو لاڙ جي لڄاري سان لنئون لهڻ ۽ بعد ۾ لانئون لهڻ بعد آئون عباس جو تر ڇڏي وڃي حيدرآباد اسهيس بعد ۾ پنهنجي ناني وٽ ڪراچي جي لياري واري گهر ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. اسان جي وچ ۾ خال اچي ويو. هيڪاندا سال ٿيا آهن، ڏٺو ناهي پر کيس دل سان پڙهندي هو آڏو هوندو اهي.
    عباس جو اڳيون ڪتاب، جنهن جو فليپ منهنجي يار طارق (قريشي) لکيو هو اهو طارق جنهن پنجين موسم ۾ ”مسو! ڪتا ڇو ڀونڪندا آهن“ ڪهاڻي لکي منهنجي ان سوال جو جواب ڏنو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ عباس لکڻ شروع ڪري سنگت جي ڪلاسز ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. سعيد ۽ علي آڪاش ٻڌايو هو ته اهو عباس آهي.
    رولاڪي دوران اڪثر هن کي جيئڻ ابڙا واري گس تان ايندي ويندي ڏسندو هئس، هن جي ڳوٺ ۾ به اڪثر وڃڻ ٿيندو هو اتي هن جي ذات وارو همراهه اسان جو ڊرائيور هو، جيڪو اسان جو ٽريڪٽر هلائيندو هو، ان ڳوٺ منهنجي جمالياتي حس کي ساهس بخشيو، ڇاڪاڻ ته عباس جو ڳوٺ حسن درس جي نظمن جهڙو لڳندو آهيم. الائجي ڇو واهه جي ڪپ تان هن جي ڳوٺ کي ڏسي منهنجي من جو پڻڇي وڏاندري اڏام لاءِ ڀڙڪو کائيندو آهي.
    هن جي هر ڪهاڻي روح جي گهرائي کي جاچيندڙ اوزار آهي. ”چنڊ پيرن هيٺ“ ۽ ”پنهنجي ڌرتي“ جو اڀياس ڪرڻ بعد اهو چئي سگهان ٿو ته واقعي به عباس سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو