1973ع واري دستور ۾ پاڪستان جي موجوده حدن اندرڇا وڌيڪ نوان صوبا جوڙي سگهجن ٿا ؟

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ ڪاله انهي ئي موضوع تي لڪل هٿن جي اشاري تي هڪ قرباني جي لاءِ پاليل پاڏي رنڀ ڪئي، بس قيامت اچي ويئي آهي . ان جي پيدا ڪيل هم خيالن ۽ دلالن پنهنجي ميڊيا واري ڊگڊگيءَ سان آسمان کڻي مٿي تي کنيون آهي . موٽ ۾ وري اسان (سنڌ)جا همدرد ڳاله سمجهڻ بغير ان بي سريلي آواز تي بغير ڪنهن دليل ڏيڻ جي ۽ ملڪي دستور جي مطالعي جي مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون،جهڙا نعرى! هڻي سنڌ اسيمبيليءَ مان غلط جملن تي مشتمل هڪ بل پاس ڪرائي ،بي عقل ۽ موجوده ملڪي دستورکان اڻڄان ماڻهن واتان داد حاصل ڪري رهيا آهن ،کين خبر ئي ناهين ته پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙا هڻي سڄي سنڌي قوم ۽ سنڌ کي زخمي ڪري هڪ نه ڇٽندر ناسور بخشي رهيا آهن .
    اچوته 1973ع واري دستور کي ڏسون . اهو دستور 280 آرٽيڪلن تي مشتمل آهي ،انهن مان ڪو به هڪڙو اهڙو آرٽيڪل ڪونهي ،جيڪو اسان کي يا موجوده پارليامنٽ کي پاڪستان جي آرٽيڪل نمبر 1 ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا تبديلي ڪري سگهڻ جو اختيار ڏئي . انهي ئي دستور جا ڪجه آرٽيڪل اهڙا آهن جن ۾ دستور ساز اسيمبيليءَ کان سواءِ، موجوده قانونساز اسيمبيلي ڪا به تبديل آڻي نه ٿي سگهي . آرٽيڪل نمبر هڪ ۾ پاڪستان جي تعريف ،جوڙ جڪ ۽ حدون ٻڌايل آهن . اچو ته ڏسون ته دستور ساز ۽ قانون ساز اسيمبيليءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي. هيءَ موجوده اسيمبيلي يا پارليامنٽ کي رڳو قانون سازي ڪرڻ جو اختيارآهي جنهن ڪري هن کي قانون ساز پارليامنت سڏجي ٿو . هر قانون ساز اسيمبيلي دستورساز اسيمبيلي ناهي هوندي ،پر هر دستور ساز اسيمبيليءَ کي قاون ساز اسيمبيليءَ جو درجو حاصل هوندو آهي . موجوده آئين جي موجودگيءَ ۾ اهو رانڀات ڪندڙ پاڏو ته ڇا پر ان جا وڏا ڀي ڪو نئون صوبو نه ٿا ٺاهي سگهن . پاڪستان ۾ جي ڪنهن کي ڪي وڌيڪ نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته انهن جي لا ءِ ٻه رستا آهن . هڪڙو ته 1973 واري آئين کي ختم ڪري ،ڪا مارشل لا لڳائجي . تنهن ڪري اهو ڀانڪاٽ ڪندڙ پاڏو راڀاٽ ڪري جمهوري حڪومت کي ختم ڪري فوجي راڄ قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني فوج کي ايلاز ۽ منٿون به ڪري رهيو آهي ۽ هڪ لک تربيت يافته ڪارڪنن جي آڇ به ڪري رهيو آهي. ڏسو نه انهن جي مقاري . صوبي ٺاهن جو ٻيو رستواهو آهي ته هن موجوده سموري قانون سازپارليامنٽ کي ختم ڪري هڪ نئين دستور ساز پارليامنٽ جي لاءِ چونڊون ڪرائي انهن کان حلف کڻائي موجوده آئين ۾ ڪنهن نئين صوبي جوڙڻ جو آرٽيڪل آڻي . پاس ڪرائي پاڻ کي ڊزالو (ختم)ڪري وري قانون ساز پارليامنٽ جي لاءِ چونڊون ڪرائجن . ڇا پاڪستان اهڙي عمل جي سٽ سهي سگهندو ؟ يا موجوده اسيمبيليءَ جا ميمبرجيڪي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري بنا ڪمائڻ جي پنهن جي رڪنيت ختم ڪرڻ جي لاءِ راضي ٿيندا ؟ بلڪل نه ،ته پوءِ انهن رولاڪ پاڏن کي ڪو هدايت ڪري ته اهي نوان صوبا ٺاهڻ جا بي سرا رانڀاٽ بند ڪن .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منهن جو هي لکيل مضمون شايد مون کان درست جڳه تي ناهي لکيو ويو جو ان کي ڪنهن ڏٺو ئي ناهي .مون پاڻ به ڏاڍي ڏکيائيءَسان وري ڳولهي لڌو آهي .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    1973 ع واري دستور جي آرٽيڪل نمبر 239 موجوده قانون ساز پارليامنٽ کي قانون سازي ڪرڻ جو طريقو ڏسي تو ان جي ڪلازنمبر 4 ۾ رڳو صوبن جي حدن ۾ گهٽ وڌاءُ ڪرڻ ۽ ڦيرڦار ڪرڻ جو رستو ڏسيل آهي .اهو صرف ئي صرف حدن ۾ تبديلي آڻڻ جو طريقو آهي نه ڪي ڪو نئون صوبو جوڙڻ يا بنائڻ جو طريقو، اسان جا انڌا آئيني ماهر يا مطلبي ان حدن جي ڦيرڦار کي ڪو به نئون صوبو جوڙڻ جو مطلب ٿا سمجهن . ان رستي مان مراد آهي ته سنڌ جو ڪو حصو پنجاب ۾ شامل ڪجي يا پنجاب جو ڪو به حصو بلوچستان ۾ شامل ڪجي ِا بلوچستان جو ڪوبه تعلقو يا ديه وغيره سنڌ ۾ شامل ڪري ڇڏجي ،اهڙي طريقي کي چئبو آهي حدن ۾ تبديلي . لفظ الٽرنگ مان جوڙڻ يا ٺاهڻ جو جو مطلب ڪهڙيءَ طرح ڪڍي سگهجي ٿو ڳاله سمجه کان ٻاهر آهي . دنيا جي قانوني ماهرن کي سڄي عمر اهڙن لفظن جي تشريح ڪندي ڪيس وڙهندي ۽ کٽندي ڏٺو ويو آهي . ايم .ڪيو واري ٺڳن جي ٽولي ڪوڙي ڳالهين کي ورجائي ورجائي اسان جي ذهنن ۾ ڀري ڇڏيو آهي ته ،واقعي ائين ٿي سگهي ٿو . مطلب ته موجوده دستور ۾ ڪنهن به نئين صوبي جوڙڻ جي ڪا به گنجائش ناهي . سواءِ ان جي خاتمي جي يا ڪا نئين جوڙيل دستور اسيمبيلي ان ۾ ڪا نون صوبن جوڙڻ واري ڪا شق يا آرٽيڪل داخل ڪري .
    محترم غلام مصطفى ميمڻ ، بيريسٽر ضمير گهمري يا ڪنهن به ٻئي آئيني ماهرکي گذارش ڪجي ٿي ته مون پاران مٿي نون صوبن جوڙڻ واري حوالي سان جيڪي به ليک لکيل آهن انهن جو تنقيدي جائزو وٺي منهنجي رهنمائي ڪندا ته سندن مهرباني رهندي .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو