السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو! سنڌسلامت هڪ وسيع سنڌي فورم آهي ۽ جيڪو انتهائي آسان پڻ آهي. ان جي آسانيءَ جو هڪ سبب هي به آهي ته سنڌسلامت انتظاميه فورم جي رُڪنن جي هر مُمڪن مدد ڪري ٿي. سنڌسلامت فورم تي جيڪڏهن توهان پاسورڊ يا نالو وساري ويٺا آهيو ۽ چاهيو ٿا ته اهو ريڪور ڪجي ته ان لاءِ توهان کي آسان طريقا ٻڌائيندس. جنهن سان توهان ٻيهر سنڌسلامت تي لاگ ان ٿي فورم مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا. پهريون طريقو هي آهي ته توهان پنهنجي ايميل کوليو ۽ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام به کوليو. سنڌسلامت ڊاٽ ڪام ۾ ”لاگ ان ٿيو يا رجسٽريشن وٺو“ تي ڪلڪ ڪريو . ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ نئين پاپ اپ ونڊو کُلندي جنهن ۾ ”ڇا توهان پاسورڊ وساري ويٺا آهيو؟” لکيل هوندو. ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ ٻيهر نئين ونڊو کُلندي جنهن ۾ توهان پنهنجي ايميل يا نالو لکو (جنهن نالي سان اڳ ۾ ئي توهان جو کاتو هُجي). ان بعد لفظ سنڌ جي انگريزي اسپيل لکو ۽ پوءِ ”پاسورڊ ريسيٽ ڪر“ تي ڪلڪ ڪريو. هاڻي توهان پنهنجي ايميل کوليو ۽ سنڌسلامت پاران آيل ايميل تي عمل ڪندي پاسورڊ ريسيٽ ڪريو. ٻيون طريقو : اسان جو سنڌسلامت ڊاٽ ڪام نالي سان فيسبوڪ پيج آهي جنهن ۾ توهان اسان کي پاسورڊ ريسيٽ ڪرڻ لاءِ ميسيج ڪريو. نوٽ: ميسيج ۾ توهان جو نالو يا ايميل لازمي لکندا. ٽيون ۽ آسان طريقو هيءَ آهي ته سنڌسلامت جي انتظامي ميمبرن يا مونکي توهان فيسبوڪ تي ميسيج ڪريو ۽ پاسورڊ ريسيٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ايميل يا نالو لکي موڪليو. انشاءَ الله تمام جلد توهان جو پاسورڊ ريسيٽ ڪيو ويندو. سنڌسلامت انتظاميه فيس بوڪ تي ذيشان رشيد، سليمان وساڻ ، عبدالحفيظ لغاري ، علي ظفر ، عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم