”هندو نياڻيون اغوا نٿيون ٿين پر مرضي سان شادي ڪن ٿيون“.

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪراچي هندو پئنچايت لاڙڪاڻو جي صدر ايڊوڪيٽ ڪلپنا ديوي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به ننڍي عمر جي نياڻي جي ڪنهن سان شادي جي معاملي کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي اهڙو بل آڻي جنهن ۾ ان ننڍي عمر جي نياڻيءَ کي شادي کان اڳ آشرم جهڙي ٽي مهينا ڪنهن اڻ ڌري جاءِ تي رهڻ ڏنو وڃي ته جيئن هوءَ پنهنجي فيصلي تي سنجيدگي سان سوچي سگهي ۽ ان کانپوءِ به سندس مرضي ظاهر ٿئي ته کيس عمر ٿيڻ تي ان شاديءَ جو حق ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن ” عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ پاسي نوجون ڇوڪرين جي ننڍي عمر هجڻ ۽ ٻئي پاسي سندن والدين جي تحفظات سبب اهو معاملو ڪڏهن به حل ٿي نه ٿو سگهي جيستائين انهن نياڻين جي ڪنهن به پيار محبت وغيره جي باري ۾ ان ننڍي عمر جي نياڻيءَ کي سوچڻ لاءِ ڪنهن آشرم ۾ ٽي مهينا نه ٿو رهايو وڃي. هن چيو ته اهڙا پناهه گاهه يا آشرم سنڌ جي هر ضلعي ۾ جوڙي ان جي نگهباني ضلعي جي سيشن جج کان گهٽ ڪنهن کي به نه ڏني وڃي. هن ميڊيا ۾ آيل ان موقف تي ترديد ڪندي چيو ته هن ائين نه چيو هو ته ”هندو نياڻيون اغوا نٿيون ٿين پر مرضي سان شادي ڪن ٿيون“. اهڙو شايع ٿيل بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو