اَوڙاهَه وَيا نه وَريَا، آئون تَنهَن مَاري وَيڻَ ڪَرَي سَامُونڊي سَيڻَ، جُسَي جَارُ پرَائِيُو سُرُ سَامُونڊي اوڙاهه = اونهو سمنڊ، عميق، ساگر وريا = موٽيا ويڻ = قول، اقرار، واعدا ۽ وچن سيڻ = دوست، پرين، محبوب جُسي = بدن، جان، دل جَارُ = کورو، باهه، آتش فشان، جوالا مکي، لاوو. هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ جوالا مان ورتل آهي. بيت جو پس منظر هن نيري ساگر ذريعي واپار سانگي منهنجا محبوب ويا هئا ته اڃان ورڻ جي نه ڪئي اٿن. مان سندن واعدي ۽ وچن کي پئي ياد ڪيون جِهڄان ۽ جُهران. او سرتيون مون هن سمنڊ رستي واپار ڪندڙ محبوب سان لنئون لائي رات ڏينهن پنهنجي جان ٽانڊن تي جلائي آهي. هر پل ڄڻ ڪنهن آتش فشان ۽ لاوي ۾ پئي جلان ۽ پچان. سمجهاڻي تاريخي حوالن سان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته اڳئين دور جا سنڌي ماڻهون واپار ڪندا هئا. هتان ململ، سوسي، اجرڪ، کَيسَ، لويون، ڀرٿ ڀريل وڳا، سونا زيور ۽ ٻيو سامان ٻيڙا ڀرائي پرڏيهه ۾ واپار ڪندا هئا ۽ جهجهو ناڻو ڪمائيندا هئا. هن ڳالهه جي ثابتي مُهَين جي دڙي جَي تاريخي آثارن مان به ملي ٿي. دڙي جي اوڀارئين پاسي شاپنگ سينٽر، هَٽَ، دڪان ۽ ٻَيڙَن جي لنگر انداز ٿيڻ جا آثارمليا آهن.ڀٽائي هن بيت ۾ سنڌي ماڻهن جي واپار ڪرڻ واري ڳالهه سان گڏ هڪ وڻجاري جي محبوبه جَي اندر جي احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي.هوءَ پنهنجي هڪجيڏين سان لڙڪ لاڙيندي دل جو حال پئي اوري. ته جيڏيون منهنجو محبوب چئي ويو هو ته جلد موٽي ايندس پر سمنڊ الائي ڪاڏي گهلي ويو ٿس. مان ته واعدا ۽ وچن ياد ڪيون پئي رات ڏينهن جلان ۽ پچان ڪنهن آتش فشان يا لاووي جيان. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل