1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج الطاف شيخ

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    880
    ورتل پسنديدگيون:
    1,974
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ريڊيو، ٽي وي ۽ ريل ۽ هوائي جهازن جي ايجاد کان اڳ ماڻهن لاءِ وندر ڇا هئي.....؟ ميلا ملاکڙا يا وري مندر درگاهون.... ۽ ماڻهن کي اتي پهچڻ لاءِ وهٽن جي سواري هوندي هئي يا پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا. هندستان جو گجرات ۽ راجستان، جيڪي سنڌ سان لڳو لڳ آهن، مندرن، غارن ۽ آستانن سان ڀريا پيا آهن. سنڌ جي ويجھو هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو اوڏانهن گهڻو ويا ٿي ۽ واپسي تي پنهنجي سفرَ جون خبرون ڪيائون ٿي. گهمي آيل ماڻهن وڏي شوقَ سان ڳالهيون ڪيون ٿي ۽ نوان روانا ٿيا ٿي. مون کي ائين لڳي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اڪيلي يا ٽولن سان ائين اهڙن هنڌن تي ويندو رهيو آهي تڏهن ته هن بيڪانير، گرناڙ، ڀُڄ، لاهوت لا مڪان جون ڳالهيون ڪيون اٿس.
    دهلي ۾ جڏهن اسان پنهنجي اوڏ (رامچند) دوست جي پٽ جي شادي ڪري مهينو کن رهي پياسين ته آئون روز ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن نڪري پوندو هوس. ڪڏنهن جاميه ملي (يونيورسٽي) ڏسڻ ته ڪڏهن جمنا ندي جي ڪناري ..... ڪڏهن ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل گرلس اسڪول ڏسڻ ته ڪڏهن نظام الدين اوليا ۽ امير خسرو جي مقبري تي. هڪ ڏينهن قطب مينار وارو پاسو ڏئي پراڻي دهلي ريلوي اسٽيشن ٻاهران هڪ ڇاٻڙا ٽائيپ هوٽل ۾ چانهه پيئڻ لاءِ اچي ويٺس ته ڀر واري بينچَ تي چار پنج ساڌو گيڙو ڪپڙن ۾ اچي ويٺا. سندن هٿ ۾ لوٽو هو ۽ ڪلهي تي اڳڙين جي ٽُڪ جي گودڙي. مون سندن فوٽو ڪڍيا ۽ پنهنجي چانهه کڻي اچي انهن جي ڀرسان ويٺس. انهن مان ڪو فتح پور جو هو ته ڪو آگري ۽ لکنو جو. هنن ٻڌايو ته هو سومناٿ وڃي رهيا آهن. سومناٿ مندر جو ٻڌي مونکي اسڪول جي تاريخَ جو ڪِتاب ياد اچي ويو جنهن ۾ ان بابت پڙهندا هئاسين.
    ”توهان سومناٿ مندر جو ٻڌو آهي؟ “ هنن مان هڪ پڇيو.
    ”جي ها“ مون جواب ڏنو، ”ويراوال بندرگاهه کان ڇهه ميل کن ٿيندو.“
    ”توهان اتي پاڻي جي جهازَ ۾ ويا هوندائو.
    ”نه ان پاسي جا سمورا بندرگاهه پوربندر کان مانڊوي ۽ ٻي پاسي ڪودينار بندرگاهه، اڄ جي جهازن لاءِ ننڍا آهن. اسان جي جهاز کي ٻاهر کلئي سمنڊَ ۾ ئي ترسڻو پيو ٿي. مونکي سومناٿ مندر ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو.....“
    ”هينئر به کڻي هل“ هن چيو ۽ مون سوچيو ته خيال ڪو برو نه آهي.
    دهلي ۾ به ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئا. ويراوال بندرگاهه کان ته وري به 6 ميل ڪرڻا پيا ٿي. هِتان سڌو ٽرين ۾ وڃي سومناٿ تي لهبو. مون هائوڪار ڪئي ۽ جنهن هڪ کي ٿلهو پاٺي جهڙو چئمپل هو (ٻيا سڀ پيرين اگهاڙا هئا) ان کان پڇيو ته ”بس ۾ هلندائو يا ٽرين ۾؟“ .... ڇو جو اتي ئي بس اسٽاپ هو..... ته هو منهنجو حيرت مان منهن تڪڻ لڳا.
    جنهن ساڌوءَ کي گهونگهرن وارو ڏنڊو هو تنهن مرڪندي چيو ته ”ساڌو ۽ جوڳي فقير ڪو ڪَلَ جي گاڏيءَ ۾ وهندا ڇا؟..... هنن لاءِ هر سفر فقط ٻه وکون آهي.“ دل ۾ چيم ته اسان توبه ڪئي. ويراوال بندرگاهه کان ڀڳل رستي ڪري اسان ڇهه ميلن جي بس جي سفر کان پيا ڀڄون هيڏانهن هي ڇهه سؤ ميل پنڌ ڪري ٿيو سومناٿ تي پهچڻ! هن سال پهچڻ ته مشڪل آهي تيسين ويزا ئي ختم ٿي وڃي! پنهنجي ۽ ساڌوئن جي چانهه جو بل ڏئي کانئن موڪلائي اچي رهائش واري هوٽل کان نڪتس. سو ڳالهه اها آهي ته اڄ کان ٽي چار سؤ سال اڳ ۾ ماڻهن جو زور کڙين تي هوندو هو. ۽ جڏهن هي سڪ ۽ حب رکندڙ ماڻهو دهلي کان گجرات رياست جي شهر جھوناڳڙهه، طلالا ۽ ويراوال (سومناٿ) پيرين پنڌ وڃيو نڪرن اتي نئون ڪوٽ، مٺي، بدين، ٽنڊو باگو ۽ ڏيپلو کان ڀڄ، بيڪانير، ڌولا ويرا، مندرا ۽ ويراوال ڇا پري چئبو. ۽ شاهه لطيف به اهڙن جوڳين، سنياسين ۽ ساڌوئن سان پهتو هوندو. رستي تي ڳوٺ ڳوٺ جي ماڻهن سان خبرون ڪيون هوندائين.
    ان حِسابَ سان ته بيڪانير مندرن ۽ مندرن جو شهر آهي .... جِتي ٻارهوئي اوسي پاسي جا تيرٿي اچي ٿي گڏ ٿيا. توهان کي هتي چوڌاري ڪيترائي آڳاٽا ۽ قريب دور جا مندر نظر ايندا جن مان ڪي عمارتسازي جي لِحاظَ کان ته ڪي عقيدي جي خيالَ کان اهم حيثيت رکن ٿا .... جِتي ٻارهوئي هر موسم ۾ اوسي پاسي توڙي ڏورانهن شهرن کان تيرٿين ۽ ٽوئرسٽن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي. بيڪانير مان نڪرندڙ اخبارَ کڻي پڙهه ته اهڙن مندرن ۽ ٻين تاريخي هنڌن تي ٿيندڙ جشنن جون خبرون نظراينديون، ميلن ملاکڙن ۽ انهن ۾ ٿيندڙ مقابلن ۽ ناچ گانن جون ڳالهيون هونديون، اٺن جي ڊوڙن (Races) ۽ راجستاني ويس وڳن جون ڳالهيون هونديون ..... چوڌاري خوشيون ۽ خير عافيتون هونديون ۽ سڏ پنڌَ تي اولهه پاسي اسان وٽ اوٻاوڙو، مارووالا، ميرپور ماٿيلو، خيرپور ميرس، نرچ، صالح پٽ ۽ چونڊڪي ۾ ماڻهو خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا نظر ايندا ..... خونريزون، قتل، ڦرون، اغوائون، ان کان علاوه قبيلائي جهيڙا، ڪارو ڪاري، سنڱ چٽي، زهريلا کاڌا، چرس ۽ گانجا، ڪچي شرابَ ۽ جوا جهڙن ظلمن، ڏوهن ۽ علتن اسان سنڌين کي دنيا ۾ بدنام ڪري وڌو آهي. بيڪانير ۾ رهندڙ سنڌي هندو رٽائرڊ اسڪول هيڊ ماستر ٻڌايو ته هن وٽ ڪڏهن ڪڏهن دبئي کان يا ممبئي ۾ رهندڙ سنڌين کان، سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي اخبار اچي ويندي آهي جنهن جي حاصل ڪرڻ تي جيڏي خوشي ٿيندي آهي، ان کان وڌيڪَ ان کي پڙهڻ تي ڏک ٿيندو آهي ته هن ايڪهين صديءَ ۾ سنڌ جو هي حال آهي. سنڌ ته امن پسند ۽ صوفين جو ديس هو، سنڌ ته واپار وڙي ۽ خوشحالي جو خطو هئو .... اڄ اها سنڌ معاشي، سياسي توڙي اخلاقي ۽ تعليمي طرح ڪيڏو پٺتي هلي وئي آهي جو ان جي اخبار جون خبرون پنهنجن پاڙيسري راجستاني ۽ گجراتي دوستن کي نٿا ٻڌائي سگهون جو هنن جي دل تي اسان سنڌين لاءِ غلط راءِ قائم ٿيندي. اسان سنڌي هندن جيڪو انڊيا يا دنيا ۾ Image پيدا ڪيو آهي ان جي تباهي ٿي ويندي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين جو اهو اميج آهي جيڪو اسان وٽ بوهرين ۽ کوجن جو آهي..... امن امان ۾ زندگي گذارڻ وارا، سٺا بزنيس مين، پڙهيل ڳڙهيل، خير خيرات ڪرڻ وارا، پنهنجن توڙي ٻين هم شهرين جي ٻارن لاءِ سٺا اسڪول ۽ اسپتتالون کولڻ وارا، وغيره. اسان وٽ وڏيرن ڀوتارن جا ٻار غير قانوني هٿيار ۽ گارڊ کڻي پاڙي ۾ به داداگيري ۽ ٻين جي نياڻين جي ڇيڙ ڇاڙ ڪندا...... ڪجهه چوڻ تي هو خون ڪندي به ويرم نه ڪندا ۽ پوءِ ڪورٽ مان ڦاهي جي سزا اچڻ تي شرم ۽ ندامت محسوس ڪرڻ بدران سنڌي ٽوپيون پائي مرڪندي عوام ۽ ميڊيا کي وڪٽري جي نشاني ڏيکاريندا...... هو اهوئي سمجھن ٿا ته هو پنهنجي پيءُ جي اڻ مئي دولت سان ٻين جون عزتون ۽ جانيون به خريد ڪري سگهن ٿا........ کين تعليم، اخلاق، مذهب جهڙين شين جي ڪا ضرورت ناهي. هو هن دنيا ۾ فقط ۽ فقط عياشيءَ لاءِ آيا آهن بلڪه ڇڙواڳ عياشيءَ لاءِ. پوليس، جج، ميڊيا سڀ هنن جي کيسي ۾ آهن.
    اسانجو مسلمان وڏيرو، ڀوتار فقط پنهنجي لاءِ ٿو جيئي. هن کي پنهنجي ڳوٺ پنهنجي تڪ جي ماڻهن يا انهن جي اولاد جي مستقبل جو ڪو فڪر ناهي. سنڌي هندو سيٺ وانگر ڪا خيراتي اسپتال يا اسڪول کولي غريبن جو ڀلو ڪجي اهو اسان وٽ هرگز ناهي. بلڪه جيڪي سرڪاري تعليمي ادارا آهن انهن ۾ ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ اسانجي وڏن ماڻهن جي ٻارن جو هٿ آهي. اسان وٽ ملائيشيا يا ٿائلنڊ جهڙو به ماحول ناهي جِتي جي سلطان ۽ وڏيرن جا ٻارَ عام ٻارن کان وڌيڪَ محنت ڪن ٿا هو سٺا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي پنهنجي ڳوٺَ ۾ اسپتالون ۽ ڪارخانا کولين ٿا جيئن سندن تر جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون هڪ طرف ملن ته روزگار ٻئي طرف. انڊيا ۾ رهندڙ اسان جي سنڌي هندن جو به اهو حال آهي. جيترو وڏو ماڻهو اوتري وڌيڪ محنت ۽ پڙهائي هن جا ٻارَ ڪن ٿا. هو تعليمي ادارا، پارڪ، اسپتالون ٺاهي پنهنجن سنڌين ۽ مڪاني ماڻهن (گجراتي، مرهٺي، تامل، راجستاني وغيره) جو ڀلو ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جا ماڻهو سنڌ کان لڏي هنن وٽ رهندڙ سنڌين جي هميشه تعريف ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته اسان ٻنهي سنڌين جي Image ۾ ڪيڏو فرق آهي. ڏک ضرور ٿئي ٿو پر ان حقيقت کان منهن به نٿو موڙي سگهجي ته اسانجو ”سنڌي“ ۽ انڊيا جو سنڌي مختلف اميج پئدا ڪري ٿو تڏهن ته سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر کي جيارڻ جي ڪوشش ڪندڙ دبئي جي آشا چاند (سندري اتم چنداڻي جي ڌيءَ) اهو چوي ٿي ته ”اسان ڪڏهن به نه چاهينداسين ته سنڌ جي T.V جو ڪو به سنڌي چئنل الهاس نگر (ممبئي جي ڀرسان شهر جنهن ۾ سنڌ کان لڏي آيل ڪيترائي سنڌو هندو رهن ٿا) ۾ ڏيکاريو وڃي..... جو ائين ڪرڻ سان هندوستان جي ماڻهن تي غلط اثر پوندو ته سنڌ ۾ (جِتان جي اسان هر هڪ سان تعريف ڪندا وتون) اڄ جي ايڪهين صديءَ ۾ به ڇا ته ظلم ۽ شرمناڪ ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون!.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,151
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه تمام سهڻو ليک سائين
     
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,151
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ڪيتري دير هڪ ٽنگ تي بيهي سگهو ٿا؟
    هڪ دفعي اسانجو جهاز ڪينيا جي بندرگاهه ”ممباسا“ ۾ بيٺو هو ته جپان جو هڪ جهاز سان جي جهاز جي Along Side يعني اسان جي جهاز جي ڀرسان لڳي اچي بيٺو. بندرگاهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مقرر جيٽين (ڌڪن) کان وڌيڪَ جهاز اچي ويندا آهن ته پوءِ انهن کي پهرين جي بيٺل جهازن سان لڳائي بيهاريندا آهن پوءِ جيٽيءَ سان لڳل جهازن جو سامان ته ڪناري تي لڳل ڪرينن ذريعي لاهي ٽرڪن ۾ رکيو ويندو آهي پر الانگ سائيڊ بيٺل جهازن جو سامان انهن جهازن تي فِٽ ٿيل ننڍين ڪرينن (ڊيرڪن) ذريعي لاهي سمنڊ واري پاسي بيٺل بارجن (تانگهين ٻيڙين) ۾ رکيو ويندو آهي جن مان پوءِ بعد ۾ اهو سامان اندروني ملڪ موڪلڻ لاءِ ٽرڪن يا مال گاڏين ۾ ڀريو ويندو آهي. چٽگانگ، ڪولڪتا، بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جهڙا بندرگاهه جيڪي درياهن جي ڇوڙ وٽ آهن اتي ته اهي بارجون سامان سوڌو اندروني بندرگاهن ۾ هليون وڃن ٿيون جيئن اڳ ۾ اسان وٽ، جڏهن اسان واري سنڌو ندي Navigable هئي ته، ٺٽي پاسي آيل ٻيڙا اندروني سنڌ ڪوٽڙي، هالا، روهڙي سکر..... ويندي ملتان تائين هليا ويا ٿي.
    ممباسا بندرگاهه ۾ ڪم تمام آهستي هلي رهيو هو... مزورن جي کوٽ يا هڙتال هئي يا شايد ٽرڪن وارن جي. اسان کي هن بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائيندي به هفتو کن ٿي ويو هو ۽ هاڻ گذريل ڏينهن جپان جو هي جهاز اچي اسان جي الانگ سائيڊ بيٺو هو. اسان جهاز وارا ممباسا بندرگاهه ۽ اوس پاس جا چڪر شروع وارن ڏينهن ۾ هڻي، کيسو هلڪو ڪري، هاڻ جهاز تي پئي وقت گذاريوسين. ڪو زمانو هو جڏهن ڪينيا جي ايڪانامي انڊين (گجراتين، هندو سنڌين، آغا خانين ۽ بوهرين) جي حوالي هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ عدن ۽ ڪولمبو وانگر هن پاسي ممباسا ۽ زنجبار ۾ شاپنگ جو وڏو چارم هوندو هو پر پوءِ مقامي سياستدانن ملڪ جي خزاني جي ڀينگ ڪري پوءِ باهيون هنن انڊين رهاڪن مان ڪڍڻ خاطر کين پنهنجي ملڪ مان لوڌي ڪڍيو ۽ سندن بزنيس پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. پر افسوس جو هي به يمنين وانگر ڪاروبار نه سمجھي ۽ سکي سگهيا ۽ نه هلائي سگهيا... اڄ ممباسا به عدن بندرگاهه وانگر شاپنگ جي خيال کان ڀڙڀانگ ٿي چڪو آهي.
    بهرحال ممباسا جون مارڪيٽيون انهن اوج وارن ڏينهن جي مقابلي ۾ کڻي ويران هجن پر قدرتي سونهن ۾ ته ممباسا جو اڄ به جواب ناهي. چوڌاري ساوڪ، وڻ ٽڻ، گل گلڪاريون .... ڇا ڳالهه ڪجي! جِتي ملائيشيا وانگر ٻارهوئي رکيو رکيو پيو مينهن وسي اتي گهاٽا ٻيلا، رنگين پکين جا ولڙ ۽ جانور ڇو نه ٿيندا. ڪولالمپور ته فقط شهر آهي پر ممباسا ته بندرگاهه به آهي... نه فقط بندرگاهه آهي پر هڪ ٻيٽ آهي جنهن جي چوڌاري هندي وڏي سمنڊ جون ڇوليون پيون ٽڪرائين ۽ اندر ڪئين ڪئنال ۽ درياهه آهن. ممباسا ٻيٽ کي باقي ملڪ ڪينيا کان ’تيودور ڪريڪ‘ ۽ ’ڪيلينڊني هاربر‘ جدا ڪن ٿا. هونءَ هي ٻيٽ اتر طرف کان باقي ڌرتي سان ’نيالي پل‘ ذريعي ڳنڍيل پڻ آهي جيئن ڪراچيءَ جو ڪياماڙي وارو علائقو باقي ڪراچي شهر ۽ ملڪ سان نيٽي جيٽي پل ذريعي ڳنڍيل آهي.ممباسا ٻيٽ اولهه پاسي مڪوپا نالي ڪازوي ذريعي پڻ باقي ملڪ سان ڳنڍيل آهي جيئن سنگاپور ٻيٽ ملائيشيا جي ملڪ سان ”جوهوربارو“ شهر وٽ ڪاز وي ذريعي ڳنڍيل آهي .... جنهن تان بسن ڪارن کان علاوه سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ وچ ۾ هلندڙ ٽرين پڻ ٽپي ٿي. ۽ هِتان هن ممباسا واري ڪاز وي تان ڪينيا ۽ يوگنڊا ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ ٽرين هلي ٿي. هونءَ اسان وٽ منهوڙو ٻيٽ به ڪراچيءَ سان هڪ سنهي زميني پٽي ۽ ڪاز وي ذريعي مليل آهي جيڪو رستو ’سئنڊس پِٽ‘ پاسي ملي ماريپور کان اچي نڪري ٿو.
    بهرحال اسان جي ٻئي پاسي بيٺل جپان جي جهاز جا آفيسر ۽ خلاصي ڪناري تي وڃڻ وقت پنهنجي جهاز تان ٽپي اسان جي جهاز تي آيا ٿي ۽ پوءِ اسان جي جهاز تي لڳل گئنگ وي (ڏاڪڻ) ذريعي هيٺ جيٽيءَ تي لٿا ٿي. سڄو ڏينهن هو اسان جي ڪئبنن اڳيان لنگهي رهيا هئا.... ۽ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي جهاز کي به دنيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اڪيلو بيهڻ جي جاءِ ملڻ بدران ڪنهن ٻئي جهاز جي ڀر ۾ ملندي آهي. هونءَ خوشيءَ جي حد تڏهن نه رهندي آهي جڏهن پنهنجي ملڪ جي ڪنهن جهاز ڀرسان بيهڻو پوندو آهي ۽ ٻئي جهاز دنيا جي مختلف طرفن کان آيل هوندا آهن ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان مختلف ملڪن جون خبرون وٺندي نه ڍاپندا آهيون.
    صبح جو سوير اٿڻ منهنجي عادت آهي..... چاهي سمنڊ تي هجان يا بندرگاهه ۾. ممباسا ۾ به منهنجي سوير اک کلي ويندي هئي ۽ ٻاهر جي تازي هوا کائڻ لاءِ ڊيڪ تي ڪرسي رکي اچي ويهندو هوس. هونءَ سمنڊ واري پاسي ئي ويهڻ پسند ڪندو آهيان پر بندگاهه (ممباسا) ۾ اسانجو سمنڊ وارو پاسو جپان جي جهاز ڪري بلاڪ ٿيل هو سو هاڻ بندرگاهه يعني جيٽي واري پاسي اچي ويٺس ٿي. ممباسا ۾ انگريزي اخبار ڇپجي ٿي پر ايترو صبح جو اسانجي جهاز تي نٿي پهتي جو اها کڻي ويهي پڙهان. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن بندرگاهه مان لنگهندڙ ڪارين کي يا ايندر ويندڙ ماڻهن کي ڏسندو رهيس ٿي. يا وري ڳوڻين مان پٽ تي ڪريل ان تي مختلف پکين کي چڳندو ڏسندو رهيس ٿي.
    اسان جي ڀر ۾ بيٺل جپاني جهاز جا ماڻهو اٿيا سوير ئي ٿي پر پنهنجي جهاز تي ئي مشغول رهيا ٿا. انهن مان هڪ جيڪو لڳو ٿي ته مون وانگر پنهنجي جهاز جو چيف انجنيئر هو اهو پهرين ڏينهن کان ئي صبح جو جنهن وقت آئون ڊيڪ تي ويٺو هوندو هوس پنهنجو جهاز لتاڙي، اسان جي جهاز تان گذري ڏاڪڻ ذريعي هيٺ جيٽي تي لٿو ٿي. منهنجي ڀرسان لنگهڻ وقت هٿ جي اشاري سان گڏ زور سان ”ويري گڊ مارننگ“ چيو ٿي.
    جواب ۾ پهرين ڏينهن کيس مون سندس زبان ۾ ”اوهيو گو ذائي ماس“ چيو ته هن کي ٿوري حيرت ٿي پر پوءِ سمجھي ويو ته دنيا جو هر جهاز سندن ملڪ ۾ وڃي ٿو ۽ هرڪو ٿوري گهڻي جپاني سکيو وٺي.... پر وري به تڪلف طور پڇيائين ته ”نهان گو وڪاري ماسڪا“ (ڇا توهان کي جپاني اچي ٿي؟“
    ”شڪوشي وڪاري ماس“. (ٿوري اچي ٿي)
    هو روزانو هيٺ لهي ڪيڏانهن ويو ڪو نه ٿي پر هيٺ جيٽي تي ئي جهاز طرف منهن ڪري هڪ ٽنگ تي ٻگهه پکيءَ وانگر ٿوري دير بيهي وري انهي پيرين مٿي چڙهي آيو ٿي. پنهنجي جهاز تي وڃڻ وقت کيس چانهه جي آفر ڪيم ٿي پر هو ”اري گاتو“ (مهرباني) چئي هليو ويو ٿي.
    هڪ ڏينهن (بس اسانجا به ان بندرگاهه ۾ سمجهو ته آخري ڏينهن هئا) دستور يا تڪلف موجب مون هن کي چانهه پيئڻ لاءِ چيو ته هو يڪدم ويهي رهيو.
    Kohi O nomi tai desu
    (آئون ڪافي پيئڻ پسند ڪندس) هن چيو.
    مون يڪدم پنهنجي جهاز جي اسٽيورڊ کي گهرائي هن جي پسند مطابق الڳ الڳ کير، ڪافي ۽ کنڊ گهرائي هن اڳيان رکرايم. هي ڪافي به پيئندو رهيو ته هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون به ڪندو ۽ پڇندو رهيو. پاڻ ٻڌايائين ته هو جپان جي تاريخي شهر ڪيوٽو جو رهاڪو آهي ۽ هن جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر آهي .... يعني چيف انجنيئر بعد ٻي نمبر پوسٽ تي آهي.
    اسانجي مرچنٽ نيوي جي جهازن جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ”چيف انجنيئر“ ٿئي ٿو جنهن جي هٿ هيٺ پنج ڇهه مئرين انجنيئر ۽ هڪ يا ٻه اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ جهاز جي ڪڏهن ريفريجريٽر ڪارگو به کڻي ٿو ته هڪ ريفريجريشن انجنيئر ۽ ٻه کن مڪينڪ ۽ هڪ اليڪٽريشن ۽ ٻيون هيٺيون عملو جيڪي آگ وارا (فائر مين) ۽ تيل وارا (آئلر ۽ گريزر) ٿين ٿا. چيف انجينئر بعد ٻيو نمبر جيڪو سينئر موسٽ انجنيئر ٿئي ٿو اهو هر جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر سڏجي ٿو... اهڙي طرح ان بعد وارا ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر ۽ آخري ۽ جونئر مئرين انجنيئر ففٿ انجنيئر سڏجي ٿو جنهن کي اسان جي ننڍي کنڊ (انڊيا، بنگلاديش ۽ پاڪستان) جي جهازن تي ”پانچ صاحب“ سڏيو وڃي ٿو. جپاني سيڪنڊ انجنيئر جو ڳوٺ ’ڪيوٽو‘ روهڙيءَ وانگر آڳاٽو ۽ تاريخي شهر آهي پر روهڙي وانگر درياهه (يا سمنڊ) جي ڪناري تي هجڻ بدران خيرپور وانگر آهي. اسانجو جهاز جڏهن ڪوبي يا اوساڪا بندرگاهه ۾ بيهي ٿو ته اسان وقت ڪڍي ڪيوٽو به وڃون ٿا جيڪو اوساڪا يا ڪيوبي بندرگاهه کان ٽرين ذريعي 20 منٽن جي پنڌ تي آهي... يعني ڪوبي، اوساڪا ۽ ڪيوٽو ائين آهن جيئن روهڙي، سکر، خيرپور.... يا نوابشاهه، هالا، حيدرآباد.
    جپاني انجنيئر کان پڇيم ته صبح ساڻ اهو ٽن ڏينهن کان جهاز جي هيڏي ڏاڪڻ لهي هيٺ سيمينٽ جي جيٽيءَ تي ٻگهه پکيءَ وانگر ڇو ٿو بيهين؟
    ”دراصل پنهنجي عمر مطابق آئون پنهنجي دماغ جو ٽيسٽ ٿو وٺان ته مون ۾ پنهنجو پاڻ کي بئلنس رکڻ جي ڇا قوت آهي؟“
    هن مونکي ٻڌايو ته جپان ۾ رهندڙ ماڻهن جي حفاظت ۽ صحت جا ڪيترائي سُک آهن پر ميڊيڪل رپورٽ مطابق وڏي عمر جي ماڻهن کي پنهنجو پاڻ Balance نه رکڻ ڪري ٿاٻڙجڻ يا ڪرڻ تمام گهڻو آهي ۽ سال ۾ ايترا ماڻهو روڊ جي حادثن ۾ نٿا مرن جيترا ٿاٻڙجي ڌڪا کائڻ ڪري.
    ”اسان جي جسم ۾ Sensor ٿين ٿا جيڪي دماغ کي هر وقت پيغام پهچائيندا رهن ٿا .... انسان جيئن جيئن وڏي عمر جو ٿئي ٿو تيئن تيئن هن جو جسم ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو ۽ هن جون Sensory Abilities گهٽجيو وڃن. اهي پريشر سينسر جيڪي Mechanoreceptors سڏجن ٿا، سڀ کان گهڻا پيرن جي ترن (Soles) ۾ ٿين ٿا.“
    هن ٻڌايو ته مختلف عمر جا ماڻهو مختلف وقت لاءِ هڪ پير تي بيهي سگهن ٿا. ۽ اکيون پورڻ سان ته اهو عرصو اڃان به گهٽ رهي ٿو. هو ان وقت 55 سالن جو هو جنهن عمر مطابق صحتمند ماڻهو هڪ ٽنگ تي 35 سيڪنڊ ۽ اکيون پورڻ سان فقط 6 سيڪنڊ بيهي سگهي ٿو .... ”افسوس جو آئون ٽن ڏينهن کان پنهنجو ٽيسٽ وٺي رهيو آهيان پر رزلٽ صحيح نه پئي اچي.“
    هن جي وڃڻ بعد آئون به اٿي کڙو ٿيس. جهاز سوگهن رسن سان ٻڌل هجڻ جي باوجود لُڏي رهيو هو سو آئون به جهاز جي ڏاڪڻ لهي هيٺ جيٽي تي بيهي پنهنجو ٽيسٽ ورتم ۽ پنهنجي عمر 60 مطابق هڪ ٽنگ تي ٿي بيٺس ته 33 سيڪنڊ ٿيا ۽ اکيون بند ڪري 4 سيڪنڊ بيهي سگهيس جيڪو نارمل چيو وڃي ٿو پر اڄ جڏهن هي لکي رهيو آهيان ته 70 سالن جو آهيان ۽ ان عمر ۾ اڄ مونکي 23 سيڪنڊ بيهڻ کپي ۽ اکيون بند ڪرڻ سان 3 سيڪنڊ بيهي سگهڻ کپي.... توهان به ٽراءِ ڪري سگهو ٿا. جي توهان جي عمر 20 ۽ 40 جي وچ ۾ آهي ته پوءِ توهان 110 سيڪنڊ بيهي سگهو ٿا ۽ اکيون بند ڪرڻ سان 12 سيڪنڊن تائين
    الطاف شيخ جي فيس بوڪ وال تان کنيل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,064
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ماشاء الله ٻئي بهترين ليک آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. mahfozranjhani

    mahfozranjhani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2015
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمنت نوڪري
    ماڳ:
    موسميات ڪراجي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو