سنڌ بابت لنڊن ۾ ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ بابت لنڊن ۾ ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس

    حوالو؛ روزانه ڪاوش اخبار؛
    سهيل ميمڻ
    سنڌ جي لڱ ساڙيندڙ گرميءَ واري مند کان لنڊن جي موسم مختلف آهي. هتي مئي مهيني ۾ جنوريءَ جهڙي سردي آهي. هڪ پاسي لنڊن ۾ سردي واري مند لڳي پئي آهي ته ٻئي پاسي برطانيا ۾ عام چونڊن واري گرما گرمي زورن تي آهي. برطانيه جون ليبر ۽ ڪنزرويٽو سميت ٻيون پارٽيون چونڊن ۾ سوڀ ماڻڻ لاءِ آخري ڪوششن ۾ رڌل آهن، پر حيرت اها آهي ته چونڊن لاءِ لنڊن شهر ۾ نه ڪنهن چوڪ تي ڪو بينر لڳل آهي، نه ڪو اسٽيڪر، نه لائوڊ اسپيڪر سان گشت ڪندڙ گاڏيون، نه چونڊن وارا ميلا، نه ملاکڙا. مخصوص علائقا آهن ۽ انهن ۾ مخصوص طريقي سان فضيلت واري فضا ۾ برطانيا جون چونڊون ٿي رهيون آهن. لنڊن جي ان گرما گرميءَ ۽ سرد پر خوبصورت موسم ۾ واشنگٽن، آمريڪا ۾ قائم ٿيل گروپ ”دي سنڌ مانيٽر“ پاران ”سنڌ جا مسئلا ۽ انهن جو ممڪن حل“ جي نالي سان ٽن ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس، يونيورسٽي آف لنڊن جي اسڪول آف اورينٽيل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ شروع ٿي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان، آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا، دبئي، جاپان، ٿائيلينڊ ۽ سوئيڊن مان اڪابرن چڱي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي شروعات (پهرين سيشن ۾) سنڌي ثقافت ۽ ان کي پيش ايندڙ خطرن ۽ ان جي بچاءُ جي طريقن سان ڪئي وئي، جنهن تي نهايت ڪارائتو بحث ٿيو ۽ ڪاوش گروپ پاران ملهايل سنڌي ٽوپي ڏينهن تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي، ان کي جديد دور ۾ هڪ سنگ ميل قرار ڏنو. ان سان گڏ ڪاوش گروپ پاران ڏنل سڏ تي ملهايل سنڌو بچايو ڏهاڙي کي به سنڌ لاءِ اهم قرار ڏنو ويو.
    ڊاڪٽر آفتاب قاضي پاران شروع ڪيل ان پهرين سيشن ۾ پاڪستان جي مملڪتي وزير شگفته جماڻي، خالد هاشماڻي، جاويد قاضي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو، مير حيدر ٽالپر، ولي محمد روشن، شنڪر لکواڻي، ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ راقم الحروف ۽ ٻين بحث ۾ حصو ورتو. ان سيشن ۾ سنڌي ثقافت کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ درپيش خطرن، سنڌي لباس، ٻولي ۽ سنڌ جي قديم آثارن کي سرڪاري توڙي غير سرڪاري قوتن کان درپيش خطرن بابت بحث ٿيو ۽ ان کان بچاءُ جي طريقن بابت ويچاريو ويو. سنڌي ثقافت تي ڪيل ان بحث مان ان ڳالهه تي سڀئي ڌريون متفق ٿيون ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ثقافت سان وڏي هٿ چراند ڪئي وئي آهي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي. ان دوران موهن جي دڙي ويجهو قائم ايئرپورٽ جو رن وي وڌائڻ ۽ روڊ ٺاهڻ لاءِ آثارن کي ميسارڻ واري عمل جي شديد مذمت ڪندي سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اهڙا عمل هڪدم بند ڪيا وڃن. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي ثقافتي ورثن کي بچائڻ لاءِ گڏيل قومن جي آثار قديمه جي بچاءُ وارن کاتن سان پڻ رابطو ڪيو ويندو. ڪانفرنس جي ان سيشن ۾ ڪراچي جي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ حڪومتي فيصلن تي عمل نه ٿيڻ تي پڻ تشويش جو اظهار ڪيو ويو ۽ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته ان فيصلي تي عمل يقيني بڻايو وڃي.
    ڪانفرنس جو ٻيو سيشن سنڌ ۾ عورتن جي تعليم بابت هو، جنهن ۾ آمريڪا مان آيل ڪاناما ماشري ۽ ٿائلينڊ مان آيل بختاور خاصخيلي انگن اکرن سان سنڌ ۾ تعليم ۽ خاص ڪري عورتن جي تعليم بابت بريفنگ ڏني. ان سيشن ۾ پڻ سنڌ ۾ تعليم جي تباهي، ان تباهي ۾ ملوث سرڪاري توڙي غير سرڪاري قوتن ۽ ٻين عنصرن بابت بحث ٿيو. ان موقعي تي سنڌ کان علاوه بلوچستان ۾ تعليم جي تباهي ۽ ان جي ذميوارن بابت ويچار پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي خان آف قلات مير سليمان دائود خان بلوچستان کي درپيش مسئلن ۽ ان مان وفاقي حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي ورتاءُ تي تفصيل سان ڳالهايو. هن چيو ته بلوچستان جي حالت سنڌ کان وڌيڪ خراب آهي ۽ اسان جي ٻارن کي چيو وڃي ٿو ته، ”توهان بلوچ پڙهي ڇا ڪندا؟“. ان سيشن دوران انهن طريقن ۽ صلاحن تي غور ڪيو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تعليم، خاص ڪري عورتن جي تعليم، پرائمري تعليم لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا وڃن. ڪانفرنس ۾ سنڌ ۾ ٻارن جي تعليم ۾ ڪمپيوٽر جي اهميت، ان جي استعمال جي ضرورت ۽ ان جي مهيا ٿيڻ وارن سببن، صلاحن ۽ ممڪن اپائن تي غور ڪيو ويو ۽ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته سنڌ ۾ بند پيل ساڍا ست هزار اسڪول کولرايا وڃن. ڪانفرنس ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي سڀني شهرن ۽ خاص ڪري پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ کي يقين بڻايو وڃي ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ اها ضرورت وڌيڪ آهي، ان سان گڏوگڏ، ڪراچي ۾ جيئن ته سنڌي ماڻهن جي آباديءَ ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي ۽ اهو اضافو جاري آهي، ان لاءِ ڪراچي جي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ واري معاملي کي ممڪن بڻايو وڃي ته جيئن ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جا ٻار سنڌي پڙهي سگهن.
    واشنگٽن، (آمريڪا) ۾ رهندڙ منور لغاري ۽ دبئي مان آيل قادر سرڪي ۽ ٻين پاران لنڊن ۾ منعقد ڪيل هن ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جي مختلف سيشنز ۾ سنڌ جو قومي ورثو ۽ ان جو بچاءُ، انهن جي حفاظت، سنڌ ۾ تعليم خاص ڪري عورتن جي تعليم ۽ پرائمري تعليم، تعليم ۾ نصاب جي چونڊ ۽ سنڌي ٻولي جو استعمال، شهري حق ۽ سجاڳي سان گڏوگڏ صحت ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا، سياسي حق ۽ سياسي صورتحال، ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن تي قبضن ۽ حقِ مالڪي ڏيڻ، سنڌ جي معاشي حالت ۾ واڌ يا گهٽتائي ۽ ان ۾ حائل رڪاوٽون، انساني حق، سياسي ۽ شهري حق، ميڊيا جو ڪردار، ميڊيا جي آزادي، ميڊيا جون ذميواريون، سنڌ ۾ اين جي اوز جو ڪردار، اين جي اوز جو سرڪار سان گڏيل ڪم ڪار ۽ ڪجهه ٻين موضوعن تي بحث مباحثا صلاحون جاري رهنديون.
    ڪانفرنس ۾ مٿي ذڪر ڪيل شخصيتن کان علاوه عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي، نجم ميمڻ، رحيم خواجه، قادر سرڪي، علي گل ميتلو، ڊاڪٽر خالد زمان، مسٽر مرينو، مس هانا، انتساب سڌايو، طلعت بٽ ڪشميري، مس ميگي مرفي، ڊاڪٽر ساره انصاري، امير ابڙو، جاويد سومرو ۽ ٻين کان علاوه ڪشميرين جي وفد ۽ بلوچ وفدن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مجموعي طور تي اها ڳالهه بنيادي طور تي تسليم ڪئي وئي ته سنڌ طالبانائيزيشن کان هزارين ڪوهه پري آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو مذهب جي ان تشريح کي قطعي مڃڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪا طالبان جي نالي ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ جاري رکي پئي وڃي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ بابت لنڊن ۾ ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس

    تمام بهترين شيئرنگ آهي سائين
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ بابت لنڊن ۾ ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس

    ادا نثار ابڙا شال جُڙيو هُجين ۔ سهيل ميمڻ جو هي ڪالم توهان هتي شيئر ڪيو لک واڌايون، توهان جي موڪليل هي ونڊ انتهائي لاجواب آهي، سنڌ سلامت جي هر ساٿي سميت سڀني سنڌين کي لازمي لازمي پڙهڻ‌ گهرجي، ڪافي سارا اسان جا سنڌي ڏاها اُتي پهتا اها خوشي جِي ڳالهه آهي، دل اهو چوڻ تي مجبور ٿي پئي ته اڃان رڻ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ائين سمجهو مُئا مور سارا، اهڙيون ڪانفرنسون دنيا جي هر ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ هُئڻ کپن، پر هڪڙي ڳالهه ضرور آئون چوندس ته اهڙين ڪانفرنسن جي فيصلن تي عمل درآمد پڻ هُئڻ کپي نه ڪي صرف يورپ جي ٿڌاڻ‌ سان ڀريل ماحول کي پسڻ جو هڪڙو ذريعو ، اسان جيڪڏهن انهي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لا يورپ ويندڙ سنڌي دوستن جي ڀاڙن ۽ ڪراين کي ڏسون ته معاملو ڪروڙن کان مٿي چڙهي ويندو، اهي ڪروڙين روپيا جيڪڏهن صدق دل سان اسان جي سنڌ ۾ رهندڙ غريب سنڌين جي آئندي تي خرچ ڪيا وڃن ها ته يقينن سموري سنڌ ان جو لاڀ حاصل ڪري ها۔ پو به دل ڪو بهلاني ڪي لئي غالب يه خيال اڇا هي۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ بابت لنڊن ۾ ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس

    لڳي ٿو سائين ڪنهن ميمبر کي شهيد ٿيڻ لاء تيار ڪندو۔ جو نظام درست ڪرڻ لاء ته قرباني کپي۔ ليڪن قرباني لاء‌ ڪير ٿو تيار ٿئي ان لاء وقت ظاهر ڪندو نعرن هڻن لاء‌ ڪافي ملي ويندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو