سنڌي ادب جو هيرو- ذوالفقار هاليپوٽو

'مزاحيه شاعري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪتابن ۾ به پڙهبو آهي ۽ ڪنين به ٻڌبو آهي ته فلاڻو شخص درياهه دل، سخي ۽ دسترخوان جو ڪشادو آهي ته اهڙي ماڻهو بابت هر هنڌ نيڪي ئي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ۽ انهن بابت نه رڳو ڪتابن ۾ سٺن لفظن ۾ تبصرا ملندا آهن، پر ڪچهرين ۾ به سندن سٺي هجڻ جا ذڪر کلندا آهن. پو اهڙا شخص دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجن، انهن کي سٺن لفظن ۾ ئي ياد ڪبو آهي. هندستان جي راڄڌاني دهلي ۾ به هڪ اهڙو سنڌي رهي ٿو، جنهن جو منهن سان تعارف هڪ اديب ۽ محقق بدران سڀ کان پهريان هڪ ڀلوڙ ميزبان طور ٿيو. سندس نالو آهي هيرو ٺڪر.
    سنڌ مان هندستان لڏي ويل جن سنڌي گهراڻن ۽ فردن هر وقت سنڌ سان پڪو ناتو جوڙي رکيو، هيرو ٺڪر انهن ۾ سرفهرست ۽ سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ بي پناهه ڄاتو سڃاتو ويندڙ تخليقڪار آهي. سندس ادبي سرگرمين ۽ مسلسل سنڌ آمد جي ڪري، جيڪي ماڻهو سنڌي ادب ۾ دلچسپي رکن ٿا، انهن لا هيري جو نالو ايتروئي واقفيت وارو آهي، جيترو ڪنهن مقامي سنڌي اديب ۽ تخليقڪار جو. گذريل ٻن ڏهاڪن اندر هندستان مان ڪيترائي سنڌي اديب سنڌ ياترا لا آيا، انهن ۾ هيرو ٺڪر هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن گروپ سان نظر آيو. تنهن ڪري انهي عرصي ۾ جن سنڌي اديبن سان گهڻيون ملاقاتون رهيون، انهن ۾ هيرو ٺڪر سرفهرست آهي. منهنجيون به هيري سان ڪيترن ئي سالن کان سنڌ توڻي دهلي اندر ڪچهريون ٿيل آهن.
    2006ع ۾ جڏهن آئون پهريون ڀيرو هندستان جي دوري لا دهلي پهتس ته جنهن ماڻهو ڪيترائي ڏينهن دهلي جو سير ڪرائيندي، سنڌين سان ملائيندي، تاريخي ماڳ گهمائيندي پنهنجو وقت ڏنو، سو هيرن جهڙي طبيعت رکندڙ هي ئي شخص هو. بظاهر سادو سودو، ڳالهائڻ ۾ شائستگي ۽ سادگي، پنهنجي ڏيک ويک ۾ به سٻاجهڙو هي شخص، ان وقت تائين اوهان کي محقق ۽ اديب نه لڳندو، جيستائين اوهان يا ته کيس ڪنهن اسٽيج تي ڳالهائيندي نه ٻڌو يا وري هن سان ادب تي ڪا ڊگهي ڪچهري نه ڪريو. مون جڏهن سنڌ ۾ دلچسپي رکندڙ ۽ سنڌ تي علم ۽ ادب سرجيندڙ، هند ۾ رهندڙ سنڌي اديبن جا خاڪا لکڻ شروع ڪيا ته آئون ڪيترائي ڀيرا چاهيندي به هيري ٺڪر تي ڪجهه لکڻ کان رهجي ٿي ويس. ۽ جڏهن مون اها ڳالهه دوستن سان شيئر ڪئي ته جيڪي ماڻهو گهڻو ڀائين ٿا يا جن سان هجت وارو تعلق آهي ته انهن تي لکڻ ايترو ڏکيو ڇو لڳندو آهي. منهنجي ان ڳالهه تي تاج جويي هڪ ڀيري کلندي چيو هو ته هو به گذريل ڪيترن سالن کان هيري ٺڪر جو تفصيلي خاڪو لکڻ گهري ٿو، پر ساڻس به اهوئي مسئلو آهي ته هو هيري سان گهڻي هجائتي هجڻ ڪري هن مٿان ڪجهه لکڻ کان قاصر آهي.
    هيرو ٺڪر نه رڳو هڪ سٺو شاعر پر هڪ سٺو نثر نويس به آهي. هن ڪيترائي طبع زاد ڪتاب لکيا آهن، سنڌي تحقيق، تنقيد تي مضمونن جا ٻه ڪتاب "تحقيق ۽ تنقيد" ۽ "انڊلٺ" سندس مضمونن جا بهترين ڪتاب آهن، جن ۾ هن سنڌي ادب جي مختلف رجحانن، قدرن ۽ صنفن تي لکيو آهي، سنڌي راڳ، سنڌي لوڪ ادب ۽ ڪافي سندس قلم جون بهترين ۽ پسنديده صنفون آهن. سندس سڀ کان شاندار ڪم قاضي قادن جي ڪلام تي تحقيق آهي ۽ گڏوگڏ دادا ڀيرو مل مهرچند ۽ دادا هيرانند ڪرمچند جي شخصيت تي سهيڙيل ڪتاب سندس اهم تخليقي پورهيو آهن. هون به هيري ٺڪر جي ڪم جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، پر قاضي قادن جي ڪلام ۽ سنڌ ۾ ان جي اڀياس هيري ٺڪر کي سنڌي ادب ۾ هڪ نمايان مقام ڏئي ڇڏيو. جيئن ڪنهن شاعر، نثر نويس، مصور ۽ ڳائڻي جو ڪو هڪ ڪلام، ڪا هڪ پينٽنگ، ڪو هڪ نظم يا غزل يا ڪو نثر جو هڪ ٽڪرو، سندس علمي ادبي شناخت بڻجي ويندو آهي. ايئن ئي سنڌي ادب ۾ جڏهن به هيري ٺڪر جي ڳالهه نڪرندي ته قاضي قادن تي ڪيل سندس ڪم سندس اول درجي جي پورهيي طور ڳڻپ ۾ ايندو. هن لا هي ڪتاب ڄڻ ته پڪاسو جي ڪا پينٽنگ، شيخ اياز جو "سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو"، يا محمد ابراهيم جوئي جو "سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ" کان گهٽ ناهي.
    سنڌ جو عظيم محقق سائين نبي بخش خان بلوچ، هيري جي ڪم تي لکي ٿو..... "جس ۽ شاباس هيري ٺڪر کي، جنهن هن ذخيري جي عملي طور ڇنڊ ڇاڻ ڪري- خاص طرح قاضي قادن جي بيتن کي سمجهڻ ۽ ان جي صحيح پڙهڻين قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پڻ ان جي معنيٰ ۽ شرح لکي، جنهن محنت ۽ محبت سان هن سڄڻ اهو ڪشالو ڪڍيو آهي، سو قابل قدر ۽ قابل تعريف آهي."
    هيرو ٺڪر ٻه مارچ 1943ع تي سنڌ ۾ ڄائو، ورهاڱي کان پو سندس فيملي الهاس نگر لڏي وئي، جتي هن مقامي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪئي. ورهاڱي مهل هن جي ڄمار رڳو ڪجهه ورهيه هئي ۽ هو ڄمار جي ان حصي ۾ نه هو، جو هن مٿان سنڌي ٻولي، ادب ۽ آرٽ جو ڪو گهرو اثر پيو هجي. ننڍپڻ ۾ ته ٻار کي رڳو ڪجهه بنيادي اکرن جي ڄاڻ هوندي آهي. پر هيري جي ڪٽنب جي سنڌ وطن سان چاهت جي نتيجي ۾ گهر ۾ سنڌي ٻولي سان چاهت اهڙي ته پروان چڙهي، جو هيري جو پلاند نه رڳو سنڌي ٻولي سان ٻڌل رهيو، پر هو پنهنجي اتساهه ۽ شوق سان سنڌي ٻولي جو هڪ وڏو محقق ۽ اديب ٿي اڀريو. 1967ع ۾ هيرو گريجوئيشن ڪرڻ شرط ئي دهلي اندر آل انڊيا ريڊيو جي نيوز سروسز ڊويزن ۾ سنڌي نيوز سيڪشن ۾ انچارج طور ڀرتي ٿيو. ان نوڪري سان گڏوگڏ هو روزاني هندستان سنڌي ڊيلي لا پارليامينٽري رپورٽر طور ڪم ڪندو رهيو. انهن ٻنهي ادارن ۾ سنڌي ٻولي جي مڃتا ۽ شهرت ۾ نه رڳو هيري ٺڪر جو ڪردار شامل آهي، پر گڏوگڏ انهن ادارن سان ڪم ڪندي، سنڌي ٻولي، ادب، تنقيدي مضمون نگاري ۽ خاص طور تي شاعري ۽ ان ۾ به ڪافي ۽ گيت وارين صنفن ۾ هيري جي پنهنجي تخليقي ۽ تحقيقي علم ۾ اضافو ٿيو.
    هيرو انهن ڏينهن ۾ پنهنجي شاعري جي ڪتاب ڇپجڻ ڪري ادبي حلقن ۾ مشهور ٿيڻ لڳو. ترت ئي ننڍي کنڊ جي شاندار ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر جي ڪهاڻين کي ترجمو ڪري، هڪ سٺي مترجم طور پڌرو ٿيو. ان ڪتاب کي اڳيان هلي 2012ع ۾ سنڌي ساهتيا اڪيڊمي پاران ايوارڊ به مليو. 1997ع ۾ سندس تحقيق ۽ تنقيدي مضمونن جي ڪتاب کي پڻ ايوارڊ مليو. 1991ع ۾ کيس، سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن جي ڪري هڪ ايوارڊ اڳ ۾ ئي ملي چڪو هو. سنڌي ثقافت سان نه رڳو چاهه هجڻ، پر انهي جي واڌ ويجهه جي ڪري کيس سنڌي رتن ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان سوا قاضي قادن ۽ ڀيرو مل مهر چند وارن ڪتابن تي کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. قاضي قادن واري تحقيق کي سندس بهترين تخليق هجڻ ڪري 1983ع ۾ هندستان جي صدر ورلڊ سنڌي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي دهلي ۾ کيس نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج ايوارڊ سان نوازيو. سنڌي ٻولي جو محسن، ليکڪ ۽ ڪالمسٽ سراج الحق ميمڻ قاضي قادن واري ڪم کي ساراهيندي، هيري ٺڪر کي هيئن مخاطب ٿيو "سچ پڇو ته ڪتاب ڏسي دل باغ باغ ٿي وئي. اوهان ان تي، جيڪا محنت ڪئي آهي، تنهن لا سنڌ هند جا سنڌي خاص طرح ادب جا ڳولائو، اوهان جا ٿورائتا ٿيندا ۽ اوهان جو نالو سنڌي ادب ۾ گهڻو وقت ڳائبو رهندو."
    سر سر رکي سنڌي ادب ۽ سماجيات جي شاندار عمارت اڏيندڙ اديبن ۽ عالمن مان هڪ ڀيرو مل مهر چند بابت لکيل سندس انتهائي اهم ۽ تحقيقي ڪتاب کي 2007ع ۾ سماجيات، لسانيات ۽ ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪندڙ اسان جي دوست ظفر جوڻيجي، پنهنجي اداري ٽي آر ڊي پي پاران ٻيهر ڇپرائي، ماڻهن جي پهچ تائين عام ڪيو. ان سڄي ڪم ۽ پورهيي ۾ خوش قسمتي سان هندستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب تي ڪم ڪندڙ ادارن جو هيري ٺڪر سان تمام گهڻو سهڪار رهيو ۽ نتيجي ۾ سرحد جي ٻنهي پاسي، سنڌي ادب ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي، ڪي سٺا ڪتاب پڙهڻ لا هٿ آيا. تخليقڪار لا تحقيق دوران سڀ کان ڏکيو ڪم مواد تائين پهچ هوندو آهي ۽ وري جيڪڏهن محقق سرحد جي هن پاسي آهي ۽ گهڻو ڪري مواد سرحد جي ٻئي پاسي موجود آهي ته پو ان تائين پهچ نسبتن ڏکي ٿيو وڃي. اهڙيون ڏکيائيون هوندي به هيري ڪجهه ڪتاب اهڙا ڏنا آهن، جن مان سندس جاکوڙي ۽ سنجيده لکڻين ڏانهن لاڙن جو پتو پوي ٿو.
    سنڌي ادب ۾ انهي دلچسپي جي نتيجي ۾ هيري ٺڪر کي هندستاني شهر هرياڻا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان قديم ديوناگري لپي ۾ لکيل قاضي قادن جا املهه نسخا هٿ آيا، هيرو اهو املهه ادبي خزانو پڌرو ٿيندي ئي هندستان توڻي سنڌ اچي ان تي تفصيلي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ وڏن ڪشالن کان پو سرحد جي ٻنهي پاسن جي اديبن ۽ عالمن اڳيان هٻڪندي هٻڪندي پنهنجو ڪم پيش ڪيائين، ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪيترن کي ئي قاضي قادن جي ڪم جي گهڻي واقفيت نه هئي. هيري جو اهو ڪم سنڌي ٻولي جي چاهيندڙ گهڻ گهرن ۽ پيروڪارن لا سرحد جي هن پار کان هڪ وڏي سوغات هئي، جيڪا نه رڳو قبول پئي، پر ان هيري جي نالي کي ادبي ميدان ۾ هڪ وڏي اڇل ڏياري. سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙ اديبن سندس ان ڪم کي وڏو مان ڏنو ۽ شاعرن کي ته اهڙو موهي وڌو جو سنڌ جي سرموڙ شاعر سائين تنوير عباسي کي ان ڪتاب لا لکڻو پيو "قاضي قادن جي وڌيڪ بيتن جي هٿ اچڻ، سنڌي ٻولي جي ادبي تاريخ ۽ تحقيق لا نوان باب کوليا آهن. اهو اسان جي ادب لا هڪ نيڪ فال آهي ۽ اسان جي ادبي روايتن جي قدامت جو وڏو ثبوت آهي."
    "جوڳي جاڳايوس، ستو هئس ننڊ م،
    تهان پو ٿيوس، سندي پريان پيچري."
    (لطيف)
    هن ڪتاب ڄڻ ته ويدانيت ۽ سلوڪ تي سنڌي شاعرن پاران لکيل ڪلامن تي هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو. هن ڪتاب لکڻ وقت ئي چيو هو ته هاڻي سنڌي عالمن ۽ اديبن کي قاضي قادن جي حياتي ۽ شاعري بابت وڌيڪ ڪم ڪرڻ لا جهڙوڪر پهريون باب يا مهاڳ هٿ اچي ويو آهي. ڪيترن ئي دوستن هرياڻا مان هٿ آيل قاضي قادن جي ڪلام بابت حيرانگي جو اظهار ڪيو ۽ ان هٿ آيل مواد جي سورس بابت آڏي پڇا به ڪئي. تاريخ ۽ آرڪيالاجي ۾ دلچسپي رکندڙ شاگردن ۽ عالمن کي خبر آهي ته اٽلي جو هڪ وڏو ٻولي ماهر ڊاڪٽر ٽيسٽوري ڪيترائي سال گڏيل هندستان ۾ رهيو ۽ گڏيل هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين جو اونهو اڀياس به ڪيائين، جنهن ۾ هڪ ٻولي اولهه راجسٿاني به هئي، جنهن جو اسڪرپٽ ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن جو مزاج سئو سيڪڙو سنڌي ٻولي جهڙو آهي، جنهن ۾ اکرن جي جوڙجڪ، ماضي ۽ مستقبل ۽ ٻيا ور وڪڙ سڀ سنڌي ٻولي جهڙا نظر اچن ٿا. قاضي قادن جي ٻولي به انهي وقت جي آهي، جڏهن گڏيل هندستان ۾ راجسٿان، مارواڙ ۽ گجرات ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين جي لپي ۽ لهجا اهڙا آهن، جهڙوڪ اهي پاڻ ۾ ڀينر ٻوليون هجن.
    جيئن ڦڦڙ ماهه ۾، ايئن روزا عيد نماز،
    اڃا آهي ڪا ٻي الله دي حاج.
    (قاضي قادن)
    هيرو سچ پچ ته سنڌي ادب جو اهڙو هيرو ڪردار آهي، جيڪو اڃا تائين سنڌي ٻولي ۽ سماج لا گهڻو ڪجهه ڪرڻ لا بيچين آهي. ڄمار جي هن حصي ۾ به جنهن وقت ملندو ته ڪنهن نه ڪنهن خيال، جاکوڙ ۽ ڪم ۾ رڌل نظر ايندو. سندس اهو مزاج انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته مٽي ۽ ٻولي سان محبت جي ڪا وهي نه هوندي آهي. جيتوڻيڪ هي ڄمار سندس رٽائر ٿي گهر ۾ آرام ڪرڻ جي آهي. پر هو، ڪانفرنسن لا تحقيقي مواد لکڻو هجي يا سنڌ مان آيل مهمانن کي والنٽيئر گائيڊ ٿي گهمائڻ ڦيرائڻ هجي- هيرو هر وقت چست ۽ پنهنجي پاڻ کي هر ڪم لا پيش ڪندي نظر ايندو. ڪهڙي به ٽهي جا، ڪهڙي به شعبي جا ڪهڙا به ماڻهو، جي دهلي پهتا ۽ هيري جو ڏس پتو هٿ ڪري ويا ته هيرو بنا ڪنهن هٻڪ جي هڪ سٺي ميزبان طور نظر پيو ايندو. ڪتابن جي شيئرنگ جو ڪوڏيو آهي. مهمان جتي به ترسيل هوندا، شربت ضرور کڻي ايندو ۽ پو ٻاهر هلي ماني کائڻ لا زور ڀريندو. گذريل سال سارڪ جي حوالي سان دهلي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ڪي اهڙا دوست به سفر ۾ گڏ هئا، جن جو سنڌي ادب سان ڪو گهڻو واسطو ناهي. بارڊر ڪراس ڪندي امرتسر ۾ ڪچهري دوران مون کانئن پڇيو ته دهلي ۾ ڪا واقفيت اٿن؟ جنهن تي هنن جي وراڻي ٻڌي مون کان ٽهڪ نڪري ويو- هنن چيو ته ڪو اديب آهي هيرو ٺڪر، اسان کي ان جو ڏس پتو مليو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته هو دهلي ۾ اوهان سان ملڻ به ايندو ته اوهان جي خدمت به ڪندو.
    هڪ سٺو اديب جيڪڏهن هڪ سٺو انسان، هڪ يار ويس روح ۽ درياهه دل ميزبان آهي ته پو اهو پنهنجي سماج لا جهڙوڪ سون آهي. مون کي لڳي ٿو ته هيري تي سندس نالي جو ئي اثر آهي، جو جهڙو نالو ته ڏسڻ ۽ ملڻ ۾ به اهڙو ئي. سچ پچ ته هيرو ٺڪر سنڌي ادب جو سرحد جي هن پار ويٺل هڪ اهڙو هيرو آهي، جنهن جي چمڪ سان هند توڻي سنڌ جي اديبن ۾ هڪ ڳانڍاپو ۽ رشتو آهي، جنهن سان سنڌي ثقافت، سنڌيت ۽ سنڌي ادب کي وڏي هٿي ملي رهي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هيرو ٺڪر واقعي ئي سنڌي ادب جو هيرو آهي ... مون ساڻس ڪچهري به ڪئي آهي ته سندس تقريرون به ٻڌيون آهن. سنڌي ادب تي سٺي دسترس رکي ٿو. سدا خوش هجي.

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    محترم محمد سليمان وساڻ صاحب جا لکين لائق ۽ ڪروڙين قرب.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام سٺي ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ها اسان جي لبن تي به مرڪ رهندي هئي،
    تنهجي اچڻ کان پهريان تنهجي وڃڻ کان پهريان......
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو