سَرَ لَوهِيڙا ڳڀِيَا، ڪُسَرَ نِسِريَا تَو ڪِيئن وِسِريَا، ڍَولِيَا ڏِينهَن اَچَڻَ جَا سُرُ سَامُونڊي سَرَ = ڪانن جا ٻُوڙا - ٻهراڙيءَ جا ماڻهون سَرن مان ٻُهارا ۽ ڪانن مان ڇپريون ٺاهيندا آهن. ٿَري ڪَک ڪانا چؤنري ۾ استعمال ڪندا آهن. ڳڀيا = ڳڀجڻ، ڦرجَڻُ، ڍڍا ڪڍڻ، ٻوڪجڻ - هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ گرڀ مان ورتل آهي. لَوهيڙا = هي وڻ جبلن تي ٿيندو آهي ۽ ٿر ۾ عام ٿئي ٿو. هن جي ڪاٺي شيشم جيان ڪاري ۽ سخت ٿيندي آهي جنهن مان کَٽن جا پاوا ٺهندا آهن. جڏهن اتر جون هوائون لڳنديون آهن ته هي وڻ ڦولاربو آهي، سندس ڳاڙهي رنگ جا گل ڏاڍا سهڻا ۽ دلڪش ٿين ٿا. هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ لوهيتڪ مان ورتو ويو آهي. ڪُسَرَ = ڪوڙا سَر يا ڪانهه ڍوليا = پرين، محبوب - سرائيڪي ٻوليءَ جو لفظ بيت جو پس منظر او محبوب ! هاڻي ته مندون به ڦري ويون آهن ۽ سر ڳڀجي ويا آهن. لوهيڙي جهڙو سخت وڻ به ڦولاريو آهي ۽ ڪسر به نسري ويا آهن. تون ته هنن بي جان شين جهڙو به نه ٿئين، ڇو ڀلا؟ تون ته مون کان پل به پري نه ٿيندو هئين پوءِ هاڻي ڇو پنهنجا واعدا ۽ وچن وساري ويٺو آهين. هي ڏينهن ته تنهنجي پرڏيهه کان موٽڻ جا، واپس ورڻ جا ڏينهن آهن پر تون اڃان نه آيو آهين، الائي ڇو؟ سمجهاڻي هن بيت ۾ ڀٽائي سانوڻ جي مند پوري ٿيڻ ۽ سياري جي شروعات ۾ ٿيندڙ موسمي تبديلين کي فوڪس ڪيو آهي. واپار سانگي پرڏيهه ويل هڪ وڻجارَي جي محبوبه جَي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي. مندون به پنهنجي وقت تي تبديل ٿين ٿيون، سر، لوهيڙا ۽ ڪُسرَ به ڳڀجي ۽ نسري ويا هن پر هن وڻجاريءَ جو ڪانڌ، محبوب اڃان واپس ناهي وريو. الائي ڪهڙي سبب دير ڪئي ٿئين. هي وڻجاري ويٺي لڙڪ لاڙي ۽ هنجون هاري. ڪيئي شڪايتون، ميارون ۽ ڏوراپا پئي ڏئي پنهنجي پرينءَ کي، کيس سڪ جو لڳي آتمام گهڻي. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل