آفتاب احمد سومرو
سينيئر رڪن
HTML چئن اکرن جو مجموعو آهي، جنهن جو فل فارم آهي، HYPERTEXT MARKUP LANGUAGE ، هيءَ هڪ ڪمپويٽر لينگويج آهي.
سڀ کان پهرين اهو ٻڌايان ته ڪمپيوٽر لينگويج ڇا آهي؟ جيئن ته توهان سڀ اها ڳالهه ڄاڻو ٿا ته لينگويج هڪ اهڙو ذريعو آهي جيڪو ٻن انسانن جي وچ ۾ رابطو پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. پر جتي ڪمپيوٽر لينگويج جي ڳالهه ٿئي ته اسان چئي سگهون ٿا ته هيءَ هڪ اهڙي زبان آهي جيڪا انسان ۽ ڪمپيوٽر جي وچ ۾ ڪميونيڪيشن جو ڪم ڪري ٿي. هن ڳالهه کي اسان هن طرح به ڊيفائن ڪري سگهون ٿا.
Computer language is a way of communication between man and computer, that tells the computer what men wants.
HTML هڪ اهڙي لينگويج آهي جيڪا اسان کي ويب پيج ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هن لينگويج جي سڀ کان وڏي خصوصيت اها آهي ته هن جي لاءِ ڪنهن خاص سافٽ ويئر جي ضرورت نه پوندي آهي بلڪه توهان هن جي ڪوڊنگ ڪنهن به ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ڪري سگهوٿا، جيئن WORDPAD, NOTEPAD پر انهن مان نوٽ پيڊ جي اهميت وڌيڪ آهي.
HTML جا ڪجهه قائدا ۽ قانون آهن، آئون اهي سڀ قانون شروع ۾ ٻڌائي توهان کي پريشان نه ٿو ڪرڻ چاهيان، پر آهستي آهستي ٻڌائيندو رهندس، في الحال صرف توهان حساب (ميٿ) جو هڪ فارمولو ياد رکو ته جڏهن به ڪا بريڪيٽ کولبي آهي ته ان کي لازمي طور تي بند ڪبو آهي نه ته جواب درست نه ايندو آهي، HTML هن قائدي کي ٽيگس جو نالو ڏئي ٿي. اهي ٽيگس LESS THAN
>
۽ “
<
GREATER THAN” جي مدد سان لڳائبيون آهن. سڄي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ هي قانون ياد رکڻو آهي.
هاڻي اچو ته باقائدي ايڇ ٽي ايم ايل شروع ڪيون، سڀ کان پهرين NOTEPAD پروگرام کوليو ۽ هيٺ ڏنل ڪوڊنگ ٽائپ ڪيو.
<HTML>
<HEAD>
<TITLE>MY FIRST WEB PAGE</TITLE>
</HEAD>
<BODY>
<H1>Welcome to World</H1>
</BODY>
</HTML>
هاڻي توهان ان فائل کي D: ڊرائيو ۾ محفوظ ڪيو پر ياد رکو ته فائل جو نالو ۽ ان جو ايڪسٽينشن .HTM يا .HTML ضرور رکو نه ته اسان جو فائل ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ محفوظ ٿي ويندو. هاڻي توهان ان ڊرائيو ۾ وڃي ان فائل کي ڊبل ڪلڪ ڪري هلائي ڏسو ته توهان ڏسندوء ته توهان جو ويب برائوزر Mozilla Firefox, Chrome, Internet Explorer يا جيڪو توهان استعمال ڪندا آهيو ان ۾ ويب پيج هلي ويندو ۽ رزلٽ ۾ Welcome to World لکجي ايندو.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: