عِشِق جَنِين کي آڪِرو، تُرهَو مٿي تَنِ جَي سَاهَڙ کي سِڪنِ، تَنين جَرُ جَنڊُ ٿِئي سُرُ سُهڻي آڪرَو = سچو، اُتامرو، اڻ ميو، تيز، جوشيلو، تکو، زبردست، اڻ جهل - آڪرو لفظ گجراتي ٻوليءَ جي آڪرو، هندي اُڪلا ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ اَڪُلُ مان ورتو ويو آهي. تُرَهَو = ٻيڙي - هٿرادو ۽ عارضي ٺاهيل ڪکن ۽ ڪانن جي ڀريءَ کي رسي ٻڌي ٺاهي ويندي. جَرُ = پاڻي- سمنڊ ۽ درياهه جو پاڻي. هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ جَلَ مان ورتو ويو آهي. جَنڊُ = اڳئين دور ۾ پٿر جي ٻن پڙن کي ملائي ٺاهيو ويندو هو. هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ينتر ۽ جَڊُ مان ورتل آهي. پر هتي معني' ٿيندي سُڪو پَٽ يا زمين. بيت جو پس منظر جن جو عشق اڻ ميو ۽ اڻ جهل آهي انهن کي درياهه پار ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻيڙيءَ جي ضرورت ناهي هوندي. جيڪي پنهنجي محبوب ساهڙ لاءِ پيون رات ڏينهن سڪن تن لاءِ درياهه جو پاڻي ڄڻ سُڪي زمين جيان آهي. سمجهاڻي هن بيت ۾ ڀٽائي ٻڌائي ٿو ته عشق ماڻهونءَ کي دلير ۽ بهادر ڪري ڇڏيندو آهي. عاشق اهڙا ڪم ڪندا آهن جو عقل حيران رهجي ويندو آهي. عاشق هر وقت پنهنجو سر تريءَ تي کڻي گهمندا آهن. محبوب سان ملڻ لاءِ هر رڪاوٽ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا آهن. سهڻي به ساهڙ سان ملڻ لاءِ روز رات جو بنا ڪنهن خوف خطري جي درياهه تري ويندي هئي. سهڻيءَ جي عزم آڏو گهڙي يا ٻيڙيءَ جي ڪا حيثيت ناهي. سهڻيءَ کي درياهه پِنيءَ ٻوڙ پاڻيءَ يا سڪي زمين جيانلڳندو هو. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل