اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجَارَن جُون آڻيَو اَکَا ڏِينِ، کَٿورِي سَمُونڊَ کي سُرُ سَامُونڊي اُڀيُون = ادب سان، عاجزيءَ سان تَڙَ = ڪنارا، لنگهه، گهير - درياهه ۾ هيٺ لهڻ جون جايون پُوڄين = ارپن، حوالي ڪن، مانُ ۽ مڃتا ڏين، ڀيٽا ڏين - پوڄا سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ پُوجَن مان ورتو ويو آهي وَهُون = استريون، زالون، محبوبائون، حسينائون. وهون جمع آهي، واحد ٿيندو وهو جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ وڌو مان ورتو ويو آهي. وڻجارن = اهي واپاري يا سوداگر جيڪي سمنڊ يا درياهه ذريعي واپار ڪن ٿا. اَکَا = اڻ ڇڙهيل چانور جيڪي هندو ڌرم جون زالون درياهه کي ارپين ٿيون. نوجوان ڇوڪريون ۽ محبوبائون وري مشڪ، عطر ۽ عنبير ارپينديون آهن. اَکَا سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ اڪشتا مان ورتو ويو آهي. کٿُوري = خوشبووئون، مهڪارون، هٻڪارون بيت جو پس منظر پرڏيهه ويل وڻجارن، واپارن جون زالون، محبوبائون ۽ حسينائون سمنڊ يا درياهه ڪناري بيهي نهايت ادب ۽ عاجزيءَ سان پاڻيءَ جي پوڄا به ڪن ٿيون ۽ دعائون به گهرن ٿيون. پنهنجي مڙسن ۽ محبوبن لاءِ سمنڊ، درياهه کي ارپين ٿيون چانور، عطر، عنبير ۽ مشڪ ته جيئن هو خير ۽ سلامتيءَ سان ڏيهه ورن. سمجهاڻي ڀٽائي سيڪيولر، صوفي، دانشور ۽ عظيم شاعر آهي. ڀٽائي ڪنهن مذهبي مت ڀيد ۽ فرق کانسواءِ انسانيت کي ئي عظيم سمجهي ٿو. پرڏيهه ويل وڻجارن جڏهن اچڻ ۾ دير ڪئي آهي ته سندن زالون ۽ محبوبائون سمنڊ ۽ درياهه کي پوڄڻ پهچي ويون آهن. هو سندن خير سلامتيءَ سان واپسيءَ لاءِ دعائون به گهرن ٿيون، پوڄا به ڪن ٿيون ۽ ڀيٽا ڏين ٿيون چانورن، عطر، مشڪ، عنبير، خوشبووئن، مهڪارن ۽ هٻڪارن جون. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
ها ... لطيف سرڪار جو مشاهدو به ڏسو .... !!!! بس جي عبدالحفيظ لغاري اڪيلو هجي ها ته هي بيت سندس جيءُ جهوري وجهي ها ... !!!!
بلڪل ادا. ڪُجهه ايئن ئي هُجي ها پر شُروع کان تنقيد جو شِڪار مون سان منهنجي همسفر جي هر ڳالهه ۾ سهمت هُجڻ وانگي ان ڳالهه تي به هڪ جيترو ايمان آهي ته مسئلن کي وڃڻو ناهي ۽ سور کائيندي به بچائي ڪرڻو ڇا آهي. تنهنڪري عُمرِ دراز جا چار ڏينهن ڏُکيا سُکيا گڏ گُذارجن ته ڀلو.