سِهَ سِيَارَو پَاڻي پَارَو، جِتِ جُهڙ جَهڪ ۽ جَهولَ مَنَ اَندَر مَيهَارَ جَا، هِنئَڙي اَچَن هَولَ جَيلَان ٻَڌِيَسِ ٻَولَ، تَي اَڙانگا آرَ تَرَي سُرُ سُهڻي سهَ = تَهُ ، سخت، وچ - اهڙو سخت سيءُ جو پاڻي به برف جيان ٿڌو آهي. سهُ پراڪرت جي سهَ ۽ سنسڪرت جي لفظ سَڌ مان ورتو ويو آهي. پَارَو = ڄميل برف جيان جَهڪَ = واءُ، هوا، تيز تکي ٿڌي هوا جا جهوٽا جَهولَ = درياه پائيندي رخ مٽائيندو آهي ۽ پائڻ واري جاءِ تي ڇڏيل پاڻيءَ کي جهول چئجي ٿو. هَولَ = ڊپ، خوف، خطرو، ڳڻتي - هول عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. جَيلَان = جڏهن، جنهن ويل، جنهن صورت ۾.ٻَڌيَس = ڪَيَس ٻَولَ = عهد اقرار، واعدا ۽ وچن، انجام، قَسَمَ. تي = تڏهن اڙانگا = مشڪل، آڏا ابتا آرَ = وهڪرا، تک، سيرَ - هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ آرڻ مان ورتو ويو آهي. بيت جو پس منظر نهايت سخت ٿڌ پئي آهي پاڻي ڄمي برف جهڙو ٿي پيو آهي. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، تيز طوفان به لڳي پيو. سهڻيءَ کي اڪيلي ميهار جي ڳڻتي آهي. سهڻيءَ جا ميهار سان واعدا ۽ وچن ٿيل آهن تنهنڪري کيس انهن خطرن کي منهن ڏيڻو ئي پوندو. سمجهاڻي رات جو وقت آهي درياهه جو پاڻي سخت ٿڌ جي ڪري برف جيان ٿي پيو آهي. آسمان تي ڪارن ڪڪرن جي چادر ويڙهيل آهي، مٿان وري تيز طوفان به پيو لڳي.ڏاڍو خوفائتو ۽ دردناڪ منظر آهي. سهڻيءَ کي پنهنجي نه ميهار جي ڳڻتي پئي ٿئي، ميهار اڪيلو جو آهي. سهڻيءَ جا ميهار سان واعدا ۽ وچن ٿيل آهن روز درياه تري ملڻ جا، تنهنڪري اڄ به کيس هن ڀوائتي ۽ خطرناڪ رات ۾ درياه تري واعدو پاڙڻو پوندو.ڀٽائي سمجهائي ٿو ته سهڻي نوجوان ۽ خوبصورت آهي پر آهي ته عورت نه. سڀ خطرا هڪ پاسي پر وچن نڀائڻ خاطر درياه تري ٿي. هن ڳالهه مان ثابت ٿيو ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت وڌيڪ وفادار آهي. جيڪا وقت اچڻ تي پنهنجي جان جي به پرواهه نٿي ڪري.جڏهن اڪيلي ۽ نوجوان عورت اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي ته مرد کي به پنهنجي مردانگيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر غور ضرور ڪرڻ گهرجي. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
جهڙي شاعري تهڙي پيشڪش. رنگن جو امتزاج وڻيو. هڪ دفعو وري بيئڪ گرائونڊ تي اکرن جو مناسب رنگ وڻندڙ آهي ۽ سهڻو پڻ.