جَا جَرَ جَاٽُون نَه ڏِئَي، ڏِيَا نَه مَوهَي سَڌُون ڪَوهُه ڪَرَي، سَا پَنهنجَي ڪَانڌَ جُون سُرُ سَامُونڊي جَرَ = پاڻي - هتي ٿيندو سمنڊ ۽ درياهه جو پاڻي. جر سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ جَلَ مان ورتو ويو آهي. جَاٽُون = ياترائون، زياترائون - هي لفظ جمع آهي واحد اٿس جاٽ معنى زيارت جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ياترا مان ورتو ويو آهي. مَوهَي = ارپي، تاري، وجهي، اڇلائي. هي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ موڪش مان ورتو ويو آهي.ڪَوهُ = ڇو، ڇا لاءِ ، ڇا جي ڪري؟ بيت جو پس منظر جا عورت يا نوجوان ناري پنهنجي وَرَ ، ڪانڌ، يا محبوب لاءِ سمنڊ يا درياهه تي وڃي ياترائون، زيارتون نه ٿي ڪري ۽ ڏيئا ٻاري پاڻيءَ کي نٿي ارپي. سا وري پنهنجي ڪانڌ، ور، مڙس، يا محبوب سان ملڻ جون ڪوڙيون سَڌون ڪيئن ۽ ڇو ٿي ڪري ؟ سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ اڳئين دور جي هڪ روايت کي فوڪس ڪري اسان کي درس ڏنو آهي. آڳاٽي دؤر ۾ سنڌي عورتون پرڏيهه ويل پنهنجي مڙسن ۽ محبوبن جي جلد واپسيءَ لاءِ سمنڊ ۽ درياهه تي وڃي کيس ڀيٽا پيش ڪنديون هيون، جنهن کي ياترائون يا زيارتون چئجي ٿو.زالون ۽ نوجوان ناريون اٽي جا ڏيئا ٺاهي، سڪائي انهن ۾ تيل ڀري ٻارينديون هيون ۽ مڃتا ۽ باس طور درياهه بادشاهه جي حوالي ڪنديون هيون ته جيئن سندن مڙس ۽ محبوبَ خير سلامتيءَ سان پرڏيهه مان واپس ڏيهه ورن. اڄ جي دور ۾ پڻ سُکائون ڏيڻ جو رواج موجود آهي.ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي ته سُتَي ۽ گهر ويٺي رڳو دانهون ڪرڻ سان محبوب ۽ منزلون ناهن ملنديون. محبوب ۽ منزلون ته اهي ماڻيندا جيڪي ڪوششون ڪندا ۽ جدوجهدون ڪندا. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل