شهيد مخدوم بلاول رحه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    شهيد مخدوم بلاول رحه

    سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    صوفي جي ايم ڪانڌڙو


    هر دور ۾ حق پرستن تي امتحان ۽ آزمائشون اينديون رهنديون آهن، حق ۽ باطل جي پرک ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي پر لالچ انسان کي اهڙو ته انڌو بنائي ڇڏي ٿي جو هن کي نه دين جي خبر رهي ٿي نه ڌرم جي، نه چڱي جي نه ئي بري جي تميز رهي ٿي. تاريخون پڙهي ڏسبيون ته هر دور ۾ علماءِ سوءِ دين جو غلط استعمال ڪندي، ڪيترن نيڪ دل درويشن تي واجب القتل جون فتوائون جاري ڪيون ۽ اهي حق جا راهي شريعت محمدي جو پاس رکندي جام شهادت نوش ڪندا ويا، منصور، شمس، تبريزي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم بلاول رحه اهڙين سازشن جو نشانو بنيا. مخدوم بلاول رحه جي زندگي تي هڪ نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ جو خون ناحق وهايو ويو هو. مخدم بلاول ذات جو سمون هو سندس والد جو نالو مخدوم حسن هو. مخدوم بلاول دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي ۾۴ربيع الال۸۵۶هه مطابق۱۶جون۱۴۵۱ع تي پيدا ٿيو. مخدوم بلاول جو ڏاڏو مخدوم محمد ادريس سمون لس ٻيلي جو حاڪم هو، مخدوم بلاول بادشاهي ماحول ۾ نپجڻ جي باوجود سادو هو، دنياوي معاملن ڏانهن سندس توجهه گهٽ رهندي هئي، ديني تعليم ۽ عبادت جو شوق گهڻو هوندو هيس. شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه جي مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽ حاصل ڪيائين، جنهن ۾ ناظره قرآن ۽ فقهه جا ڪتاب پڙهڻ سان گڏ عربي، فارسي، علم جي تعليم حاصل ڪيائين، سندس ذهانت جي ڪري مخدوم بلاول ڪافي ڪتاب بر زبان ياد ڪري ويو ان ڪري سندس استاد ۽ سمورا طالب علم کيس عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. پاڻ جڏهن وڏو ٿيو ته ڪورڪو ڪم اختيار ڪيائين ان زماني ۾ انهيءَ ڪم جو وڏو قدر هو، خدا جو سڀ ڪجهه هوندي به هڏن جي پورهئي کي ترجيح ڏنائين ۽ پنهنجي ڪورڪي پورهئي مان گذان ڪندو هو. انهيءَ نيڪ ڪرت کي ڀلاري ڀٽ ڌڻي به ساراهيو آهي. ”هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن.“


    مخدوم صاحب جا وڏا اصل ٺٽي جا رهواسي هئا پر پوءِ باغبان لڳ سيوهڻ ۾ اچي رهيا، ان وقت مخدوم دانيال نالي هڪ الله لوڪ درويش باغبان ۾ رهندو هو، مخدوم دانيال مخدوم صاحب جي صحبت ۾ گهڻو ايندو هو ۽ مخدوم جو معتقد بڻجي چڪو هو، هڪ ڏينهن مخدوم صاحب پنهنجي ڪم ۾ مشغول هيو ۽ مخدوم دانيال به سندس ڀرسان ويٺو هو ته سيد حيدر شاهه نالي هڪ سائل قافلي سميت اچي نڪتو. مخدوم صاحب آڏاڻي مان نڪري سندس استقبال ڪيو ۽ مخدوم دانيال کي مهمانن جي رهائش لاءِ الڳ جاءِ ٺاهڻ جو حڪم ڪيو ۽ مهمانن کي رهڻ لاءِ ۽ رهائش گاهه تي وٺي ويو. کاڌي جو به انتظام ڪيائون، مخدوم صاحب ٻه وڏيون ديڳون تيار ڪرائي کڻائي آيو، هڪ ۾ طاهري ۽ ٻي ۾ ڪڻڪ جو ڏارو هيو. چون ٿا ته جن طاهري کاڌي انهن جي قسمت ۾ به خدا پرستي ۽ دنياداري لکجي وئي ۽ جن ڏارو کاڌو تن کي ڪماليت ۽ بزرگي حاصل ٿي. ان وقت مخدوم دانيال شيخ ڀرڪڻ ۽ حيدر شاهه ڏارو کاڌو ۽ صاحب ڪرامت بڻجي ويا. اها خبر ٺٽي جي ميران محمد جونپوري کي پئي، سو ساڙ وچان اچي مخدوم صاحب جي خلاف ڳالهائڻ لڳو، آخر مخدوم صاحب سان ملاقات ڪرڻ جي خيال سان درياهي سفر ڪيائين ۽ ٻيڙي تي چڙهي روانو ٿيو. ٻيڙي تي رهندو عبادت جي ناز تي هيئن چوندي ٿي آيو اي بزرگو منهنجي ٻيڙي جي رسي ڇڪيندا هلو. اهو ٻڌي هر بزرگ پنهنجي حد ۾ رسي ڇڪي کيس اڳڀرو ڪندا آيا، سن وٽ حيدر شاهه جي حد هئي ۽ مخدوم صاحب جو مريد هيو ان رسي ڇڪڻ گوارا نه ڪئي، ان تي ڪاوڙ مان ميران محمد جونپوري لهي اڳتي وڌيو ته شاهه حيدر هڪ جتي جو پادر لاهي ٻيڙي ۾ اڇلايو ۽ چيائين هي منهنجي پير جو جوتو آهي جي ٻيڙي ۾ اونڌو پيو ته اوهان غرق ٿي ويندو ۽ سنئون پيو ته ٻيڙي غرق ٿي ويندي ان تي ميران محمد واپس موٽي آيو. هاڻي ميران محمد پڪو ارادو ڪيو ته مخدوم بلاول کي مارائي ڇڏجي. ٺٽي جا حڪمران ميران محمد جي اثر ۾ هيا ان کان اڳ هڪ تاريخي تذڪرو هن ريت آهي ته ڄام فيروز جي زماني ۾۹۱۴هه ۽۹۲۷هه ۾ جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون۹۲۸،۹۲۷هه سنڌ تي ڪاهه دوران باغبان وٽان لنگهائو ٿيو ته مخدوم بلاول رحه ۽ سندس مريدن قومي غيرت وچان مٿس حملو ڪيو پر شاهه بيگ سر بچائي ڀڄي ويو ۽ ٺٽي ۾ وڃي ڄام فيروز کان هڪ معاهدي تحت سيوهڻ جو علائقو هٿ ڪيو ۽ ٽلٽي ويجهو اچي سرندي وارن ماڻهن کي سڏائي پنهنجي بيعت وٺڻ شروع ڪيائين. ماڻهن بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪن ماڻهن شاهه بيگ کي ٻڌايو ته مخدوم بلاول ماڻهن کي منع ڪري رهيو آهي شايد اهي سبب آهن جن جي ڪري مخدوم صاحب تي مختلف الزام لڳايا ويا ۽ هڪ موچي کان جتي تيار ڪرائي وئي جنهن ۾ پاڪ ورق اندر رکيا ويا ۽ اها جتي مخدوم صاحب کي نذراني طور ڏني وئي پر مخدوم صاحب اها جتي پيرن ۾ ڪڏهن به نه پاتي هئي آخر ڪوڙا گواهه ڪري مخدوم صاحب تي الزام هنيو ويو ۽ عالمن کان بي حرمتي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا جي فتويٰ صادر ڪرائي وئي ۽ کيس گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو حڪم ڏنو ويو. مخدوم صاحب کي وقت جي قاضي صفائي ۾ ڪجهه چوڻ لاءِ چيو ته مخدوم صاحب چيو ته مان ڪجهه چوڻ نه ٿو چاهيان ۽ رضا الاهي تي راضي آهيان ان بعد جسم کي لوهي گهاڻي ۾ پيرن کان وٺي پيڙهي ڪباب مثل ڪيو ويو. سندس مريدن ۽ معتقدن سندس خون ۽ گوشت کي هڪ مٽي ۾ وجهي موجوده جاءِ تي دفن ڪيو. اها شهادت تاريخ پهرين محروم۹۲۹هه تي ٿي. شهيد مخدوم بلاول امر بڻجي ويو ۽ دشمن نيست و نابود ٿي ويا. مخدوم جي اڄ به روحاني حڪمراني قائم ۽ دائم آهي ۽ ماهه پهريون جمعو احترام سان ملهايو ويندو آهي. هڪ روايت آهي جڏهن مخدوم بلاول رحه کي شهيد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ۽ موچي کي اهڙي جُتي تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنهن ۾ پاڪ ورق رکيا ويا هئا اهو ڪمبخت موچي جڏهن جتي کڻي مخدوم صاحب جن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ اچي رهيو هو ته مخدوم صاحب اٿي ان جو استقبال ڪيو. ماڻهن ڏٺو ته هڪ موچي اچي رهيو هو ان جي هٿ ۾ جتي هئي. اها سائين جن کي پيش ڪئي. مخدوم صاحب جن ان موچي کي اوزار کڻي اچڻ جو چيو. موچي اوزار کڻي آيو. مخدوم صاحب جن انهن اوزارن کي غسل ڏيڻ لاءِ چيو. اوزار پاڻي سان پاڪ ڪيا ويا ۽ ان جتي کي کولرائي ورق ڪڍيا ويا ۽ ان چمڙي مان ٽوپي ٺهرائي وئي جيڪا مخدوم صاحب جن مخدوم ساهڙ جيڪو سندس خليفن مان هيو ان کي ڏني. هن واقعي کان اڳ ڪجهه ملان مخدوم صاحب وٽ آيا ته جيڪو شخص پاڪ ورق جتي ۾ رکي ۽ جتي پائي ته ان کي ڪهڙي سزا ڏجي. مخدوم صاحب جن فرمايو ته اهڙي گستاخ کي لوهي گهاڻي ۾ پيڙهائجي. ملن اصرار ڪيو ته اها فتويٰ پنهنجي هٿن مبارڪن سان لکي ڏيو. مخدوم صاحب جن لکي ڏني اڳيان هلي جڏهن سندس خلاف فتويٰ جاري ڪئي وئي ته مخدوم صاحب جن خدا جي رضا سمجهندي پنهنجي بچاءُ ۾ ڪجهه به نه چيو ۽ شهادت قبول ڪيائون ۽ کين قاضي قازن جي حڪم تي لوهي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. جڏهن کين پيڙيو پئي ويو ته اول پاڻ رنائون پوءِ مسڪرايائون. حاضرين پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي ان تي پاڻ فرمايائون ته اول غيب جا پردا هيا سوچيم هي جان جو نذرانو خداوند ڪريم جي درٻار ۾ پيش ڪيو اٿم قبول پيو يا نه، جڏهن پڪ پئي ته قبول ٿي ويو ته خوشي محسوس ٿي. مخدوم صاحب سنڌ تي ڌارين جي حڪمراني جو مخالف هو، ميران محمد جونپوري فتنو برپا ڪرڻ پي چاهيو ليڪن علماءِ ان وقت مخدوم بلاول رحه جو ساٿ نه ڏنو ۽ حڪمرانن جي دٻدٻي کان ڊڄي ويا. مخدوم بلاول رحه جي قرباني عشق جي قرباني هئي
     
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا مخدوم بلاول رحه جي سوانح حيات تمام سٺي بيان ڪئي اٿو
    الله سائين مخدوم جي هن قرباني کي قبول فرمائيندو.
     
  3. رضوان ساند

    رضوان ساند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    رانا انٽرپرائزز
    ماڳ:
    اصل: عمر ڪوٽ _ ويٺل : ڪراچي
    تمام زبردست:)
     
  4. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ادا اوهان جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو