شاعر، ٽي وي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار سميع بلوچ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    خوبصورت شاعر، ٽي وي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار
    محترم سميع بلوچ
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سميع بلوچ جو پورو نالو سميع الله بلوچ آهي، سندس پيدائش 19 آڪٽوبر 1955 ۾ ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ ضلع خيرپور ۾ ٿي. مئٽرڪ سيٺارجا هاءِ اسڪول ۽ انٽرميڊيئيٽ : فيڊرل گورنميٽ ڪاليج اسلام آباد مان، بي اي آنرس ، ايم اي انٽرنيشنل رليشنز شاهہ لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪيائون.

    هن وقت پاڻ پروڊيوسر/ڊائريڪٽر ڊراما ۽ موسيقي؛ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي رهيا آهن. سميع بلوچ پاڪستان ٽيليويزن جي اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا سينٽرن تان بہ ڪافي اردو بلوچي براهوي پنجابي ڊراما ۽ مختلف پروگرام موسيقي جا بہ پيش ڪري چڪو آهي،سميع بلوچ 1990 ۾ جپان ٽيليويزن تي پروڊڪشن جي ٽريننگ بہ حاصل ڪئي.

    سميع بلوچ 1977 کان شاعري جي حوالي سان سڃاڻپ پئدا ڪئي،سندس ڪيترائي ڪلام سنڌجي مقبول فنڪارن ڳايا آهن جن مان سندس ڪجهہ ڪلامن بيحد مقبوليت ماڻي جن ۾

    (1) تنهنجي ياد جي وري آوير جنهن ڪلام سان سرمد سنڌي مقبوليت ماڻي ۽

    (2)هوءَ ڪيڏي نہ بي چئي آ گهڻو مشهور آهن.

    سميع بلوچ فوٽوگرافيءَ سان بہ دلچسپي رکندو آهي خاص طور تي پاڻ قدرتي منظرن جي فوٽوگرافي ڪرڻ پسند ڪندو آهي سندس فوٽوگرافيءَ جي تعريف جپان ٽيليويزن جي ڊائريڪٽرن بہ ڪئي.

    سميع بلوچ پي ٽي وي تي نون فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ کي پسند ڪندو آهي، سندس متعارف ڪرايل فنڪارن ۾ سرمد سنڌي، احمد مغل، راجہ مدثر هاليپوٽو تمام گهڻي شهرت ماڻي چڪا آهن

    سميع بلوچ جي شاعريءَ جي مجموعو "خوابن جا خواب" جي نالي سان جلد منظر عام تي اچڻ وارو آهي.

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو